• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

“ڪُنوار وانگر گُهونگهٽ ڪَڍِي ٿِي هلي” آزاد نظم

نثارناز

سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا سنڌي دوستو
هڪڙو آزاد نظم هينئن تي هُري آيو آهي، هن ڊيزائن ۾ کيس سنواريو اٿم، دوستو آزاد نظم جا به ڪيئن رنگ آهن، منهنجي تخليق ڪيل هن آزاد نظم جو هي رنگ توهان کي ڪيئن لڳو، توهانجي هر واڌو ڪاٽو راين جو منتظر رهندس۔

ڪُنوار وانگر گهونگهٽ ڪَڍِي ٿِي هلي(آزاد نظم)​
koonwar.jpg
 
جواب: “ڪُنوار وانگر گُهونگهٽ ڪَڍِي ٿِي هلي” آزاد نظم

سائين نثار ناز حق موجود!
ڪنوار جيان گهونگهٽ ڪڍي ٿي هلين...
واهه سائين واهه بهترين تخليق آهي، توهان جا خيال ايترا ته پختا ۽ رومينٽڪ آهن جو ڪو به عام فرد به ان لفظن ۽ خيال جي پختگي ۾ جڪڙجيو پوي، سائين توهان ته صبح صبح سان مون تي به شاعري جي ڪيفيت طاري ڪري ڇڏي.... شل آباد رهو...
 
جواب: “ڪُنوار وانگر گُهونگهٽ ڪَڍِي ٿِي هلي” آزاد نظم

ادي نثار ناز جو آزاد نظم ته بيشڪ سهڻن لفظن ۾ سهڻو خيال آهي ۽ مٿان وري اها شرمائيندڙ محترمه، پوتيءَ جي اوٽ ۾ ۽ تصوير به حقيقي پئي لڳي ۔۔۔ عاشق ويچارو مجبور آ ۔۔۔ هاڻ ڏسجي ته نرمل تي ناز جا نشان ڪهڙا ٿا اڀرن ۔۔۔
 
جواب: “ڪُنوار وانگر گُهونگهٽ ڪَڍِي ٿِي هلي” آزاد نظم

دل مان ٿي آهه نڪري
”نرمل“ کوهارو
دل مان ٿي آه نڪري،
بنا تو ڪين مون سري،
پل پل ٿو عذاب گذري،
ڏي ڪو پيالو زهر ڀري،
تو لئه ٿو تن رڙي،
تو لئه ٿو من سڙي.
آهن اکڙيون تولئه ٻاريل،
سڪ ۾ اٿم ننڊ به اڏاميل،
آدلڙي به درد سان گهايل،
برهه جي آ باهه به تپايل،
تو لئه ٿو تن رڙي،
تو لئه ٿو من سڙي.
اوڍيم تن تي ويس ڪارو،
ٿو لڻان پيو ڏکن لابارو،
ڪو پهر مون سان گذاريو،
مٺا مون اڱڻ تو لئه ٻهاريو،
تو لئه ٿو تن رڙي،
تو لئه ٿو من سڙي.
مون نينهن جو گيت ڳاتو،
تو مونکي ڪين سڄاتو،
پوءِ به من رهي تولئه آتو،
پر تون نه آ پريتم ڄاتو،
تو لئه ٿو تن رڙي،
تو لئه ٿو من سڙي.
ڪرمعاف تون خطائون،
”نرمل“ کي نه ڏي سزائون،
ٿو گهران تو لئه دعائون،
لهان شل توسان لانئون،

پيارا نرمل کوهارا، پهريون ڀيرو توهان منهنجي هن حقير ۽ صفا ڪم تر آزد نظم تي پنهنجا خوبصورت ويچار ونڊيا لکين ٿورا مٺا، مونکي تمام گهڻي خوشي ٿيندي جو منهنجو هي آزاد نظم پڙهڻ‌ کان پو توهان پنهنجي خوبصورت سوچن کي شاعري جِي صورت ۾ آڻيندا۔ مهرباني پيارا سدائين جُڙيا هُجو۔(آمين)
 
جواب: “ڪُنوار وانگر گُهونگهٽ ڪَڍِي ٿِي هلي” آزاد نظم

ادي نثار ناز جو آزاد نظم ته بيشڪ سهڻن لفظن ۾ سهڻو خيال آهي ۽ مٿان وري اها شرمائيندڙ محترمه، پوتيءَ جي اوٽ ۾ ۽ تصوير به حقيقي پئي لڳي ۔۔۔ عاشق ويچارو مجبور آ ۔۔۔ هاڻ ڏسجي ته نرمل تي ناز جا نشان ڪهڙا ٿا اڀرن ۔۔۔
ادا نثار ابڙا عاشق مجبور ضرور آهي پر ڪمزور ناهي، ڪمزور هُجي ها ته مائِي شيرين کي حاصل ڪرڻ لا ويچارو فرهاد ٽيڪم ، بيلچا، ڪوڏرون ۽ هٿوڙا کڻي جبلن جي ٻيڙي ٻوڙي اتان کير جِي گُونِي ڪونه وهائي ها، توهان کي شاعري دل وٽان لڳي توهان کي گهونگهٽ اوڙيل تصوير حقيقي لڳي، ۽ اها ئي منهنجي هن حقير ۽ ڪم تر شاعري جِي ڪاميابي جو سڀ کان وڏو اُهڃاڻ آهي۔ اڄڪلهه هُو ڏات جي ديوي ڪُجهه مهربان آهي ان ڪري وري منهنجي شاعري جو سفر هلِي پيو آهي۔
 
جواب: “ڪُنوار وانگر گُهونگهٽ ڪَڍِي ٿِي هلي” آزاد نظم

دل مان ٿي آهه نڪري
”نرمل“ کوهارو
دل مان ٿي آه نڪري،
بنا تو ڪين مون سري،
پل پل ٿو عذاب گذري،
ڏي ڪو پيالو زهر ڀري،
تو لئه ٿو تن رڙي،
تو لئه ٿو من سڙي.
آهن اکڙيون تولئه ٻاريل،
سڪ ۾ اٿم ننڊ به اڏاميل،
آدلڙي به درد سان گهايل،
برهه جي آ باهه به تپايل،
تو لئه ٿو تن رڙي،
تو لئه ٿو من سڙي.
اوڍيم تن تي ويس ڪارو،
ٿو لڻان پيو ڏکن لابارو،
ڪو پهر مون سان گذاريو،
مٺا مون اڱڻ تو لئه ٻهاريو،
تو لئه ٿو تن رڙي،
تو لئه ٿو من سڙي.
مون نينهن جو گيت ڳاتو،
تو مونکي ڪين سڄاتو،
پوءِ به من رهي تولئه آتو،
پر تون نه آ پريتم ڄاتو،
تو لئه ٿو تن رڙي،
تو لئه ٿو من سڙي.
ڪرمعاف تون خطائون،
”نرمل“ کي نه ڏي سزائون،
ٿو گهران تو لئه دعائون،
لهان شل توسان لانئون،
تو لئه ٿو تن رڙي،
تو لئه ٿو من سڙي.
پيارا نرمل هي نظم نما ڪافي پڙهي دل خوش ٿي، جڏهن تن ۽ من سڙڻ لا آتا هُجن ، جڏهن بنا ڪنهن خطا جو سزائون ملن ۽ پو به پاڻ‌ کي قصور وار سمجهي نه ڪيل خطا جون معافيون وٺجن، جڏهن نينهن جو ڳيچ ڳاتو وڃي ۽ ساجن کي ان ڳالهه جي پرک نه پوي تڏهن پڪ ڄاڻجي ته واقعي عاشق مجبور آ لک لائق ادا جو توهان هي پيارو گيت اسان سان شيئر ڪيو
 
Back
Top