جيڪڏهن سنڌ جا مبينه نام-ور، مهان، ڀلوڙ، سرموڙ،عظيم انسان وغيره بيڪار ۽ ساڳيائپ جو شڪارشامون، ويهڪون، مهورتون، سُرهيون سانجهيون ۽ ان قسم جون ٻيون سستي شهرت واريون سرگرميون ڇڏي پنهنجي حصي جي معياري ڪم ۾ هڪ ڪُل-وقتي ڪاسب (پروفيشنل) وانگر جُنبي وڃن!........ ۽ منجهانئن ڪو وڃي تاريخ، شاعري، ادب، تصوف ۽لطيفيات تي ڪم ڪري، ته ڪو ثقافت، قديم آثارن، لغتن۽ ترجمن جي دنيا وَسائي. ڪنهن کي طبعيات، ڪيميا، علم الانسان، عالمي معاملن، آفاقي علمن ۽ رمز-گيري جي فن سان اٿاهه پيار ٿي پوي ته ڪو مصوري، موسيقي، سير سفر، جماليات ۽ ساگري سائنسن جي عشق ۾ گرفتار ٿي پوي----------- ته سنڌ جو علمي، ادبي، تحقيقي، سياسي ۽ سماجي منظرنامو ڪهڙو ڏسڻ ۾ اچي؟! ساڻن ڦوٽو ڪڍائڻ جا شوقين ۽ کين وڌاءَ تي ٻڌل ڪُمهلا لقب ۽ اعزاز بخشيندڙ پر اصل ۾ سندن ترا ڪڍندڙ مداح به، جيڪڏهن ٻين جي بهاني پنهنجو نالو اجرو ڪرڻ وارو اهو ڪاروبار بند ڪري ڪو واڍڪو، رازڪو، درزڪو دڪان وڃي شروع ڪن يا ٻيو ڪو مال ڪمائڻ وارو ڌنڌو وڃي ڪن ته سندن ۽ سنڌ جي جان هڪٻئي مان ڪيڏي نه آجي ٿي پوي!...... پر ان سڄي معاملي ۾ مصيبت فقط اها آهي ته ”ڪم“ ڪرڻو ٿو پوي، جيڪو هڏن ۽ ميڄالي کي محنت ٿو ڪرائي....... ۽ محنت کان اسان کي آهي ازلي دشمني!! تصويرن،بيانن، مضمونن، مداحن ۽ تقريرن ڪرڻ سان ٻين جي مُهابي جيڪڏهن اسان کي به رُونگ ۾ مهانتا ملي ٿي ته سنجيده ڪم جي ضرورت ڪهڙي؟؟؟ پر پوءِ به اسان سڀني کي سمجهڻ کپي ته اٿاهه محبت، لازوال ذهانت، بيمثال قربانين ۽ اڻ-کُٽندڙ ڪم کان سواءِ دنيا جي ڪنهن به قوم جو مقدر نه بدليو آهي. لينن مشهور انگريزي صحافي ڊائيسن ڪارٽر کي انٽرويو ڏيندي تمام وڏي ڳالهه ڪئي هئي. هن چيو؛ ” مادي ڪم جي عظيم خوبي اها آهي ته ان جي نتيجا فورن توهان جي سامهون هوندا آهن“..........پاڻ وٽ هيڏن سارن ”عظيمن“ جي موجودگي هوندي ٻه نتيجا ڪٿي آهن؟؟؟؟ سڀني مبينه ”عظيمن“ جي موجودگيءَ ۾ في الحال ته اسان جي حالت اُن سِک واري آهي جنهن آئيني م پنهنجي شڪل ڏسي آسمان ڏانهن نهاري ٿڌو ساهه ڀري چيو؛ ”اي بندا بڻايائي!“