سڄڻ منهنجي سِر جو، پرين تون پيارو، منهنجي جان جگر تون، منهنجو جيءُ جيارو، توکي لڳي نه سيءُ ، ڀلي هجي سيارو، الله ڪري زال ملئي ، رنگ هجيس ڪارو، نڪي پچائي ماني، نڪي ڏي ٻُهارو، اچي ڪو مهمان ، ته ڪري روڄ راڙو، جي ٿئي پريشان پاڙو، ته قربان ڪجانس اُضحي واري عيد تي.