اسان جي ديس جا دودا

نظم

اسان جي ديس جا دودا لڳل سنڌ نينه ۾ نهرا
وطن جي حد جا پيري ڏين ٿا پيا سدان پهرا

اسان جا ڪانڌ هي ڪونڌر ،جڏهن ڪرڙو موڙي جاڳيا
ڀڄي هي ڀور سڀ ٿيندا ، اهي هي ڪوٽ سڀ ڪنگرا

اٿم ويساه مارن تي پڙهي تاريخ پيو تانگهيان
ولر ٿي هي وڙهي وڙهندا ، دشمن سان ٻڌي سندرا

سدائين ديس لئه اونو رکي جيءَ جي جيئن جيئڙا
اهي دلبر دلارا ديس، جا دوله اٿي پڌرا

اڪيلا ڀي هي ڪوڏيا ٿي جاجڪ ساڻ جهيڙي ۾
ڪري هڪلون هنبوشن سان ، ائين هي جيئن هجن سگهرا

امڙ سنڌ جا هي وارث پٽ ، اٿي پيا اوج سان اهڙو
دشمن کي لڳي دانگي ڏسو تن جا ڀنل چهرا


رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top