پروفيسر مدد علي جهتيال شخصيت ڇا کي چئبو آهي، اهو هڪ وڏو سوال آهي، ڇو ته عام طور تي ماڻهو چوندا آهن ته فلاڻي جي شخصيت تمام سٺي آهي ۽ فلاڻي جي خراب آهي، سائنسي يا معاشرتي طور تي ائين چوڻ ٺيڪ نه آهي، ڇاڪاڻ ته هر شخص الڳ شخصيت رکندڙ آهي، فقير کان وٺي ملڪ جي صدر، وزيراعظم تائين هر شخص عزت ۽ احترام رکندڙ آهي. الله باري تعاليٰ قرآن پاڪ ۾ پڻ اهو فرمايو آهي ته سڀ انسان برابر آهن، ڪو وڏو يا ننڍو نه آهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪو شخص پنهنجي ٻارن ۽ ٻچن لاءِ سٺو هجي، پر پنهنجن ٻين مائٽن سان سٺي طرح پيش نه ايندو هجي، سٺي ۽ خراب، بهادر ۽ بزدل جي معنيٰ هڪ ثقافت کان ٻي ثقافت بدلجي ويندي آهي، يعني هي سڀئي اضافي شيون هونديون آهن. مثال طور انهن جي زماني ۾ هڪ شخص امن پسند هجي ۽ ان جي ڪا شناخت واضح نه هجي، جڏهن وري دشمن سان جنگ ڪندي بهادري ڪري ته ان کي لقبن سان نوازيو ويندو آهي. شخصيتون هڪ فرد جو محض لباس يا ظاهري جسماني خصوصيتون ئي ظاهر ناهن ڪنديون، شخصيت مان مراد اهي ڪم ۽ خصوصيتون هونديون آهن، جيڪو هڪڙي شخص کي سڀني جسماني صلاحيتن، ظاهري ۽ لِڪل طرز عمل، مفادن، اقرار، تصور، ذات ذهنيت ۽ ذهانت وغيره تشڪيل ڪندا آهن. ڇو ته شخصيت ثقافت جهڙي پيچيده هوندي آهي. هي هڪ جامع تعريف آهي، جنهن ۾ هڪ شخص جي ظاهري باطني، سٺي عمل هڪ فرد جي ٻين نفسياتي، حياتياتي قابليت ۽ طبي رجحان شامل آهن. اسين چئي سگهون ٿا ته شخصيت ۾ هڪ شخص جا اهي سڀ عمل شامل هوندا آهن، جيڪو هو انجام ڏيندو آهي. ڪيترائي سبب آهن، جيڪي فرد جي شخصيت تشڪيل ۾ مدد ڏيندا آهن ۽ تشڪيل ۾ ڪنهن هڪ حصي جو اندازو لڳائڻ تمام مشڪل آهي. اسين الڳ ڪري ٻڌائي نه ٿا سگهون ته شخصيت جي تشڪيل لاءِ ڪهڙو فيڪٽر اهم آهي. البته شخصيت جي تشڪيل ڏيڻ وارا فيڪٽر هي ٿي سگهن ٿا، هيٺيان سڀئي فيڪٽر شخصيت جي نشو نما جي لاءِ اجتماعي طور تي ڪم ڪندا آهن. (1) طبي ماحول، (2) حياتياتي فيڪٽر، (3) حالاتي فيڪٽر، (4) ثقافتي فيڪٽر، (5) معاشرتي ماحول ۽ ڪردار وغيره. طبي ماحول ۾ علائقن، زمين، آبهوا، جبل، درياهه، ٻيلن ۽ بيابانن جون خصوصيتون شامل آهن، ان کان علاوه قدرتي ماحول به ڪنهن شخص جي تشڪيل ۽ تعمير ۾ رول ادا ڪندو آهي. مثال طور تي جهنگلي علائقي جا رهڻ وارا ماڻهو، ميداني علائقي ۾ رهڻ وارن ماڻهن جي مقابلي ۾ مختلف، صحت، قوت، جسم رنگ وغيره جا حامل هوندا آهن، انهيءَ سان گڏوگڏ ٻهراڙي جي ماڻهن جون شخصيتون شهري ماڻهن کان تمام گهڻو مختلف هونديون آهن. طبي ماحول انساني جسم جي ڪيترن ئي حصن جي ترڪيب ۽ ساخت تي اثرانداز هوندو آهي، مثال طور، مختلف جاگرافيائي ماحول ۾ آبادي جو گنجان پڻ بدلجي ويندو آهي ته باالاخر هڪ شخص جي معاشرتي ميل ميلاپ ۽ رهڻيءَ ڪهڻيءَ کي متاثر ڪندو آهي. حياتياتي فيڪٽر جي ترڪيب جسم جا فيڪٽر هوندا آهن، جيڪو هڪ شخص جي تربيت ۽ انجام کان شخصيت جي تعمير ۽ تشڪيل ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. ان حياتياتي فيڪٽر ۾ غدود، اعصابي نظام احساسات، ذهانت جسماني خصوصيتون به فرد جي طبي مزاج ۾ شامل هوندا آهن. جيڪڏهن غدودي نظام ڪم نه ڪري ته هي هڪ شخص جي شخصيت تي اثرانداز هوندو آهي. مثال طور تي جيڪڏهن جنسي غدود معمول جي مطابق ڪم نه ڪري ته پوءِ انسان جي نشونما به متاثر ٿيندي آهي. حالاتي فيڪٽر به اهم حيثيت والاري ٿو. مثلن، ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ وڃڻ وارا ماڻهو، ڪراچي ۾ رهندڙ ماڻهن جي ڀيٽ ۾ محتاط رهڻ پسند ڪندا آهن، ڏٺو ويو آهي ته شخصيت جون خصوصيتون مستقل طور تي مقرر ناهن هونديون، بلڪه وقت گذرڻ سان تبديل ٿينديون رهنديون آهن، اهڙي طرح خانداني اثرا پڻ شخصيت تي پون ٿا، جهڙي طريقي جو خاندان هوندو، اهو انهيءَ طريقي سان تربيت ڏئي ٿو ۽ انهيءَ تربيت مطابق هو شخصيت جو مالڪ ٿئي ٿو، جنهن ۾ ڪو بهادر، ڪو بزدل، ڪو ڊڄڻو، ڪو احساس ڪمتري جو شڪار ته ڪو احساس برتري ۾ هليو وڃي ٿو، انهيءَ سان گڏوگڏ ڪو آزاد خيال ته ڪو مذهبي خيال جو ٿي وڃي ٿو. ثقافتي خصوصيتون به شخصيت تي اثرانداز ٿينديون آهن، ڪن کي گروهي تربيت ملندي آهي، ڪن کي آزاد انهيءَ ثقافتي تربيت جي بنياد تي شخصيت جا مالڪ ٿين ٿا. هر شخص معاشري ۾ پنهنجو رول ادا ڪندو آهي، مثال طور اسان جي معاشري ۾ نوجوانن کان توقع ڪئي ويندي آهي ته اهي پنهنجي وڏن جا تابع ۽ پوئلڳ ٿين، پر ڪڏهن ڪڏهن ائين نه به ٿيندو آهي، مثال طور، مولوي جو پٽ مولوي نه ٿيندو آهي، نسل ۽ ذات به رول ادا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪم ادا ڪري ٿو. پاڪستاني معاشري ۾ ڇوڪريءَ جي شخصيت ڇوڪري جي شخصيت کان بلڪل مختلف آهي، انهيءَ سبب جي ڪري به اسان جي معاشري ۾ شخصيت تي اثر پون ٿا. مقصد اهو نڪتو ته شخصيت گهڻ رخي شيءِ آهي ۽ ڪيترائي سبب آهن، جيڪي فرد جي شخصيت کي ٺاهين ٿا، شخصيت کي جانچڻ لاءِ ڪو خاص پئمانو پڻ نه آهي، جنهن سان جاچي سگهجي، البته اسان جي معاشري ۾ ڪردار ۽ عمل کي ڏسي شخصيت جو معيار ٺاهيو وڃي ٿو، جيڪو پڻ اڻپورو آهي. ڇو ته شخصيت ٺاهڻ ۾ وڏو عرصو لڳي ٿو، انهيءَ عرصي دوران به شخصيت جو صحيح پئمانو لڳائڻ مشڪل آهي