معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
- دوستو!
- گذريل ڳچ وقت کان ذهني طور تي ڀڃ ڊاهه جو شڪار آهيان، جنهن ڪارڻي ”سنڌ سلامت“ جي اوطاق تان الوپ رهيس. دل جي روڳ ۾ ورتل اميءَ (منهنجي ماءُ) جو الڪو، اڊڪو، دوا دارو لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪرڻ ۽ مٿان وري اوچتو بابا جو هميشه لاءِ ساٿ ڇڏي وڃڻ، ان قسم جي ڇڪتاڻ مون کي نستو ڪري ڇڏيو. بابا عيد کان پنج ڏينهن اڳ هميشه لاءِ اسان کان وڇڙي ويو، اندر ئي اندر ۾ڏاڍو لڇيس، ڦٿڪيس پر لڙڪ اکين جي وٿين منجهه ئي خشڪ ٿي رڪجيو ويا، دل چيو ته ٻوڪڙ ڪري روئان پر روئي نه سگهيم هانءُ تي هاڻ به ٻوجهه ڀانيان ٿو، بس اندر مان آهه ۽ اڊڪو نڪريو اچيم ٿو، جيڪو ڪنهن سانت ڀري سڏڪي جي صورت ۾ منهنجي وجود کي لوڏي وجهيم ٿو.
- بس دوستو! اوهان جو ڏڍ ۽ آٿت گهرجي، جيئن حوصلي کي ٻل ملي.