محمد خان سيال
سينيئر رڪن
اسان جي صحافي دوست منظور ميراڻيءَ جو ڪاوش ۾ اڄ 10 آڪٽوبر 2014 تي تبصرو پڙهي
ڏاڍو افسوس ٿيو ـ سندس آرٽيڪل جو عنوان آهي: بلاول جا نعرا ۽ پيپلز پارٽيءَ پاران ٽُڪرن ۾ ورهايل سنڌ ـ
ميراڻي صاحب لکي ٿو: ايم ڪيو ايم ته سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ چاهي ٿي، پر پيپلز پارٽي ته عملي طور تي سنڌ ۾ جيترا ضلعا آهن، اوتريون رياستون ٺاهي ڇڏيون آهن........اسان ايم ڪيو ايم جي مطالبي جي مخالفت ان نڪري ئي ته ڪريون ٿا، جو سنڌ جي جياپي وارن ذريعن جواختيار ان جي هٿن ۾ نه ٿا ڏيڻ چاهيون، پر عملي طور 23 ضلعن جا اختيار ته پيپلز پارٽيءَ اهڙن ماڻهن جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيا آهن جيڪي ڪيترن معاملن ۾ عام ماڻهن لاءِ ايترا ته خطرناڪ آهن، جيتري خطرناڪ ته شايد ايم ڪيو ايم به ڪونهي. جيڪڏهن پيپلز پارٽيءَ کي ايئن ڪرڻو آهي ته پوءِ ايم ڪيو ايم جي مطالبي جي حمايت ڪرڻ ۾ ڪهڙو حرج آھي؟
مان اختلاف راءِ جو بنيادي حق ڪتب آڻينديَ ميراڻي صاحب کي اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ايم ڪيو ايم سنڌ کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جو نه پر چئن حصن ۾ ورهائڻ جو مطالبو ڪيو آهي يعني هڪ سنڌ جي جاءِ تي انهن کي چار سنڌ گھرجن ـ هو مهاجر صوبي جي ڳالهه به ڪري چڪا آهن ـ هو جيڪي چار سنڌ قائم ڪرڻ چاهين ٿا تن کي هو صوبا به قرار ڏئي چڪا آهن ـ اها ٻي ڳالهه آهي ته ڪڏهن ڪڏهن هو سانڊي وانگيان رنگ بدلائيندي انتظامي يونٽ جو ذڪر ڪن ٿا جڏهن ته سنڌ (6 ڊويزنون) ۾ بنگلاديش (8 ڊويزنون) وانگيان انتظامي يونٽ ڊويزنن جي صورت ۾ اڳ ئي قائم ٿيل آهن ـ هونئن به سنڌ کي ٽوڙي چار سنڌ قائم ڪرڻ سبب سنڌ جي وحدت برقرار رهڻ جو ته سوال ئي پيدا ڪونه ٿو ٿئي ـ ڪو چريو انهن جي اهڙي دعوى تي اعتبار ڪندو ـ
هاڻ اچو پ پ پ تي ـ انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته پ پ پ جي ھاڻوڪي دور واري سرڪار، بدترين بيڊ گورننس جو نمونو آهي جنهن ۾ شڪ جي تر جيتري به گنجائش ناهي ۽ ان خلاف مون به گھڻو لکيو آهي ـ مون ته اهو به لکيو آهي ته شهيد ڀٽي ۽ شهيد بينظير جا روحَ، ڳڙهي خدابخش ڀُٽي جي قبرستان ۾ هاڻوڪي پ پ پ جي سنڌ سرڪار جي ڪارڪردگي ڏسي ڪنجھندا هوندا ـ
جيڪڏهن پ پ پ بقول ميراڻي صاحب جي 23 ضلعن ۾ اختيار خطرناڪ ماڻهن کي ڏنا آهن ته پوءِ مجموعي طور سنڌ جي وحدت جو حساب ڪتاب ڪرڻو پوندو ـ مثال: سنڌ جو عوام 23 ضلعن ۾ احتجاج ڪري اهڙن ماڻهن کان اڳتي هلي جند ڇڏائي سگھي ٿو، جيئڻ بلدياتي آرڊيننس جي نتيجي ۾ ٿيندڙ ورڇ خلاف جند ڇڏائي وئي هئي يا سڀاڻي ڪنهن ٻي پارٽيءَ جي سنڌ ۾ سرڪار آئي ته اها به انهن ضلعن ۾ نظام بهتر بڻائي سگھي ٿي پر هڪ ڳالهه ياد رکڻ گھرجي ته سنڌ بيڊ گورننس جي باوجود ٽُڪر ٽُڪر نه ٿيندي جڏهن ته ايم ڪيو ايم هڪ سنڌ اندر چار سنڌ چاھي ٿي ـ مثال: سنڌ جي وحدت جا دشمن سنڌ اندر چار سنڌ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيا ته وري سنڌ جي هڪ وحدت بحال ٿيڻ جو سوال ئي پيدا ڪونه ٿو ٿئي ـ
ائين لڳي ٿو ڪي سنڌي ڪالمسٽ حُب علي بغض معاويا جي رستي تي هلي پيا آهن ۽ پ پ پ دشمنيءَ ۾ سنڌ جي وحدت جي دشمنن کي مجموعي طور معصوم ثابت ڪرڻ چاهين ٿا ـ
منهنجو مقصد ڪو پ پ پ جي بيڊ گورننس جو بچاءَ ڪرڻ هرگز ناهي پر هت رڳو اهو ٻڌائڻ آهي ته چار سنڌ قائم ڪرڻ جي خواهش رکندڙن کي، پ پ پ جي بيڊ گورننس جي ڀيٽ ۾ معصوم ڪري پيش نه ڪيو ڇاڪاڻ ته اها اهم ڳالهه نوٽ ڪرڻ جي آهي ته بيڊ گورننس جو ته علاج ٿي سگھي ٿو پر سنڌ جي وحدت الله ته نه ڪري، جيڪڏهن چئن سنڌ ۾ ورهائجي وئي ته ان جو ڪو علاج ڪونهي ۽ اها ڳالهه حب علي، بغض معاويا جي بنياد تي سنڌيءَ ۾ ڪالم لکي، سنڌ دشمنن کي گھٽ نقصانڪار ثابت ڪرڻ وارن کي، سمجھڻ گھرجي ـ
مونکي لڳي ٿو ته اهڙا ماڻهو پ پ پ دشمنيءَ ۾ سنڌ ٽوڙائڻ جي اڻ ڄاڻائيءَ ۾ ڪوششون ڪري رهيا آهن ڇاڪاڻ ته بدقسمتيءَ سان اسان وٽ حسن مجتبى جهڙا گھڻا ڪالمسٽ به موجود آهن ـ