سنڌ ۾ تعيلم جي بدتر صورتحال جي ڳالھه ته هرڪو ئي پيو ڪري پر ان جي بهتري لاءِ ڪو به عملي طرح ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ڇو ته فقط تنقيد براءِ تنقيد اسان جي فطرت آهي. هر سال سنڌ حڪومت تعليم جي بهتري لاءِ اربين رپين جي رقم رکي ٿي پر بجاءِ بهتري جي ڏينهون ڏينهن تعليم جي صورتحال بدتر ٿيندي پئي وڃي. سنڌ جا 30 سيڪڙو ٻار اهڙا آهن جيڪي پرائمري تعليم به نٿا پرائين ۽ پنجين ڪلاس جي ٻارن مان 50 سيڪڙو ٻار پنهنجي ٻولي کانسواءِ ٻي ٻولي پڙهي به نٿا سگهن. 5 کان 16 سالن تائين جي عمر جا 29 سيڪڙو ٻار اسڪول ئي نٿا وڃن۔ ان ڳالھه جو اعتراف خود تعليم جو صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري به ڪري ٿو ته 50 سيڪڙو ٻار اسڪول نٿا وڃن. ان ڳالھه کان وڌيڪ نا اهلي ڪهڙي آهي جو وزير تعيلم به لاچاري ظاهر ڪري؟ سنڌ ۾ تعليمي نظام جي بهتري لاءِ اسان فقط ٻين ادارن تي ڇو ٿا ڀاڙيون ؟ يا تعليمي نظام ۾ بهتري آڻڻ فقط سرڪار جي ذميواري آهي؟ ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته هاڻي تعليم جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي تارڻ لاءِ اسان کي ٻين تي ڀاڻڻ جي بجاءِ پاڻ اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ، اسان کي پنهنجي پاڙي، ڳوٺ ۽ شهرن جي اسڪولن جي مالڪي ڪرڻي پوندي. هي اسان جو قومي اخلاقي ۽ شعوري فرض آهي ڇو ته تعليم جي ترقي سان ئي سنڌ جي خوشحالي آهي