ڇا اهو سچ ناهي ته اسان پڙهيا لکيا ماڻهو سنڌ جي تعليم بچائڻ نٿا چاهيون. جنهن قوم جا 50 لک ماڻهو ساڃاھ وند ۽ سمجھو هجن اها قوم ، صحٽ ، تعيلم ، امن امان جي بحرانن ۾ هجي ، برادرين جي جھيڙن جو شڪار هجي ، جاهل وڏيرن ۽ پيرن جي پنجوڙ ۾ ڦاٿل هجي ، ان جا ڏوهاري اهي 50 لک ساڃاھوند ۽ سمجھو ماڻهو آهن اها قوم ناهي ، هن سوشل ميڊيا تي ويٺل سڄي دنيا ۾ رهندڙ اسان سنڌي جيڪڏهن تعيلم ۽ صحت جي بهتري ، ترقياتي ڪمن لاءِ جدوجھد نٿا ڪريون ، قوم جا سياسي ، سماجي ، معاشي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ گھربل جدوجھد نٿا ڪريون ته يقين ڪريو اسان ئي ان جا ذميوار آهيون ، اچو ته پنهنجو جائزو وٺي اجتمائي مفادن جي حاصلات لاءِ جدوجھد ڪريون ، تعيلم بچايون ، جهالت ڀڄايون نه ته سنڌ هي گدڙ وڏيرا ۽ پير کائي ويندا . اميد ته سمورا دوست هن اهم مسئلي تي خيالن جو اظهار ڪندا ۽ پنهنجون تجويزون ڏيندا.