شهيد شڪيل کونهاري جي رياستي ادارن هٿان کنڀي گم ڪرڻ بعد شهيد ڪرڻ خلاف 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيون ٿا، شهيد شڪيل کونهاري جي امڙ ۽ والد کي پٽ جي شهادت تي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو، سنڌ جو هر شهيد منهنجو ئي اولاد آهي، پنهنجي پيارن جا لاش جيئ جهورين ٿيون پر ان سان اسان پنهنجي منزل کي ويجهي پهچنداسين، پنهنجي پٽن ۽ ٻچن جا لاش ڪلهن تي کڻي به آزاديءَ جي سفر جي جاري رکندا سين، سموريون آزادي پسند ڌريون گڏجي شهيد جي لاش کي ڪلهو ڏئي پنهنجو قوم فرض ادا ڪن عالمي دنيا کي سنڌ جي نوجوانن جي چچريل لاشن ۽ قومي تحريڪ خلاف رياست جي فاشي سازشن کان آگاهه ڪيو ويندو، سنڌي ميڊيا کي اپيل ڪيان ٿو ته هو سنڌ جي ٻچن جي چچريل لاشن جي ڪيس کي ميڊيا ذريعي اجاڳر ڪري عالمي دنيا آڏو سنڌ جو ڪيس رکن، جيئي سنڌ متحدا محاذ (جسمم) چيئرمين شفيع محمد برفت پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته رياستي ادارن پاران جسمم ڪارڪن شهيد شڪيل کونهاري کي کنڀي گم ڪرن بعد سندس تشدد ڪري لاش اڇلائڻ واري عمل کي رياست جي کليل دهشتگردي سمجهان ٿو، پنهنجي پٽن ۽ ٻچن جا لاش ڪلهن تي کڻي آزاي جو سفر جاري رکنداسين، هن چيو ته شهيدن جي قرباني ۽ رت اسانجي منزل کي وڌيڪ چٽو ثابت ڪري رهي آهي، جنهن قوم جا فرزند پنهنجي ننگ ۽ ناموس خاطر جانيون قربان ڪرڻ لاءِ تيار هجن ان کي دنيا جي ڪا به طاقت گھڻو وقت غلام نه ٿي بڻائي سگھي اهو تاريخ جو کرو سچ آهي، سنڌ جي سپوتن جو شهادتون قوم ۽ نوجوانن جي اندر جرعت بخشين ٿيو، اسان قوم جي بقا ۽ وطن جي سلامتي لاءِ اهو رستو اختيار ڪيو آهي ۽ رت جي آخري ڦڙي تائين نڀائين سنڌ وطن کي سلامت رکنداسين، هن چيو ته آزدي جي عظيم مقصد لاءِ وطن جي سچن سپوتن جو ٻليدان غيرتمند قوم جي سڃاڻپ آهي، ۽ اسان قربانيون پيش ڪري تاريخ جي هن امتحان ۾ سُرخرو ٿينداسين، هن چيو ته سنڌي قوم پنهنجي ٻچن جي چچريل لاشن کي وصول ڪندي هاڻ اهو سمجهي چڪي آهي ته پنجاب سنڌي قوم جي فڪر کان خوفزده ٿي سنڌ جي سپوتن کي شهيد ڪري رهي آهي، جيڪا هن رياست جي لاءِ نفسياتي شڪست آهي، هن چيو ته سنڌ جي آخري پٽ جي قرباني تائين اسان پنهنجي جدوجهد کي جاري رکنداسين، گمشدگين ۽ چڇريل لاشن ذريعي سنڌي قوم جي آواز کي ماٺو نه ٿو ڪري سگهجي. شهادتون اسان جو منزل آهن. وطن جي بقا خاطر سنڌ هزارين ورهين کان قربانيون ڏيندي رهي آهي، اسان به ان هزارين سالن جي شهادتن جي تاريخ جو تسلسل آهيون، شهيدن جي جسم مان ڪرندڙ رت جو هر ڦڙو اسان کي پنهنجي منزل جي ويجهو ڪري رهي آهي. شهيدن جو رت اسان کي حوصلو بخشي رهي آهي. هن چيو ته آئون شهيد شڪيل جي امڙ، والد ۽ عزيزن کي سندن پٽ جي شهادت جون مبارڪون پيش ڪيان ٿو، ۽ چوان ٿو ته سنڌ جا سمورا شهيد منهنجا پٽ آهن، پنهنجي ٻچن جا چچريل لاش جيئ جهورين ٿيون، پر اهي شهادتون اسان کي پنهنجي منزل جي قريب وٺي وڃي رهيون آهن، ڪارڪن ثابت قدم ٿي وطن جي بقا جي دعوا تي قائم رهن. اسان جلد پنهنجو منزل ماڻينداسين. هن چيو ته آئون سنڌي قوم جي باشعور دانشورن، اديبن، صحافين کي چوان ٿو ته جسمم جي خلاف رت جي راند واري رياستي بربريت جو نوٽيس وٺن، ۽ سنڌي ميڊيا سنڌ جي سپوتن جي گمشدگين، چچريل لاشن کي قوم ۽ عالمي دنيا آڏو ظاهر ڪري سنڌ جي قومي ڪيس کي اجاڳر ڪن، هن چيو ته آئون عالمي مهذب دنيا، عالمي انساني حقن جي تنظيمن، گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري کي اپيل ٿو ڪيان ته هو سنڌ اندر غلامي خلاف جدوجهد ڪندڙ سنڌ جي سپوتن جي چچريل لاشن ۽ گمشدگين جو نوٽيس وٺن ۽ هن عالمي دهشتگرد پاڪستان کان پڇاڻو ڪن. هن چيو ته عالمي دنيا سنڌي قوم جي مدد ڪري هن پنهنجو بنيادي حق آزاي ڏياريو وڃي. جسمم پاران شهيد شڪيل کونهارو جي شهادت خلاف 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان پڻ ڪيو وڃي ٿو. جسمم چيئرمين شفيع محمد برفت