عبدالرحيم گجراڻي
سينيئر رڪن
پاپي آ پاپي آ ڏاڍي دنيا مولا تنهنجي پاپي آ
دنيا مولا تنهنجي پاپي آ ڪري ظلم اڃان نه ڍاپي آ
ڪو زنجيرن ۾ جھکڙيل آ ڪوئي فاسيءَ تي لٽڪيل آ
ماڻهن جا هٿ بم ۽ گوليون مائۡن جون ٿيون خالي جھوليون.
نوٽن تي انسان ٿو وڪجي اندر جو ايمان ٿو وڪجي
انسانن جي پيار تي ڪاتي جذبن جي اظهار تي ڪاتي
هن ڌرتيءَ جون ڪيئي نياڻيون گھر جي کوليءَ ۾ قيدياڻيون
جيڪا ڪۡڇندي ماري ويندي بي ڏوهي ٿي ڪاري ويندي
رسمۡن جي ڪوٽن مان روئندي پاتي نيڻن جھاتي آ،
زاهد جيسين زنده آهيان جنت جهڙو جڳ ٿو چاهيان
منهنجون سوچون ٻيڙيون آهن ٻڏندن کي ٿيون پار پڄائن
مون پنهنجو رتۡ هاريو ناهي جنهن، تنهن کي پياريو ناهي
مون دل وارن جي ذهنن ۾ سوچ سفر جي پاتي آ.