عمران خان هاڻي هوريان هوريان پٽڙيءَ تان لهي رهيو آهي، مان ذاتي طور ان ماڻهوءَ مان وڏي اميد رکندڙ هيس پر عمران هاڻي لڳاتار ٽاٻڙيءَ ۽ ٽڏ جي وَرِ چڙهندو ٿو وڃي، نون صوبن جي ڳالهه ڪري تہ اٿو پر ڀينڊُ اڳڙيءَ ۾ ويڙهي اڇلائي رهيو آهي جيڪو متان اڳتي هلي ان لاءِ ئي چرچو ڀوڳ ٿي سگهي ٿو.