• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مائيڪروسوفٽ ڪمپني ونڊوز 9 کي ختم ڪري 10 رليز ڪري ڇڏي

عامر خان چاچڙ

سينيئر رڪن
دوستو اسلام عليڪم
انتظار جو گهڙيون ختم ٿيون ۽ مائيڪروسافٽ ڪمپني پنهنجي نئين آپريٽنگ سسٽم ونڊوز 10 جو آغاز ڪري ڇڏيو جنهن ۾ ونڊوز 7 ۽ 8 جي خاميُن تي سخت ڪم ڪري اُهي تبديليون ونڊوز 10 ۾ رکيون آهن
مائيڪروسوفٽ جو چوڻ آهي ته ونڊوز 10 اڄ تائين جي سڀ کا جديد ونڊو آهي ۽ اهو به ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته هن کان پوءِ ڪا ونڊوز نه ايندي ڇو ته ان ۾ مائيڪروسافٽ پنهنجي سخت محنت کان پوءِ تمام آساني ڪري ڇڏي آهي ونڊوز استعمال ڪندڙن لاءِ ونڊوز 9 کي مڪمل ختم ڪيو ويو آهي اگر ڪا ونڊوز 9 جي نالي توهان ونڊوز ڏسو ته اکيو بند ڪري اهو چئي سگهو ٿا ته اُها ونڊوز نقلي آهي ۽ لوڪل طريقي سان دريافت ڪئي وئي آهي ڇو ته مائيڪروسافت ونڊوز 9 کي ختم ڪري ان جي جاءِ تي ونڊوز 10 رليز ڪئي آهي ونڊوز 10 ڊيسڪٽاپ جو حقيقي اسڪرين شاٽ توهان جي نظر ڪيان ٿو

ZPOGqRk.jpg


توهان ان تصوير ۾ ڏسي سگهو ٿا ته هن ونڊوز ۾ ونڊوز 7 وانگر اسٽارٽ مينيو رکيو ويو آهي ۽ ان ۾ ونڊوز 8 وارا ايپليڪشن لُڪس ڏنا ويا آهن
اميد ڪيان ٿو توهان کي منهنجو لکيل موضوع پسند آيو هوندو
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
ادا مان به اها خوشخبري رکڻ لا هتي ڪلڪ ڪيو تنهن کان اڳ ۾ اها اوهان خوشخبري ٻڌائي تمام سٺو ڪيو ۽ پنهنجو فرض به خوبي نڀايو ان لا اوهان کي مبارڪون ۽ دعائون

پر اوهان هتي لنڪ ڏنا ڪونه هئا ان ڪري مان هتي هڪ لنڪ رکيان پيو دوستن کي پسند ايندو

هن لنڪ تي ڪلڪ ڪري اوهان وينڊوز ڊائونلوڊ ڪري سگهو ٿا.
 
Back
Top