• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ جي سياسي تنظيمن کي صلاح

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
سنڌ جون سياسي تنظيمون پنهجي ڪارڪردگي بهتر بڻائن

سنڌ اندر سڀني سياسي تنظيمن کي پنهنجي ڪارڪردگي بھتر بڻائڻ گھرجي ۽ پوءِ پنهنجي ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي ئي عوام ۾ وڃڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته عوام ئي بهتر جج هوندو آهي پر اسان وٽ اهو رواج هرگز ناهي ـ هت ٻين کي گاريون ڏئي ۽ ڪوڙي سچي پرچار ڪري ٻين جي کاتي ۾ وجھي، پنهنجو اميج بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ۽ پوءِ اهڙيون تنظيمون گلا ڪن ٿيون ته سنڌ جو عوام اسان کي موٽ ڪونه ٿو ڏئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن سنڌي عوام کي به گاريون ڏين ٿيون ـ
مخالفن کي سکڻيون گاريون ڏيڻ ۽ ٻين جون رڳو اوڻايون ڳڻائڻ ته بهتر ڪارڪردگي ناهي ـ اهڙين تنظيمن کي پنهنجي ڪارڪردگي حقيقي معنى ۾ بهتر بڻائڻي پوندي ۽ ڀتا خوري، پلاٽن تي قبضا، تاوان حاصل ڪرڻ لاءِ اغوا، گينگ ريپ، موبائيل سنيچنگ وغيره جھڙن ڏوهن کان جان آجي ڪرڻي پوندي ۽ پاڻ کي آئيڊيل رول طور پيش ڪرڻو پوندو ـ
اسان وٽ حالت اها آهي ته ملٽري ڊڪٽيٽرن جا ڏوهه ٻين مخالف سياسي پارٽين جي کاتن ۾ وڌا وڃن ٿا ۽ ملٽري ڊڪٽيٽرن جا سنڌ سان ڪيل هاڃا مجال آهي جو انهن جو ڪٿي ذڪر ڪن ـ سڇ ته اهو آهي ته حُب علي ۽ بغض معاويا ۾ جنرل ضياءِالحق جھڙا ملٽري ڊڪٽيٽر هنن جا اڻ سڌي ريت هيرو آهن ـ اهڙين تنظيمن جا اڳواڻ، اُٺ پکيءَ وانگيان واريءَ ۾ منڍي لڪائي سمجھن ٿا ته طوفان ٽري ويو آهي ـ
جيڪي سنڌ اندر ڪنهن ٻي سياسي پارٽيءَ جي مقبوليت کان تنگ آهن، انهن کي پنهنجي اعلى ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي ۽ پاڻ کي ماڊل رول طور پاڻ کي پيش ڪرڻو پوندو ـ اهي ڏينهن لنگھي ويا جڏهن ٻين کي گاريون ڏئي پنهنجو قد وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي هئي ـ
 
Back
Top