• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪاڪي آچار ڪئي قرباني...

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
ڪاڪي آچار قرباني واري عيد تي ڇيلي جي قرباني ڪئي، اڳلي هفتي هن خواب ۾ ڏٺو ته جنت ۾ ٻين جا قربان ڪيل ڇيلا ۽ ٻڪر گهمي ڦري رهيا آهن پر سندس قربان ڪيل ڇيلو ڪنڌ هيٺ ڪري هڪڙي جڳهه تي ويٺو آهي..
ڪاڪي پنهنجي ڇيلي کي چيو: توکي ڇا ٿيو آهي، اُٿ ۽ تون به انهن ڇيلن وانگر گهم ڦر جنت جي سير ڪر..
ڇيلي نماڻو منهن مٿي ڪري وري ڪاوڙ ۾ کيس چيو:
”اڙي او خدا جا بندا.. ڪيئن گهمان........ ڪيئن هتي جنت جي سير ڪريان... هي ڏس، منهنجي ٽنگ ڪانهي ڪا.. ڇو ته ان جو گوشت اڃان تائين تنهنجي فريج ۾ پيو آهي، ان کي ورهائي وٺ يا کائي ختم ڪر ته مان هڪڙي پاسي ٿيان...”
ههههه
 
Back
Top