چوندا آهن انڌو اهو ناهي هوندو جيڪو ڏسي نه سگهي پر انڌو اهو هوندو آهي جيڪو تعليم نه پرائي سگهي. آئون تعليم جهڙي زيور سان ۽ تعليم جهڙي ڏيئي سان پنهنجي انوائي زندگي يا جيون ۾ روشني آندم ته جيئن سجاڳ ٿي قوم جي خدمت ڪريان. هر ملڪ جي آئين ۾ اهو شامل آهي ته نوجوانن لاءِ ڪيئن نيون پاليسيون جوڙي انهن کي فائدو رسايو وڃي ته جيئن انهن ۾ احساس ڪمتري پيدا نه ٿئي، پر اسان وٽ ته وڏو الميو اهو آهي ته يوٿ جون پاليسيون اڻ واقف ادارن کان ٺهرايون وينديون آهن. هن وقت هر صوبي جي يوٿ پاليسي ٺهي چڪي آهي، جيئن ته هر صوبي جي دعويدارن پنهنجي تهذيب، رهڻي ڪهڙي کي نوجوانن جي مسئلن کي ڏسي ٺاهي آهي پر سنڌ واحد صوبو آهي جنهن جي يوٿ پاليسي جي نه ته نوجوانن کي خبر هوندي آهي ڪيئن ٺهي يا وري ڪنهن ٺاهي. هن دفعي سنڌي صوبي جي يوٿ پوليس جيئن ته ڌاريي اداري پنجاب جي برگيڊ ٺاهي آهي، جنهن جي ڪا ڄاڻ حاصل نه هئي. ٻار جي سڀ کان وڌيڪ ماءُ ان ڪري سمجهندي آهي جو کيس جنم پاڻ ڏيندي آهي، ساڳي طرح سنڌ واسين کي جيڪا سورن، تڪليف هوندي ان جي ڪنهن ڌاري کي ڇا خبر. جيڪو ٻولي کان نامعلوم هجي ان کي ٻولي جي درد ڪٿا، ڪٿان خبر پوندي، اهو ته ڪاٿو ڪو واقف پنهنجو ئي لڳائي سگهي ٿو. ”وڏا شهر دهشت جي شعلن ۾ آهن، ننڍا ڳوٺ ڌاڙن جي کُورن ۾ آهن، هجي لانگ بوٽن يا ووٽن جي موسم، هي گگدام سنڌي ته سورن ۾ آهن.“ هر نوجوان جي اکين ۾ نوان خواب ۽ روشن خواب هوندا آهن ته پنهنجي نظريي سان هو ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪو ڏيئو ٻارڻ چاهيندو آهي. ”جي ها نه هارين ڪوهياريل هي ڏينهن به گهاري وينداسين“ هي سٽون شيخ اياز ائين نه لکيون هيون، يقينن شاعرن جي شاعري ۾ وڏو فلسفو هوندو آهي. نوجوان نسل ملڪ جو آئينو، عڪس، روشن، مستقبل ۽ اونداهي ۾ لاٽ جيان هوندا آهن. نوجوانن جا جذبا سندن رت جيان گرم، سچا هوندا آهن، نوجوانن ۾ جستجو، جدوجهد، جاکوڙ، محنت ڪش، محنتي، هر ڪم کي وقت تي سرانجام ۽ ايماندار هوندا آهن. تاريخ گواهه رهي آهي ته روپلو ڪولهي، مخدوم بلال، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ هوشو جهڙن نوجوانن پنهنجي سر جو نظرانو ڏئي وطن تان قربان ٿي ويا. اهڙي نسل کي جڏهن اونداهي ۽ دلدل ۾ ڌڪيو وڃي ته ان قوم جو حشر ڇا ٿيندو؟ سنڌ ان جو مثال ڪافي آهي. آئون سنڌ صوبي ۾ رهان ٿي سنڌ جي سورن تڪليفن، ويساهه گهاتين ۽ ناانصافين کان خوب واقف آهيان. هتي نوجوانن کي پٺ تي ڌڪي نظرانداز ۽ بيروزگار ڪيو ويندو آهي. انهن جي حقن تي ڌاڙا هنيا ويندا آهن، ميرٽ جو سرعام قتل ڪيو ويندو آهي، نوجوانن جي خوابن کي ڦاسي ڏني ويندي آهي، نوجوانن جي محنت کي ڪچليو ويندو آهي. ڪنهن به ملڪ جي ترقي جو ڪارڻ نوجوان نسل تي هوندو آهي. جڏهن نوان ليڊر اُڀري ايندا آهن نون خيالن سان يا فن سان ته جيئن اُهي پنهنجي فن جو اظهار ڪري ملڪ جي خدمت ڪري سگهن. پر جڏهن خود نوجوانن کي اونداهي، ذلت، بيروزگاري جي طرف ڌڪيو وڃي ته اتي جي نوجوانن جو حال اسان جون اخبارون، ٽي وي روز سوين قصن واقعن سان ٻڌائن ٿيون. سي ايس ايس واحد ميرٽ امتحان پاڪستان آهي، جيڪي سنڌي نوجوان محنت جي ڪري هميشه سوين پاس ٿيندا آهن. سي ايس ايس جي امتحان ۾ هڪ اهم شيءِ نوٽ ڪئي ويندي آهي ته نوجوان ڪيئن پنهنجي فن ذريعي نوان خيال، بيان انداز پيدا ڪري پنهنجي ڳالهه ته مڃرائي ٿو، جنهن سان هو ڳالهه به مڃرائي وڃي ۽ پنهنجو مؤقف به بيان ڪري وڃي، نه وري چيڪر کي ڪاوڙ يا بوريت ٿئي، سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکي امتحان پاس ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه هوندي آهي، پوءِ اُهي نوجوان الائي ڇو نظرانداز ڪيا ويندا آهن، اها ڳالهه منهنجي سمجهه کان ٻاهر آهي؟ مٿي ڄاڻايل مان نه صرف اها خبر پوي ٿي ته سنڌي نوجوان قابل آهن پر منجهن روشن خيالي پڻ موجود آهي، اهڙن نوجوانن کي پي سي ايس جهڙي امتحان لاءِ ڪارا قانون هٿ ٺوڪا ٺاهي محروم ڪيو وڃي ته اهو ڪٿان جو انصاف آهي؟؟ آخر ڪيستائين نوجوانن سان ويڌن ٿيندا. ڇا انت ايندو سنڌ اندر، ڇا خاتمو ٿيندو انهن ڪارن قانونن جو؟؟ خدارا خدا جو ڪو خوف ڪريو نوجوانن کي اونداهي مان ڪڍي روشن ڪريو، جيڪي خود لاٽ آهن انهن جي قسمت ۾ اونداهي ڇو ٿا آڻيو؟