ملير ۾صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو ۽ ليکڪ گل حسن ڪلمتي کي ايوارڊ سان نوازڻ واري تقريب

'مختلف موضوع' فورم ۾ جاويدجوکيو طرفان آندل موضوعَ ‏14 مئي 2010۔

  1. جاويدجوکيو

    جاويدجوکيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 آگسٽ 2009
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    ماڳ:
    ڪراچي
    ملير ۾صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو ۽ ليکڪ گل حسن ڪلمتي کي ايوارڊ سان نوازڻ واري تقريب
    جاويد جوکيو[/center​
    ]

    بحثيت قومم، انسان پنهنجي ڇاتيءَ ۾ جاتي پايون تـ ٻين اوڻائين سان گڏ هڪڙي آڻ سُهندڙ ڳالهـ هيءَ بـ نظر ايندي تـ قوم لاءِ اثاثن جي حثيت رکندڙ شخصيتت ۽ ڪردارن جو وقتاتئو قدر ڪري ۽ قوم لاءِ سندن ڪيل ڪ، کي مڃتا ۽ مان ناهيون ڏيئي سگهندا، جيڪو اسان مٿان فرض هوندو آهي، ائين نٿا چئون تـ سنڌ ۾ ” مُحسن سنڏيت “ جو قدر اصل ٿئي نٿو اها روايت اسان وٽ بـ آهي پر صفا ڪمزور حالت ۾، عموم ٿيندو ائين آهي تـ.قوم لاءِ انهن اثاثن جهڙي حثيت رکندڙ شخصيتن مان جڏهن ڪو ڪردار اسان کان وڇڙي هميشـ لاءِ ڏور پري هليو ويندو آهي تڏهن اسان اُن شخص ڪردار جي کوٽ محسوس ڪندي سندس چڱاين ۽ سُٺاين جا دفتر کولي، قوم لاءِ ڪيل سندس ڪم جا ڪلما ڀريندي ٿڪبا ناهيون، شايد انهيءَ جي ڪري ئي سنڌ کان ٻاهر جي دنيا اسان کي ” سنڌي مرده پرست قوم آهن “ جو مهڻو ڏيندي رهي آهي.
    پر تنهن هوندي بـ سنڌ جي هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ ٿورائي سهي ڪري اهڙا ماڻهو ڪي اهڙيون ڳوٺاڻيون تنظيمون موجود آهن ،جيڪي ان ”وقتائتو قدر“ ڪرڻ واري روايت کي نـ صرف جئيرو رکنديون پيون اچن پر ان ڪمزور روايت کي صحتياب ڪرڻ لاءِ پڻ ڪم ڪري رهيون آهن.
    ملير ۾ ” علي نواز جوکيو ڳوٺ ترقياتي تنظيم “ بـ سنڌ جي ٻين اهڙين ڳوٺاڻين تنظيمن منجهان هڪ آهي جيڪي ڳوٺن جا بنيادي سطحي مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ وجود ۾ اينديون آهن ۽ ڪوشان رهنديون آهن، پر هن تنظيم جي دوستن خاص ڪري براد جوکيو۽ ٻين جي ڪوششن سان ” سنڌ ڪاز “ لاءِ ڪم ڪندڙ مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن کي سندن لائيف ۾ ” مڃتا ايوارڊ“ سان نوازڻ جي گهٽ ۾ گهٽ هتي ملير جي ڳوٺن ۾ هڪ نئين ۽ منفرد روايت جو بنياد پيو آهي، انهيءَ سلسلي ۾ ڪراچي جي تاريخ ۽ تحقيق تي لڳاتار 8 سال ڪم ڪري ڪراچيءَ کي صدين کان سنڌين جو شهر ثابت ڪندڙ ” ڪراچي سنڌ جي مارئي “ڪتاب جي مُصنف محترم گل حسن ڪلمتيءَ کي ” مڃتا ايوارڊ “ ۽ سياست جي محاذ تان ڪراچيءَ جي سنڌي، بلوچ وسندين جي حقن لاءِ جدوجهد جاري رکندڙ پ پ ملير جي اڳواڻ سنڌ صوبائي اسمبلي جي ميمبر ۽ زڪوات عشر جي صوبائي وزير سنڌ محترم محمد ساجد جوکيو کي ” حُسن ڪارڪردگي “ ايوارڊ ڏيڻ جي هڪ پُر وقار تقريب درساڻو ڇنو جي مذڪوره علي نواز جوکيو ڳوٺ ۾ لهندڙ سج کان ڪجهـ لمحا اڳ منقعد ڪئي ويئي هئي جنهن جو احوال ڪجهـ هنئين آهي.
    ڳوٺ جي پرائمري اسڪول واري ڪُشادي ميدان ۾ ديده زيب ۽ سنڌيت جا عڪس ورهائيندڙ خوبصورت ۽ ڪُشادو ڇنو تيار ڪيو ويو هُيو، جنهن ۾ هڪ وڏي ۽ ويهـ کن ماڻهن ويهڻ جو وڏو اسٽيج تيار ڪيل هو، اسٽيج پويان علي نواز جوکيو ترقياتي تنظيم جي ايوارڊ تقريب جو ڪافي ڊگهو ڀينر لڳل هو جنهن تي ساجد جوکيو ۽ گل حسن ڪلمتيءَ کي ملندڙ ايوارڊ جا نالا لکيل هُئا ٻئي طرف اسٽيج جي ٻنهي پاسن کان لطيف جي بيتن وارا ۽ ڳوٺاڻن پاران ڀليڪار وارا ڀينر سجايل هُئا اُن سان گڏ گراونڊ کي ڏنل چار ديواريءَ جي مختلف حصن تي خوبصورت لکائي سان مرحبائي جُملا ۽ لطيف، اياز ۽ بخاريءَ جا بيت ملير جي اڱڻ ۾ ملهائجندڙ هن تقريب جي سُونهن ۾ سنڌي ٽوپيءَ ۾ چمڪندڙ ستاري جيان وڌيڪ ٻهڪي رهيا هُئا جن مان هڪ اوهان پڙهندڙن جي نظر ڪجي ٿو.
    ٿر تي ٿڌو چنڊ، ڀني رات ملير جي
    ڄڻ هي سارو منڊ، مهڪيو تو لئـ مارئي.​
    دير سان پهچڻ واري روايت کان هٽي ڪري ساجد جوکيو صاحب جيڪو هن تقريب جو صدر بـ هو ڏنل فڪس ٽائيم تي پهتو تـ ماڻهن کي خوشگوار حيرت ٿي، خاص مهمان ڄام اويس بجار خان، اڳوڻون ناظم امداد جوکيو، ۽ ٻيا سندن دوست گڏ ڇني ۾ داخل ٿيا تـ ماڻهن اُٿي بيهي سندن پُر جوش استقبال ڪيو ان دوران تقريب جو ٻيو خاص مهمان اڳوڻون صوبائي وزير ۽ اڳوڻون ضلح ڪائونسل ڪراچيءَ جو چيرمين عبدالحڪيم بلوچ، پهتو، ملير بچايو اتحاد جو سرواڻ سائين خدا ڏنو شاه ۽ سابق صوبائي وزير شفيح محمد ڄاموٽ، صاحب گڏجي ڇني ۾ داخل ٿيا، ٿوري وٿيءَ سان پ پ ملير جو صدر راجا عبدالرزاق پهتو تـ ڇنو جيئي ڀٽو۽ زنده آهي بيبي جي نعرن سان گونجي اُٿيو.
    پروگرام جي ڪاروائي هلائڻ لاءَ براد ۽ مون جاويد گڏجي اسٽيج سيڪريٽري جا فرض نڀائڻ شروع ڪيا.
    سڀ کان پهرين ڄام اويس بجار خان کي سڏي اسٽيج تي ويهاريو ويو، تنهن کانپوءَ واري واري سان ساجد صاحب ، عبدالحڪيم بلوچ، گل حسن ڪلمتيءَ، حاجي شفيح محمد ڄاموٽ، خدا ڏنو شاه، مير عباس ٽالپر، راجا رزاق، مرتضيٰ يار محمد، امداد جوکيو، لالا اسلم، نواز خاصخيلي، خليل واڍيلو، حاجي امير جوکيو، ۽ صالح محمد بلوچ، منظور احمد ميمڻ نورحسن جوکيو، علي محمد گبول کي اسٽيج تي گهرايو ويو.
    ڪلام پاڪ جي تلاوت لاءِ ذولفقار درس۽ نعت شريف جي سعادت شاگرد انور جوکيو حاصل ڪئي.
    بکيا دل جا اُڍيڙي ڇڏياسين، لکين لال ۽ موتي نکيڙي ڇڏياسين
    ستارا لاهي سگهياسين نـ اوهان لئـ . بس راهن تان ڪنڊا ۽ ڪوڪا ميڙي ڇڏياسين
    جي سٽن سان ڳوٺ جي ماستر عبدالقيوم جوکيو آجياڻي تقرير ڪئي.
    تنهن کانپوءِ آيل مهمانن جي عزت افزائي لاءِ ڳوٺ جي سريال ۽ معزز فقير محمد موسٰي جوکيو نور زمان درس، حنان جوکيو، ظفر علي درس، ولي محمد درس، محمد علي بچاڻي، صمد لاسي مير جوکيو ۽ ٻين پاران کين اجرڪون اوڍائڻ جي رسم ادا ڪئي ويئي.
    تنهن کانپوءِ تقريرن جو سلسلو شروع ڪيو ويو
    هن تقريب جي منتظم ۽ منهنجي ساٿي براد جوکيو چيو تـ اڄ هتي ملير جي سمورن ساڃاه وندن کي گڏ ڪرڻ جو مقصد فقط ايترو آهي تـ اسان سڀ گڏجي ساجد جوکيو ۽ گل حسن ڪلمتيءَ کي خراج تحسين پيش ڪريون، ساجد جوکيو جون خدمتون ڪراچي جي سنڌين،بلوچ آبادين لاءِ کليل ڪتاب وانگر آهن. هن اسان جي هن ڳوٺ کي بـ ڪوششون وٺي سوئي گيس جي بنيادي سهوليت فراهم ڪئي آهي. اهڙي نموني ملير جي هر ڳوٺ ۾ هن ملير جي هر ۾ هن صاحب جو ڪجهـ نـ ڪجهـ ڪم ضرور ڏنل آهي. هن ساجد جوکيو کان مطالبو ڪندي چيو تـ هنئير جئين تـ اوهان سنڌ حڪومت جو حصو آهيو، هن اسڪول جي زبون حاليءَ ڏانهن اشارو ڪندي اسڪول بلڊنگ ۽ ڳوٺ جي ٻن نوجوانن کي سرڪاري نوڪري ڏيارڻ جي درخواست ڪئي، ۽ ملير پيڪيج مان راجا رزاق کي اپيل ڪئي تـ ڪميونٽي هال ٺهرائي ڏنو . گل حسن ڪلمتي ۽ سندس ڪتاب ” ڪراچي سنڌ جي مارئي “ متعلق هن چيو تـ گل حسن ڪلمتيءَ ڪراچي جي تاريخ جو مير علي شير قانع آهي جنهن توهان ۽ اسان جي تاريخ جو بنياد وجهي توهان ۽ اسان کي اچڻ وارن زمانن تائين زنده ڪري ڇڏيو آهي، هن ويٺل سمورن ماڻهن تي زور ڀريو تـ ڪراچي ۽ سنڌ جي هن تاريخي ڪتاب کي ضرور پڙهو. هينڊز جي خليل واڍيلو چيو تـ مون خوشي آهي جو اسان سان گڏ ڪم ڪندڙ علي نواز جوکيو ترقياتي تنظيم ملير جي هنن ٻنهي عظيم شخصيتن جي مان ۾ هيءَ تقريب منقعد ڪئي آهي. هن چيو تـ هي ڳوٺ واقعي پسمانده آهي پر هنن دوستن جو حوصلو بلند آهي، اسان پنهنجي طور تي ڪم ڪري رهيا آهيون پر اسان گورنمنٽ جو متبادل نٿا ٿي سگهون، ان ڏس ۾ هن ڳوٺ جي ترقي لاءَ موجود ويٺل نمائيندن کي خصوصي توجـ ڏيڻ جي ضرورت آهي. پ پ اڳواڻ مير عباس ٽالپر ڳالهائيندي چيو تـ گل حسن ڪلمتيءَ اسان جو پراڻو دوست آهي، ڪلمتي جي ڪچهري هميشـ ملير ۽ ملير جي ماروئڙن جي موضوع تي منحصر هوندي آهي اسان اُميد ٿا ڪريون تـ هو ڪراچي ۽ سنڌ جي تاريخ تي وڌيڪ تحقيقي ڪم جاري رکندو.
    اڳوڻي درساڻو ڇنو جي ناظم امداد علي جوکيو چيو تـ ڪراچي جي سنڌين ۽ بلوچن کي هن وقت مختلف طرفن کان صفحـ هستيءَ تان مٽائڻ جون ڪوششون جاري آهن. جنهن لاءِ هن وقت اسان کي متحد ۽ متفق ٿيڻ جي اڳ کان وڌيڪ ضرورت آهي. اهڙين حالتن ۾ ساجد جوکيو، حڪيم بلوچ، شفيح محمد ڄاموٽ، ۽ خدا ڏني شاه جي اڳواڻي اسان کي تحفظ جو احساس ڏياري ٿي، هن چيو تـ گل حسن ڪلمتيءَ سالن جا سال محنت ڪري جيڪا تاريخ رقم ڪئي آهي اسان سمورا ملير ڪراچيءَ ۽ سنڌ واسي سندس ٿورائتا آهيون.
    خدا ڏنو شاه چيو تـ تاريخ جو پيرو کڻڻ ۽ اُن تي تحقيق ڪرڻ ڪيڏو ڏکيو ڪم آهي اُن جو احساس هڪ تاريخ نويس ۽ قلمڪار کي ٿي سگهي ٿو. هن چيو تـ ساجد جوکيو جون سياسي خدمتون ۽ گل حسن ڪلمتيءَ جون ادبي ۽ تاريخ نويسيءَ جون خدمتون ڪڏهن فراموش ڪرڻ جهڙيون ناهن.
    حاجي شفيح محمد ڄاموٽ تقرير ڪنڌي چيو تـ آئون ساجد جوکيو ۽ گل حسن ڪلمتيءَ کي ايوارڊ ملڻ تي مبارڪباد ٿو ڏيان. هن چيو تـ اڄوڪي هيءَ تقريب ثابت ٿي ڪري تـ ملير جا ماڻهون بيقدرا ناهن ضرورت صرف اسان کي پنهنجو صحيح ڪردار ڪرڻ جي آهي هن مطالبو ڪيو تـ ملير سميت ڪراچيءَ جا پراڻا ضلعا ۽ ضلع ڪائونسل ڪراچي کي بحال ڪيو وڃي.
    اڳوڻي صوبائي وزير عبدالحڪيم بلوچ چيو تـ ملير ۾ ان نوعيت جي هيءِ پهرين ۽ منفرد تقريب آهي جيڪا ڪنهن ڪتاب جي متعلق ۽ هڪ سياستدان کي سياسي خدمتن جي عيوض ايوارڊ ڏيڻ جي روايت وڌي پئي وڃي، نـ تـ سياستدانن کي آخري وقت تائين بـ ڪو سُٺن لفظن سان بـ ڀيٽا ناهي ڏيندو. گل حسن ڪلمتي ۽ ساجد جوکيو جي حوصلـ افزائي لاءِ هرڳوٺ ۾ اهڙيون تقريبون منقعد ٿيڻ کپن . هن چيو تـ اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون تـ پاڪستان بوڪ فائونڊيشن ۽ گڏاپ ٽائون جي تعاون سان در محمد بلوچ ڳوٺ درساڻو ڇنو ۾ ڪتاب گهر قائم ڪريون، هن چيو تـ ريتي بجري ۽ ٻين ٿيندڙ ڏوهن طرف پڻ ساجد جوکيو جي توجـ ڇڪائي.پ پ ملير جي صدر راجا رزاق بلوچ چيو تـ مون کي خوشي آهي تـ علي نواز جوکيو ڳوٺ ترقياتي تنظيم جا دوست اسان جي ٻن جيالن ساجد جوکيو ۽ گل حسن ڪلمتيءَ کي سندن محنت جي صلي ۾ حُسن ڪارڪردگي ۽ مڃتا ايوارڊ سان نوازي رهيا آهن. هن چيو تـ ايوارڊ وٺڻ کانپوءَ ساجد جوکيو۽ گل حسن ڪلمتيءَ جي ڪُلهن تي وڌيڪ ذمينداري عائد ٿي ٿئي تـ هو ملير جي پٺتي پيل ڳوٺن لاءَ جدوجهد کي وڌيڪ تيز ڪن، هن ان ڳالهـ جو پڻ ذڪر ڪيو تـ ڳوٺن کي ڊاهڻ ۽ اصلوڪن رهواسين سان ٿيندڙ زيادتين خلاف وزير اعليٰ کي دانهن ڏني آهي.
    مُنهنجي اسٽيج ساٿي براد هتي شيلڊن جا ٻـ خوبصورت باڪس منهنجي حوالي ڪندي سڄي پنڊال کي متوجـ ڪري چيو تـ اسان اڄ جي موقعي تي ايوارڊ تـ صرف سائين ساجد جوکيو ۽ سائين گل حسن ڪلمتيءَ کي ئي ڏيئي رهيا آهيون پر اسان اسٽيج تي ويٺل سمورن ملير جي اڪابرين کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جيڪي پنهنجو مٽ پاڻ آهن، هن درخواست تي پورو هڪ منٽ تاڙيون وڄائي سمورن دوستن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو.
    جنهن کانپوءِ وڄندڙ تاڙين جي گونج ۾ صوبائي وزير ساجد جوکيو جي هٿان ڪراچي سنڌ جي مارئي ڪتاب جي ليکڪ گل حسن ڪلمتيءَ کي ”مڃتا ايوارڊ “ ۽ تقريب جي خاص مهمان سردار ڄام اويس بجار خان جي هٿان ساجد جوکيو کي ” حُسن ڪارڪردگي ايوارڊ سان نوازيو ويو.
    گل حسن ڪلمتيءَ پنهنجي خطاب دوران چيو تـ آئون علي نواز جوکيو ڳوٺ جي دوستن سميت تمام ملير واسين جو شڪر گذار آهيان ۽ مون کي خوشي آهي جو اوهان منهنجو قدر ڪيو ۽ وڌيڪ خوشي تڏهن ٿيندي آهي جڏهن هر ملير ملير واسي ۽ هر سنڌي هن ڪتاب کي پڙهي. هن ٻڌايو تـ سندس انهي ڪتاب ڪراچي سنڌ جي مارئي کي بـ گذريل هڪ سو سالن دوران لکيل هڪ سُو ”بيسٽ بُڪس “ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جيڪا اوهان سڀني لاءِ اعزاز جي ڳالهـ آهي.
    هن تقريب جي صدر ۽ آخر مقرر صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو پنهنجي خطاب دوران چيو تـ آئون علي نواز جوکيو ڳوٺ واسين سميت اوهان سمورن ملير واسين جو ٿورائتو آهيان جو اڄ هڪ دفعو ٻيهر اوهان گل حسن ڪلمتيءَ ۽ منهنجي مان ۾ تقريب جو اهتمام ڪيو آهي.
    هن چيو تـ مختلف دوران ۾ ڌارين هٿان ٿيندڙ ڪاهن جي نتجي ۾ اسان کي پنهنجي ڌرتيءَ سان گڏ پنهنجي شاندار تاريخ کان بـ محروم ڪيو ويو، پر جس آهي گل حسن ڪلمتيءَ جهڙن مورخن ۽ تاريخدانن کي جن پنهنجي اکين جو نور نچوئي ڪُتب خانن جو ورق ورق اُٿلائي لُڪ ۽ ڪاڙهي جي پرواه ڪرڻ بنا تاريخي ماڳن مڪانن مڙهين کي ڳولهي لهي ڪراچيءَ ۾ صدين تائين اسان سنڌين جو پاڙون ثابت ڪري ڏنيو آهن، ۽ اسان کي حقيقي معنٰي ۾ اهو احساس ڏياريو آهي اهو اعتماد ڏياريو آهي تـ سنڌ ڌرتيءَ جا حقيقي مالڪ ۽وارث اسان سنڌي جئيرا آهيون، انهن جون دعوائون اجايون آهن جن جي هتي ڪا تاريخ ناهي.
    هن ڏکاري انداز ۾ ڳالهـ ڪئي تـ پنهنجا جنهن تيزي سان ڌرتيءَ وڪڻي رهيا آهن اُن کي ڏسندي لڳي ٿو ايندڙ ڪجهـ سالن تايئن اسان وڌيڪ مشڪلاتن ۾ ڦاسجي وينداسين ۽ ايوانن ۾ نمائندگي تـ ٺهيو پر ڪائونسلر چونڊرائڻ بـ ڏکيو ٿي پوندو.
    هن چيو تـ ملير ضلعي جي بحالي هتان جي عوام جي وڏي گُهر آهي، جنهن لاءِ اسان ڪوششون ڪري رهيا آهيون انشاالله ملير سميت ڪراچيءَ جا اڳوڻا ضلعا بحال ڪيا ويندا. هن اُن موقعي تي علي نواز جوکيو ڳوٺ لاءَ اسڪول بلڊنگ ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو.
    توتي دوار دل جا ڪڏهن نـ ٻوٽبا
    جڏهن وڻيئي هليو آ، ٻـ لڙڪ آلا پوءِ بـ هوندا
    متان چوين تـ منهنجي آجيان نـ ٿيندي​
    انهن سٽن سان هي پروقار تقريب پنهنجي پڄاڻيءَ کي پهتي هُئي .​
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ملير ۾صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو ۽ ليکڪ گل حسن ڪلمتي کي ايوارڊ سان نوازڻ واري

    دوست جاويد جوکيو صاحب، دير آيد درست آيد ۔۔۔ جيئان ڪافي ڏينهن لاتوَ پر پوءِ به شڪر آيا ته سهي ۽ پاڻ سان گڏ انتهائي سٺي خبر پڻ کڻي آيا ۔۔۔ اوهانجي ڳالهه سان سهمت ٿبو ته اسان وٽ سنڌين ۾ جيئرن ڪردارن کي شاباشي ڏيڻ جو رواج مڙوئي ڪجهه گهٽ آهي پر تنهن هوندي به ڪي سڄاڻ تنطيمون اهو ڪم ڪن پيون ته انهن کي لک شاباشون هجن ۔۔۔
    مون سائين ڪلمتي صاحب جي لکيل ڪتاب بابت ٻڌو ته گهڻو آهي ۽ انشاء الله سنڌ اچبو ته اهو ڪتاب ڳولها ڪري خريد ڪبو ۔۔۔ اسين سنڌ واسي سائين ڪلمتي صاحب جا ٿورائتا آهيون جو هن ان ڏس ۾ قلم کنيو ۽ سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم باب محفوظ ڪري اسانجي هٿن تائين پهچايو۔۔۔ اسانجي پاران کيس مبارڪون چئجو ۔۔۔

     
  3. جاويدجوکيو

    جاويدجوکيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 آگسٽ 2009
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    10
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    273
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ملير ۾صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو ۽ ليکڪ گل حسن ڪلمتي کي ايوارڊ سان نوازڻ واري

    سائين توهان جي مهرباني حوصلا افزائي ڪرڻ جي ۽ توهان جي پاران ڪلمتي صاحب کي مبارڪباد زرور ڏيندس مهرباني
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ملير ۾صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو ۽ ليکڪ گل حسن ڪلمتي کي ايوارڊ سان نوازڻ واري

    سائين جوکيا صاحب سائين ابڙو صاحب جن ڪتاب جي لڪيل لفظن ۾ فرمائش به ڪئي آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو