سنڌ جا سمورا ڪامريڊ ، جيالا ، ۽ صحافي

'راءِ شماري' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏11 آڪٽوبر 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    جيڪڏهن سنڌ جا سمورا ڪامريڊ ، جيالا ، ۽ صحافي دوست سنڌ جي صرف ٻن کاتن ”صحت کاتي“ ۽ “تعليم کاتي“ کان ” ڀتو “ يا ” چندو “ وٺڻ ڇڏي ڏين ته اهو ڪامريڊن ، جيالن ۽ صحافي حضراتن جو سنڌ ۽ سنڌ جي عوام تي انتهائي تاريخي ٿورو، احسان ۽ مهرباني هوندي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    [​IMG]

    ادا عبدا لرحيم گجراڻي صاحب السلام عليڪم! ادا توهان بلڪل به سچ پيا چئو.پر هڪ ڳاله سمجه ۾ نه ٿي اچي ته اهئي ڪهڙيون مجبوريون آهن جن جي ڪري تعليمي ادارا ؤ صحت کاتي وارا انهن ڪامريڊن ۽ جيالن کي ڀتو ٿا ڏين.ايئن ته نه آهي ته انهن ٻنهي اداران جا ڪرتا ڌرتا پاڻ ڪنهن غلط قسم جي حرڪتن ۾ مبتلاء آهن مثلن بجٽ جي ڪرپشن يا رشوت جهڙي موذي مرض ۾ . اسان ته اهو ڏٺو آهي ته جيڪڏهن اداري جو سربراه يا ڪرتا ڌرتا ايماندار آهن ۽ ڪنهن قسم جي گهوٻين ۾ شامل نه آهن ته يقين ڄاڻو انهن کان ڪنهن کي به ڀتي وٺڻ جي همٿ نه ٿي ٿئي.ان جو مثال ڊاڪٽر ڪيپٽن احسان الله سيال اي ڊي آو هليٿ خيرپور آهي، جنهن پنهنجي سيٽ جي پرواه نه ڪندي سول هسپتال خيرپور ۽ ٻين صحت جي ادارا جيڪي هن جي ماتحتي ۾ ايندا آهن ، جن ادارن ۾ رشوت ؤڪميشن جو بازار گرم هو.۾ پنهنجي ڪوششن سان سڌاري ڪري انهن کي مٿين غلط ڪمن کان روڪيو. اڳ ۾ خيرپور جي سرڪاري اسپتال ۾ سستيون ؤ مدي خارج واريون دوائون ملنديون هيون جيڪي ڪميشن جي بيس تي ورتيون وينديون هيون. هاڻي انهي اسپتال ۾ مهانگيون ۽ موثر دوائون بغير پيسئن جي هر غريب مريض لاء موجود آهن .جيڪو به اسان جي هن ڪکائون اڳڻ جا ڀاتي خيرپور جو رهوائسي آهي. اهئي ان ڳاله کي سول هسپتال خيرپور ۾ وڃي ڪنفرم ڪري سگهن ٿا. ڊاڪٽر صاحب ڪامريڊن ؤ جيالن کي ڀتي يا چنده ڏيڻ کان صفا انڪار ڪري ڇڏيو.ڪو به هن جو واروينگو نه ڪري سگهيو.جيستائين اسان ۽اوهان کي انهن ڪامريڊن ؤ جيالن کي
    نه چوڻ جي عادت نه پوندي تيستائين هو پنهنجي هٽ دهرمي تان نه لهندا. همٿ ڪيو هنن کي نھ چئو.انشالله انهن ڪامريڊن ؤجيالن کان هميشه هميشه لاء ڇوٽڪارو ملي ويندو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    محترم عبدالرحيم گجراتي !
    شايد اوهان کي سمجهڻ ۾ ڪا غلطي ثي آهي يا ڪو اهڙو لفظ جيڪو غلط العام طور استعمال ٿيندو هجي انهن کي ڪامريڊ سمجهي ويٺا آهيو . بابلا سائين سنڌ ۾ ته ڪامريڊن جو ڪو نالو نشان ئي ڪونهي ،جيڪڏهين ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ هوندو به ته اهو ڪنهن کان ڀتي وٺڻ جي پوزيشن ۾ ئي ڪونه هوندو . باقي ڪن ٻين فردن کي ڪامريڊ سمجهي ويٺا آهيو ته انهن جو اصلي نالو کڻو ته اسان کي ڳاله سمجه ۾ اچي .
    باقي محترم غلام مصطفى ميمڻ صاحب جن جيڪو لکيو آهي اهو سو سيڪڙو درست آهي ته ڀتو اهو ماڻهو ڏيئي سگهي ٿو جيڪو پاڻ ڪرپٽ هجي يا ڊيڄو هجي . ايماندار ۽ دلير کان ڪو به ماڻهو ڀتي وٺڻ جي جرعت ڪري نه ٿو سگهي . کوڙ سارا مثال آهن .ڊاڪٽر اديب کان ته ڪو ڀتو وٺي ڏيکاري. اهڙن ماڻهن جي دل تڏهين وڌي ويئي آهي جو اسان پاڻ ڊڄڻا ٿي پيا آهيو يا وري ڪرپٽ. جيسين تائين اسان ۾ انهن ڪمزورين مان جيڪڏهين ڪا هڪ به موجود آهي ته زوري ڀتو يا چندي وٺندڙن ۾ واڌارو ٿيندو رهندو .گهٽتائي ڪا نه ٿيندي .
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو