پنجاب جي هڪ ڳوٺ ۾ هڪ هاريء جو پٽ يونيورسٽيء مان ڊگري وٺي موٽيو ته هاري پنهنجي پٽ جي لاء ڳوٺ جي چوڌريء جي ڌيء جو سڱ گھرڻ چوڌريء جي اوطاق تي پهتو. چوڌريء سڱ جي ڳالھ ٻڌي پنهنجي ڇاڙتن کي چيو ته هاريء جي مرمت ڪريو، ڇاڙتن ڏاڍي مار ڪڍيس ۽ پٽڪو به لهي ويس. هاري مٿي اٿيو، پٽڪو ڇنڊي چوڌريء کان پڇيائين ”تي مين انڪار هي سمجھان؟“ ايم ڪيو ايم پنهنجي قائم ٿيڻ کان وٺي سنڌ ۾ ٻه قومي نظرئي، سنڌ جي ورهاست، آدها تمهارا آدها همارا، گائون تمهارا شهر همارا، ڪراچي اور سنڌ جا محاورا، مطالبا ۽ ڌمڪيون استعمال ڪندي رهي آهي. موٽ ۾ سنڌي ٻن سوچن ۾ ورهايل رهيا آهن. هڪ سوچ جا ماڻهو ايم ڪيو ايم (بشول اردو آبادي) کي سمنڊ حوالي ڪرڻ جون ڀڀڪيون هڻندا رهيا آهن جن ۾ پهريان ته صرف قادر مگسيء جي ترقي پسند پارٽي ۽ پليجي جي عوامي تحريڪ اڳڀريون هيون پر هاڻي انهن ڀڀڪين ۾ بلاول زرداريء جي پيپلز پارٽي ۽ پاڳاري جي فنڪشنل ليگ به شامل ٿي ويون آهن. ٻي سوچ جي ماڻهن جو موقف اهو رهيو آهي ته ايم ڪيو ايم سنڌ ۾ رهندڙ اردو آبادي سنڌ ۽ سنڌي قوم جو حصو آهن ۽ انهن سان گڏجي سنڌ جي آزادي حاصل ڪئي ويندي. ٻئي طرف ايم ڪيو ايم عملي طور سنڌ جي ورهاست جي ڳالھ ڪندي رهي آهي، پهريان ته اها صرف سنڌ جي انتظامي ورهاست جو مطالبو ڪندي هئي پر هاڻي ايم ڪيو ايم کليء طرح سنڌ جي ورهاست جي گھُر ڪري رهي آهي. پهرين سوچ سان تعلق رکندڙ سنڌي (سواء پيپلز پارٽيء جي) پارلياماني سياست ڪرڻ جي باوجود سنڌي ماڻهن کان هڪ هڪ سيٽ به کڻي نه سگھي آهي (بشول قادر مگسي، اياز پليجي، جلال شاھ) جنهن بنياد تي ايم ڪيو ايم انهن جي ڪنهن ڌمڪي يا مطالبي کي گاھ وجھڻ لاء به تيار ڪونهي. ٻي سوچ سان تعلق رکندڙ آريسر صاحب جي جسقم ۽ برفت صاحب جي جسمم پنهنجو وجود بچائڻ جي جستجوء ۾ لڳل آهن تنهنڪري ايم ڪيو ايم انهن جي حمايت توڙي مخالفت جو ڪو خاص فڪر نه ٿي رکي. ايم ڪيو ايم وقت بوقت سنڌين جي قومي غيرت، سياسي حيثيت توڙي سنڌ جي وارثيء جي دعوي جو امتحان وٺندي رهي آهي. ايم ڪيو ايم پنهنجي اقتدار دوران سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن جي داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي، ايم ڪيو ايم افغانستان، برما، بنگلاديش، سوات، فاٽا توڙي خيبر پختونستان مان ايندڙ ڌارين جي لوڌ کي قبول ڪندي اتر سنڌ مان ٻوڏ سبب متاثر ٿيل سنڌين جي ڪراچيء آمد جي مخالفت ڪئي. سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جا نعرا ورجائيندي ايم ڪيو ايم سنڌين جي قومي غيرت جو امتحان وٺڻ خاطر حيدر آباد ۾ شهيد هوش محمد شيديء جي مجسمي جي بي حرمتي ڪندي سندس مجمسي جي هٿ ۾ رکيل تلوار لاهي ايم ڪيو ايم جو جھنڊو ڏئي ڇڏيو. پهرين سوچ وارا سنڌي (زرداري، پليجو، مگسي ۽ جلال شاھ) ايم ڪيو ايم کي اکيون ڏيکاري هڪ هڪاڻي ڪرڻ جا دهل وڄائين پيا جڏهن ته ٻي سوچ وارا سنڌي (آريسر ۽ برفت) ان کي سنڌ ۾ لساني فساد ڪرائڻ جي سازش سڏين ٿا. ٻنهي سوچن جي سنڌين جي عقل ۽ فهم توڙي نيت ۽ ارادي جي خدا کي ئي بهتر خبر هوندي پر ايم ڪيو ايم جي عقل ۽ فهم، نيت توڙي ارادي تي شڪ ئي نه رهيو آهي. ايم ڪيو ايم جي اندر (خاص طور تي ايم ڪيو ايم جي حيدر آباد زون ۾ ) ايترا جاهل موجود ناهن جن کي اها به خبر نه هجي ته شهيد هوش محمد شيدي ڪير هيو ۽ سنڌ ۾ شهيد هوش محمد جي ڇا حيثيت آهي؟ پر فرض ڪريو کين پهريان خبر نه هئي، هينئر خبر پوڻ کان پوء انهن پنهنجو غليظ جھنڊو اڃان شهيد هوش محمد جي مجسمي تي ڇو چنبڙائي رکيو آهي؟ پر ڳالھ وري به اها ٿي ماري ته سنڌين جا ٻئي گروپ (ايم ڪيو ايم جا حامي توڙي ايم ڪيو ايم جا مخالف) صرف وائڙا، سنڌي ماڻهن جي حمايت کان محروم ۽ سنڌين کي سياسي پليٽفارم ڏيڻ کان عاجز رهيا آهن. جيڪي پارٽيون (پارلياماني سياست ڪندڙ) پنهنجي پاڙي جي هڪ سيٽ نه کٽي سگھن يا جيڪي پارٽيون (آزادي پسند) پنهنجي ڪارڪنن جي به حفاظت به ڪري نه سگھن انهن منجھان ڪهڙي اميد ڪجي ته ٻنهي سوچن وارن مان ڪو هڪ اڌ اٿي کڙو ٿيندو ته قوم سندس ڪڍ لڳندي يا ايم ڪيو ايم انهن جي رد عمل جي ڪري پنهنجا سنڌ دشمن منصوبا ختم ڪندي؟