آفتاب احمد سومرو
سينيئر رڪن
پيارا دوستو ايڇ ٽي ايم ايل جي پهرين ڪلاس ۾ توهان کي ڀليڪار چوان ٿو، اميد ٿو رکان ته سمجهايل ڳالهين تي عمل ڪندي پنهنجي ذهن کي روشن ڪندا، جيئن هر ڪم ۾ محنت جي ضرورت هوندي آهي، تيئن ويب ڊيزائننگ ۾ به تمام گهڻي محنت جي ضرورت آهي، پرجڏهن توهان کي محنت جي عادت ٿي ويندي ته پو تمام گهڻو لطف ايندو، پروگرامر ٿيڻ ڪا سولي ڳالهه نه آهي پر جنهن کي عادت ٿي وڃي پو ان کي ڪنهن ٻي ڳالهه ۾ مزو نه ايندو، پروگرامنگ هڪ فن آهي، پروگرامنگ جي ذريعي اسان يوزر جي لا هڪ اهڙو پليٽ فارم تيار ڪندا آهيون، جنهن کي استعمال ڪرڻ ان يوزر جي مجبوري هوندي آهي.
ڪمپيوٽر جا استعمال ڪندڙ ٽن قسمن جا شخص هوندا آهن.
1. ڪمپوٽر آپريٽرس: هي اهي هوندا آهن جيڪي صرف ڪمپيوٽر ۾ موجود پروگرامن کي هلائي سگهن.
2. ڪمپيوٽر پروگرامر: هي اهي هوندا آهن، جيڪي پهرين نمبر وارن مطلب ڪمپيوٽرآپريٽرس جي لا پروگرام تيار ڪندا آهن.
3. سسٽم اينالسٽس: هي اهي ماهر هوندا آهن جتي ڪمپيوٽر پروگرام منجهي ويندو آهي يا ان جو دماغ اڳتي نه هلندو آهي ۽ پروگرامننگ لاجڪ سمجهه نه ايندي اٿس اتي هي سسٽم اينالسٽس ان کي گائيڊ ڪندا آهن.
جيڪڏهن اسان به چاهيون ٿا ته ڪجهه حاصل ڪيون ته، اسان کي سخت محنت ڪرڻي پوندي، پروگرامننگ هڪ اهڙو فن آهي، جيڪو آساني سان هٿ ۾ نه ايندو پر ناممڪن نه آهي، سو دوستن کي عرض آهي ته مهرباني ڪري ٿوري وڌيڪ توجه سان سکن ۽ رابطي ۾ رهن ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي ته ضرور پڇن ته جيئن وقت سان انهن جي رهنمائي ڪري سگهجي.
مهرباني.
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: