• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

رات ڪاري

bewas ali hassan

سينيئر رڪن
جاڏي به ڏس رات ڪاري آ
بس نفرت جي مارو ماري آ
هليو آ الاءِ احساس ڇو ويو
وئيي گلڙن مان به بهاري آ
بس بيرخي جا تير هن هر پاسي
ڪو نه ڪو ڪنهن جي دل آزاري آ
سونهن جو بس ٿئي ٿو سودو
ڪاڏي وئي نيڻن جي خماري آ
ساٿ ڏيڻ آ هاڻي ڏاڌو ڏکيو
ڇو جو هڪ سان نه ڪنهنجي ياري آ
پيار دوڪان جو ٿيو آسودو
هاءِ ڇو وڌي وئي هي بيماري آ
هرڪو گم هنئي سوچ ۾آ پيو
ڇو وڌي وئي ايڏي بيقراري آ
وچن مونسان به ڪيا جن گڏ رهڻ جا
بيوس چڌهڙ کي تنهن ماريو ماري آ
 
Back
Top