چرنا ٻيٽ تي مرجان جي صفائي

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏10 آڪٽوبر 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    [​IMG]
    مهينو سوا اڳ جي ڳالهه آهي، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ قائم سامونڊي جيوت جي علمن جي مرڪز فضيلت (Center OF Excellence for marine Biology) ۾ پڙهائيندڙ منهنجي دوست پروفيسر ڊاڪٽر امجد عليءَ موبائل تي ڳالهايو هيو ” سائين! 25 سيپٽمبر تي تيار رهجو. جيڪڏهن موسم ٺيڪ رهي ۽ سمنڊ هيٺ لهڻ جي موڪل ڏني ته پوءِ چرنا ٻيٽ“ تي هلنداسين. خبر اٿو ته 25 سيپٽمبر تي ڇا جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي؟“

    مان لاعلمي ڏيکاري ته هن هڪدم ٻڌايو ” يار! عالمي ڏهاڙن جي ته خبر چار رکو نه! 25 سيٽمبر تي ڪورل ريفس (مرجان جو ڇپون) کي صاف ڪرڻ، جو عالمي ڏينهن سڄي دنيا ۾ ملهايو ويندو آهي. پاڻ چرنا جي پاڻيءَ ۾ اهو ڏهاڙو ملهائينداسين.“ مان کيس هلڻ جي خاطري ڏياري پاڻ تي افسوس به ٿيو جو ڪورل ريفس تي سالن کان کوجنا ڪرڻ جي باوجود به مون کي انهن جي صفائيءَ جي عالمي ڏينهن بابت ڪا به ڄاڻ ڪو نه هئي.

    چرنا ٻيٽ هڪ ننڍڙو ۽ غير آباد ٻيٽ آهي، جيڪو ڪراچي شهر کان 60 ڪلو ميٽرن جي پنڌ تي واقع آهي. سونيرا بيچ جي وارياسي ڪناري کان ڏسبو ته ان ٻيٽ تي موجود ٽڪر صفا ويجهو نظر ايندو، پر جڏهن لانچ ۾ سفر ڪبو ته ڪلاڪ کن کان پوءِ ئي ان ‎ٽڪر تي پهچي سگهبو آهي. ڪلاڪ جي ان سفر کان پوءِ جڏهن چرنا ٻيٽ تي پهچبو آهي ته دل ۽ ذهن کي سڪون ۽ فرحت ملي ويندي آهي. ٿڌڙي هوا غزل، گيت ۽ مٺڙيون لوليون ٻڌائڻ شروع ڪندي آهي. چرنا ٻيٽ جي پهرين پاسي وٽ لهبو ته اتي سمنڊ جون ڇوليون ڪجهه گهٽ آهن، پر ان جي ٻئي پاسي کان تيز تيز لهرون پٿرن سان ٽڪرائجي هڪ زبردست ڏهڪاءَ جو ماحول پيدا ڪري رهيون هونديون آهن. ڪافي عرصو اڳ هي ٻيٽ پاڪستان نيويءَ جي سکيا ۽ هٿيارن جي آزمائش لاءِ ڪتب آندو ويندو هيو. هن وقت هي ٻيٽ اسڪيوبا ڊائيونگ، ڪلف ڊائيونگ، سنور ڪلينگ، اسپيڊ بوٽنگ ۽ پاڻيءَ جي ڪيترين ئي راندين لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، ان ڪري جو چرنا [​IMG]ٻيٽ جي چوڌاري موجود پاڻي بيحد صاف ۽ مٿي ٻڌايل سرگرمين لاءِ بيحد مناسب آهي. ان کان سواءِ هتي مڇي مارڻ جا مقابلا به اڪثر ڪري ٿيندا رهندا آهن. هتان جو پاڻي ٿوري ٿوري وقت کان پوءِ پنهنجو رنگ بدلائيندو رهندو آهي. ڪڏهن سائو، ڪڏهن نيرو ته ڪڏهن وري کير جهڙو اڇو ٿي ويندو آهي.

    چرنا ٻيٽ جي سمنڊ ۾ لهڻ کان پوءِ 15-20 فوٽن کان هيٺ هڪ نئين ۽ سهڻي دنيا اکين آڏو اچي ويندي آهي. انسان، قدرت کي ساراهڻ کان سواءِ نه رهي سگهندو آهي ۽ اچرج ۾ پئجي ويندو ته ڇا سمنڊ ٻاهر وانگر پنهنجي اندر ۾ به ايڏو رنگا رنگ ۽ موهيندڙ آهي! سمنڊ جي اندر جيلي فش گهمندي نظر ايندي آهي ته بس، ڄڻ ته جادو طاري ٿي ويندو آهي. واريءَ ۾ ليٽيل ڪرڻا مڇي، ماڻهوءَ کي ڏسي اڏامي ويندي آهي. ڪيترن ئي رنگن جون مڇيون قطار ٺاهيو گهمنديون رهنديون آهن. پٿرن سان چنبڙيل سي ارچن (Sea Urchin) ڏسيو حيراني وٺي وڃي. اينجل فش ايڏي ته حسين آهي جو بس دل چاهيندي آهي ته ان کي ويٺو ڏسبو رهجي. بس، سمنڊ سان پيار ٿي ويندو آهي.

    سمنڊ جو هڪ پتڪڙو جاندار مرجان به آهي، جنهن کي ڪورل (Coral) به چيو ويندو آهي. مرجان ڪالونين جي شڪل ۾ رهائش اختيار ڪندا آهن. سخت مرجان جون ڪالونيون ننڍڙيون مرجاني ڇپون يا ٽڪريون ٺاهينديون آهن، جن کي ڪورل ريفس (Coral Reefs) چئبو آهي، مرجان ڪيترن ئي رنگن ۽ قسمن جو ٿيندو آهي. ان جو تعلق فائلم ني ڊاريا (Phylum Cnidaria) يعني ”گل نما جيوت“ سان آهي. اهي مرجان ڪئلشيم ڪاربو نيٽ يا لائيم (Lime) خارج ڪندا آهن ۽ اهڙيءَ طرح ان جو هڪ سخت ڍانچو ٺهي پوندو آهي . اصل ۾ مرجان سامونڊي ماحولياتي سرشتي جو هڪ نازڪ ۽ پيچيدو حصو آهن، پر اهي مختلف قسم جي سامونڊي جيوت لاءِ تمام گهڻو لاڀائتا آهن.

    ڪورل ريفس عام ڪري گهٽ اونهي پاڻيءَ ۾ ساحلي ڀاڱن ۾ ٺهندا آهن. انهن لاءِ 18 کان 28 ڊگري سينٽي گريڊ گرميءَ جو درجو هجڻ ضروري آهي. انهن ڪورل ريفس ۾ سامونڊي جيوت گڏجي رهندي آهي، تنهن ڪري ائين نظر ايندو آهي ڄڻ اهو ڪو رنگين باغ هجي. اهڙي باغ کي Garden of the sea به چيو ويندو آهي. اسان ٻاهرين ملڪن جي ٽي وي چئنلز تي ڪورل ريفس تي ٺيهل دستاويزي فلمون ڏسندا آهيون. پر اسان جي عربي سمنڊ ۾ چرنا ٻيٽ وٽ اهڙي نرالي، رنگين ۽ پر سڪون دنيا پاڻيءَ اندر پکڙي پئي آهي، جنهن کي اسان پنهنجي اکين سان ڏسي سگهون ٿا.

    چرنا ٻيٽ جي وٽ ۾ موجود پاڻيءَ ۾ 60 قسمن جا ڪورل موجود آهن. 2005ع ۾ هندي وڏي سمنڊ ۾ آيل سوناميءَ کان پوءِ انهن ڪورل ۾ لاڳيتو واڌارو ٿي رهيو آهي. اها بيحد خوشيءَ جي ڳالهه آهي. هن وقت انهن ڪورل ريفس ۾ جيڪا سامونڊي جيوت رهي ٿي، تنهن ۾ بام مڇي، کوپا مڇي، ڪرڻا مڇي، ساوا ڪڇون، جيلي فش، سامونڊي پکو مڇي، ڪوبيا مڇي، سونهري مڇي، گول شارڪ، ڦلهار مڇي، اٺ پيري صدف، ستارا مڇي، ڪائون مڇي، نيري مڇي، گالاپا گوس شارڪ، موري نانگ مڇي، نرس شارڪ، ليمن شارڪ، ڪاري مڇي ۽ سامونڊي ڄاهو نهايت اهم آهن.

    اسان جي لانچ نيري، سائي ۽ اڇي پاڻيءَ سان ويڙهاند ڪندي نيٺ اچي ” چرنا ٻيٽ “ جي پاسي ۾ بيٺي. خادم علي ڀنڊ پڳهه ٻڌي چيو ” سائين! هي چرنا… هي توهان… هاڻي پاڻ ڄاڻو… مان کت ڏئي سمهي ٿو رهان،.!

    مان چوڌاري نظر ڦيرائي. پاڻي هميشه جيان صاف سٿرو ۽ ماٺيڻو هيو. هيٺ 15-20 فوٽن جي گهرائيءَ تائين سڀ ڪجهه نظر ٿي آيو. اسان پنهنجو سامان تيار ڪيوسين. اسڪيوبا سيٽ ۾ ايئر هوز، مائوٿ پيس، ريگيوليٽر، هارنيس بيڪ پليٽ ۽ ٽينڪ شامل آهن.

    بسم الله ڪري پاڻيءَ ۾ لٿاسين. 20 کان 25 فوٽ هيٺ گهرائيءَ ۾ وياسين ته پاڻي ڪجهه ٿڌو محسوس ٿيو. پروفيسر امجد علي، جاويد ساقي، خالد جاويد ۽ مون کي پلاسٽڪ جون وڏيون ٿيلهيون ساڻ هيون.انهن ٿيلهين ۾ گند ڪچرو رکندا پئي وياسين. ان گند ڪچري ڪورل ريفس ۾ ڏاڍي گدلاڻ پيدا ڪري ڇڏي هئي. اسان ماڻهو جتي به ويندا آهيون، اتي گدلاڻ ضرور پيدا ڪندا آهيون. هن ٻيٽ جي پاڻيءَ سان به ڏاڍي ويڌن ٿيل آهي. هيٺ رسيون، جو سن ۽ بسڪوٽن جا خالي دٻا ۽ ريپر، مڇيءَ جي ڄارن جا ٽڪرا، ڏوريون، ڪنڍيون، ڪوڪا، بوتلن جا ڪين، پان گٽڪي جا ڪاغذ ۽ پلاسٽڪ جون بوتلون ۽ ريپر جهجهي مقدار ۾ پيا هئا. اسان انهن کي ميڙيندا ٿيلهين ۾ رکندا پئي وياسين. 45 منٽن کان پوءِ اسان پاڻيءَ مان ٻاهر نڪري آياسين. لانچ تي ويهي ساهي پٽي سين ۽ پوءِ برگر کائي ۽ پاڻي پي وري ٻيهر سمنڊ ۾ لٿاسين. شام تائين هڪ ڪلو ميٽر تائين ڪورل ريفس جي صفائي ڪري واپس لانچ تي آياسين. ” ڏاڍي زبردست صفائي ٿي وئي. هاڻي اهي ڪورل نهايت سولائيءَ سان ساهه کڻي سگهندا.“ جاويد ساقيءَ مائوٿ پيس وات تان هٽائيندي لانچ ۾ لڳل ڏاڪڻ ۾ هٿ وجهي مٿي چڙهندي ڳالهايو.

    ” ٺيڪ ٿا چئو.. ۽ اسان کي به اطمينان ٿيو ته اڄ ڪورل ريفس جي صفائي ڪري آياسين. پر اهڙي صفائي سال ۾ ٻه ٽي ڀيرا ڪرڻ گهرجي.. هتي ماڻهو ڏاڍي گدلاڻ پکيڙي رهيا آهن.“ مان وراڻيو.

    سڀئي لانچ تي واپس آياسين ۽ اسڪيوبا جا اوزار پاڻ کان ڌار ڪرڻ لڳاسين.

    حقيقت اها آهي ته پراڻي دور کان وٺي هيل تائين جتي جتي به انسان ويو آهي، اتي ماحولياتي گدلاڻ پيدا ڪئي اٿائين. پهرين اها گدلاڻ ڪي قدر گهٽ هوندي هئي، پر هاڻي اها گهڻي وڌي وئي آهي. تنهن ڪري چرنا ٻيٽ جي پاڻيءَ ۾ رهندڙ ڪورل کي به شديد خطرو لاحق ٿي ويو آهي.

    مرجان کي زندهه رهڻ لاءِ صاف شفاف پاڻيءَ جي ضرورت هوندي آهي. بدقسمتيءَ سان انسانن پاران اختيار ڪيل ماحولياتي گدلاڻ جي حوالي سان غير ذميواراڻي ۽ نامناسب ورتاءَ جي ڪري مرجان جو جيئرو رهڻ ڏکيو ٿيندو پيو وڃي. انسانن پاران پکيڙيل غلاظت ۽ گندگيءَ صاف پاڻي کي گدلو ڪري ڇڏيو آهي. گدلي پاڻيءَ جي ڪري تمام گهڻي تيزيءَ سان سينور وڌي رهيو آهي، جنهن جي ڪري مرجان کي ڪيتريون ئي بيماريون لڳي ويون آهن ۽ سندن واڌ ويجهه به بريءَ طرح متاثر ٿي آهي.

    گلوبل وارمنگ جي ڪري سمنڊ جي گرميءَ جي درجي ۾ به تيزيءَ سان واڌ ٿي آهي. ان گرميءَ جي درجي جي وڌڻ ڪري مرجان جي بقا خطري ۾ پئجي وئي آهي. هڪ سروي مطابق سڄي دنيا ۾ 1961ع کان وٺي هيل تائين مختلف صنعتن جي قائم ٿيڻ ڪري سمنڊن ۾ گرميءَ جي شرح وڌي وئي آهي. ان کان سواءِ موسمياتي ۽ ماحولياتي نظام به سمنڊن کي اڃان به وڌيڪ گرم ڪري ڇڏيو آهي. ان جو منطقي نتيجو وڏي پئماني تي مرجان جي تباهي آهي. نه رڳو ايترو، پر ندين ۽ نالن مان جيڪو گندو پاڻي سمنڊ ۾ اچي ڪري ٿو، تنهن به ڪورل ريفس کي سخت هاڃو رسايو آهي. ان گندي پاڻيءَ ۾ موجود ڪيميائي مادا سمنڊ جي پاڻيءَ سان ملي سمنڊ جي گرميءَ جي درجي کي وڌائڻ جو ڪارڻ بڻيا آهن.

    مرجان جو ماحولياتي نظام ڏاڍو حساس ٿيندو آهي ۽ سندن جسماني بناوت ايڏي ته نازڪ ٿيندي آهي جو اهي ماحولياتي تبديلين ۽ گدلاڻ کي برداشت ڪرڻ جي سگهه ناهن رکندا. تنهن ڪري، جڏهن گندو پاڻي سمنڊ ۾ پوندو آهي ته ان جو سڀ کان گهڻو نقصان مرجان کي ئي پهچندو آهي. خاص طور تي اهو گندو پاڻي مرجان جي سنهڙي تهه کي ڏاڍو متاثر ڪندو آهي، جنهن ڪري انهن جي موت جي شرح تمام گهڻي وڌي وئي آهي.

    هڪ تحقيق مطابق گذريل ڪيترن ئي سالن کان سمنڊ ۾ گندي پاڻيءَ جي اچڻ ڪري لوڻاٺ جي شرح %40 وڌي وئي آهي. جيئن ته مرجان جي بقا جو دارومدار گهٽ لوڻاٺي پاڻيءَ تي هوندو آهي، تنهن ڪري ان لوڻاٺ جي وڌي وڃڻ ڪري مرجان جي جوڙ جڪ ۽ مدافعت جي سگهه تي ڏاڍو خراب اثر پيو آهي. ان کان سواءِ ڌاتو، ڪلورين گئس، فاسفيٽ، جراثيم مار دوائون، پيٽرول، ڊيزل ۽ پيٽروليم هائڊرو ڪاربان به مرجان ۽ سندن ماحولياتي نظام ۾ بريءَ طرح خلل وجهي رهيا آهن. جيئن ته مرجان ڏاڍا نازڪ ٿيندا آهن، تنهن ڪري جڏهن سندن ماحولياتي سرشتي ۾ خلل پوندو آهي ته پوءِ سندن بحاليءَ ۾ سالن جا سال لڳي ويندا آهن. تيز لهرن، تمام گهٽ يا تمام وڌ گرميءَ جي درجي يا وري ڪنهن سامونڊي طوفان جي ڪري پوندڙ خلل کان پوءِ سندن بحاليءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڏهن سالن جو وقت گهربل هوندو آهي.

    چرنا ٻيٽ جي پاڻيءَ ۾ موجود مرجان ۾ گذريل ڏهن سالن دوران خطرناڪ حد تائين ڪيتريون ئي بيماريون پکڙجي ويون آهن. انهن بيمارين جو ڪارڻ بيڪٽريا ۽ وائرس آهن. جيئن ته مرجان بيحد حساس ٿيندا آهن، تنهن ڪري اهي بيماريون تيزيءَ سان آسپاس موجود ڪورل ريفس ۾ رهندڙ مرجان ۾ به پکڙجي رهيون آهن. تنهن ڪري سال ۾ ٻه ٽي ڀيرا ڪورل ريفس جي صفائي نهايت ضروري آهي، ڇو ته مرجان، قدرت پاران ڏنل هڪ سهڻي سوکڙي آهن ۽ انهن کي بچائڻ جي ڪوشش دراصل انسان جي پنهنجي ئي بقا جي ڪوشش آهي.
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ادا منصور سرور السلام عليڪم. ادا توهان جو ليک تمام بهترين ۽ معلومات سان لبريز آهي. ان کي پڙهڻ کانپوء اسان کي به مرجان ؤ ٻين مڇين جيڪي سمنڊ ڪورل ريفس ۾ رهن ٿيون جي باري ۾ خبر پئي آهي. توهان جو هي ليک اسان جي معلومات ۾ اضعافي جو سبب بنيو آهي. توهان جون مهربانيون.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺو ليک .... چرنا ٻيٽ انڪري به ياد رهندو آهي جو آفيس جا ڪجهه دوست فشنگ لاء چرنا ويندا آهن ۽ مونکي گهڻو ئي چوندا آهن پر الٽيون ۽ چڪر اچڻ (سي سڪنيس) سبب مان هميشه ڪونه ويندو آهيان. چرنا ٻيٽ خوبصورت ٻيٽن مان آهي.... چرنا هاڻي اسڪوبا ڊائيوننگ ڪلب جي حيثيت پڻ ماڻي چڪو آهي.

    [​IMG]

    [​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو