• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دل مان ٿي آهه نڪري

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ نرمل
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

نرمل

سينيئر رڪن
دل مان ٿي آهه نڪري
”نرمل“ کوهارو
دل مان ٿي آه نڪري،
بنا تو ڪين مون سري،
پل پل ٿو عذاب گذري،
ڏي ڪو پيالو زهر ڀري،
تو لئه ٿو تن رڙي،
تو لئه ٿو من سڙي.
آهن اکڙيون تولئه ٻاريل،
سڪ ۾ اٿم ننڊ به اڏاميل،
آدلڙي به درد سان گهايل،
برهه جي آ باهه به تپايل،
تو لئه ٿو تن رڙي،
تو لئه ٿو من سڙي.
اوڍيم تن تي ويس ڪارو،
ٿو لڻان پيو ڏکن لابارو،
ڪو پهر مون سان گذاريو،
مٺا مون اڱڻ تو لئه ٻهاريو،
تو لئه ٿو تن رڙي،
تو لئه ٿو من سڙي.
مون نينهن جو گيت ڳاتو،
تو مونکي ڪين سڄاتو،
پوءِ به من رهي تولئه آتو،
پر تون نه آ پريتم ڄاتو،
تو لئه ٿو تن رڙي،
تو لئه ٿو من سڙي.
ڪرمعاف تون خطائون،
”نرمل“ کي نه ڏي سزائون،
ٿو گهران تو لئه دعائون،
لهان شل توسان لانئون،
تو لئه ٿو تن رڙي،
تو لئه ٿو من سڙي.
 
جواب: دل مان ٿي آهه نڪري

ٿو گهران تو لئه دعائون،
لهان شل توسان لانئون،
تو لئه ٿو تن رڙي،
تو لئه ٿو من سڙي.

ادا نرمل اسانجون دعائون اوهان سان گڏ، رب العالمين اوهانکي دل گهريي دلبر سان ملائي ۽ اوهان ان سان لائون لهو ۔۔۔

سنڌي ۾ چوڻي آهي ته ”نينگر به ننڍي جمعا به گهڻا“ ۔۔۔ انڪري صبر ڪيو، پاڻ کي ساڙيو نه ۔۔۔ اڄ نه ته صبحان اوهانجي تتل وارياسي ٿر تي به سارنگ ٿيندو ۽ پوءِ بهارون ٿينديون، مور نچندا، همرچا ڳائبا ۔۔۔۔ انشاء الله
 
جواب: دل مان ٿي آهه نڪري

پل پل ٿو عذاب گذري،
ڏي ڪو پيالو زهر ڀري،
تو لئه ٿو تن رڙي،



لاجواب شيئرنگ سان گڏ مون جي خيالن جي عڪاسي ڪئي وئي آهي


بهترين

سدا شاد ۽ آباد هجو

سدائين گڏ
 
Back
Top