• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هوش محمد شيدي ۽ حيدر چوڪ حيدرآباد

* 1986 کان ( جڏهن ايم ڪيو ايم ظاهر ٿي ) تڏهن کان وٺي حيدرچوڪ جي سياسي تقدير به سنڌ کي نقصان پهچائڻ ۾ دير ناهي ڪئي ، اها ٻي ڳالھ آهي ته شيطاني يا شرارت ڪرڻ ۾ پراوا به شامل آهن .
1986 کانپوء ايم ڪيوايم حيدرچوڪ تي پنهنجن ” اڪابرين “ جا ڦوٽو ته لڳايا ، ڄڻ ته حيدرآباد کي باه لڳي وئي .
ان وقت جي سياسي ادبي چريا عبدالحفيظ قريشي جونيئر ۽ ادي فهميده قريشيء کي ڄڻ ته ڪا چاٻي اچي وئي ، مشين جا ماڻهون ٿي سنڌ جي سياست ۾ ايئن گھڙي آيا ڄڻ ته اهي ئي مها انقلابي ۽ آزاديء جو هر اول دستو هجن .
وقت جي نزاڪت کي محسوس ڪندي ، انتظاميه ٻين گڏجي اهو فيصلو ڪيو ته جهيڙو نه ڪريو ، انهيء کان پهرين جو باه ٻري پوي ، انتظاميه انهيء چوڪ جي چوڌاري اڪارين کي ” ڪنات “ لڳائي لڪائي ڇڏيو .....................!
ايئن اچانڪ هڪ رات ” اين ايس ايس او “ ( نيو سنڌي آرگنائيزيشن ) جي نوجوانن جو موڊ ٿيو ته انهيء ڪنات کي باه ٿا ڏيون ته اهي سنڌي ۽ پناهگير پاڻ ۾ وڙهڻ ۽ ايئن اوچتو هيء گاڏي کاتي جي گھٽين مان نڪتا ۽ رات جي اونداهيء ۾ انهن ” ڪناتن “ کي پيٽرول هاري باه ڏئي ڇڏي .
انهيء باه تي پاڻي ڇٽڪڻ جو وقت ۽ ٽائيم به نه هيو ۽ ايئن صبح جو سنڌي ماڻهن جي خلاف ڪلاشنڪوف ۽ تي ٽي ٽي پستول حرڪت ۾ اچي ويا ۽ انهيء هڪ ڏينهن ۾ 17 سنڌين جا لاش روڊن تي ڪيرايا ويا ........................
اهو هيو ماضيء جو سچو قصو
هاڻي
حال ۾ توهان ڇو اچي هوش محمد شيديء جي هٿ ۾ ڪهاڙي ۽ بندوق ڏسڻ جي چڪر ۾ هن ماضيء جي ظالم سبق مان ڇو نٿا سکو
سکڻو اٿو ته برادري ، رواداري سکي ٻئي کي مات ڏيو
نه ڪي اهو مجسممو توهان جي ڪنهن اڪبر ٺهرايو هيو نه ڪي توهان ، انهيء ڪري پاڻ ۾ ” برداشت “ پيدا ڪري مستقبل جي سنڌ کي پرامن ۽ سهڻو بڻايو
 
Back
Top