• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هر لفظ ۾ مطلب هوندو آهي

عامر خان چاچڙ

سينيئر رڪن

هر لفظ ۾ مطلب هوندو آهي ۽ هر مطلب ۾ فرق هوندو آهي
زندگي ۾ 2 شيون ختم ٿيڻون آهن
ساهه ۽ ساٿ

ساهه ختم ٿيڻ سان انسان هڪ ڀيرو مرندو آهي

پر ساٿ ختم ٿيڻ سان انسان بار بار مرندو آهي
وقت ۽ پيار زندگي ۾ تمام اهم هوندا آهن

وقت ڪنهنجو ناهي هوندو ۽ پيار هر ڪنهن سان ناهي ٿيندو

ننڊ ۽ موت

ننڊ اڌهه موت آهي

۽ موت مڪمل ننڊ

وقت ۽ ساٿ گڏ ڪنهن خوش قسمت ماڻهون کي ئي ملندا آهن

ڇو ته اقصر وقت تي ڪجهه سمجهه نه ايندو اهي ۽ سمجهه اچڻ تائين وقت نه رهندو آهي
خوش قسمت اهو نه آهي جنهنجي قسمت سُٺي آهي بلڪه خوش قسمت اُهو آهي جوڪو پنهنجي قسمت تي خوش آهي




 
Back
Top