اچو ته فقير کان انگريزي سکون دوستو! اسانجي هن اڱڻ جي فقير محترم ڦلپوٽي صاحب، ڪجهه مهينا اڳ انگريزي ٻولي سيکارڻ جو هڪ سلسلو شروع ڪيو هو، سٺي ڳالهه هئي پر ڪجهه سببن ڪري فقير سائينءَ ان ڪم کي معطل ڪري ڇڏيو ... انکانپوءِ ٻين دوستن به سٺا وڊيو انگريزي ٻوليءَ کي سکڻ جا ونڊ ڪيا هئا ...هي هڪ انگريزي فقير آهي جيڪو انگريزي سيکاري ٿو ... متان سندس طريقو اوهانکي به وڻي وڃي ۽ انگريزي سکڻ لئه آماده ٿي وڃو، ڃاڪاڻ ته ٻوليءَ سان گڏ سٺا ۽ سهنا علائقا ۽ مثال انتهائي وڻندڙ آهن ... يو ٽيوب تي سندس ڪيتريون ئي وڊيوز جو سلسلو نمبرن سان موجود آهن ... هي وڊيوز انهن دوستن کي فائدو ڏينديون جي اڳ ئي ڪجهه انگريزيءَ جي ڄاڻ رکنٿا ...پاڻ ڏسو ...
جواب: اچو ته فقير کان انگريزي سکون واه فقير واه۔۔۔ =D> سائين نثار توهان جو آندل فقير ڪجهه تڳڙو ٿو لڳي۔۔۔b-) اسان جي فقير وانگر نه گهٻرائي ٿو ۽ نه وري شرمائي ٿو @-) بلڪه پنهنجي اڇوتين حرڪتن سان محظوظ به ڪرائي ٿو۔۔۔۔:-j سندس پهرين سبق ۾ سڀ کان اهم ڳالهه هئي سندس طرفان ٻڌايل انگريزي سکڻ جا اصول۔۔۔۔:-@ خاص طور آخري اصول ته اصل مٽ ڀڃي ڇڏيا۔۔۔۔:-t باقي وڊيوز ڏسي ضرور تبصرو ڪبو۔۔۔۔><
جواب: اچو ته فقير کان انگريزي سکون هائو يار! فقير هوندا ئي اهڙا آهن ۽ عوام جي ڀلي جا ڪم ته ڪندا ئي رهندا آهن ۔۔۔ اسانجو فقير به ان انگريزي فقير کان گهٽ ته ناهي ۔۔۔
جواب: اچو ته فقير کان انگريزي سکون بلڪل سائين توهان صحيح پيا چئو پر سائين هي انٽرنيشنل فقير ڪٿا هٿ ڪيو اٿئو هي انٽرنيشنل فقير به ڪنهن کان گهٽ ناهي جيڪو پريڪٽس ۽ ڪانفيڊنس کي اهميت ٿو ڏئي سائين اسان به چئون ته اڄ ڪلهه اهو انٽرنيشنل ڪهڙن ڪمن ۾ مصروف آهي اڄ خبر پئي اڳي پو۽ چڳو ڪم شروع ڪيو اٿائين بهترين شيئرنگ پيش ڪرڻ تي توهان جس لهڻو سدائين گڏ
جواب: اچو ته فقير کان انگريزي سکون حاضر ادا اهڙو ڪو سنڌي فقير مليو جيڪو انگريزي به سنڌيءَ ۾ ڳالهائيندو هجي ته کيس پڪڙي وٺبو (جيئن جانو جرمن)، باقي في الحال ته هن فقير کان ئي سکي وٺو ۔۔۔ مجبوري آهي ۔۔۔ پرائي زبان آهي ۽ پاڪستان سڳوري ۾ انگريزي ته سکڻي پوندي ۽ جي نه سکنداسون ته پوئتي رهجي وينداسون ۔۔۔ ڇاڪاڻ ته سنڌي ٻولي ماشاء الله تمام آسودي آهي پر اڃان جديد ۽ اعلا تعليم پنهنجي ٻوليءَ ۾ سکڻ/ سيکارڻ جي ڪا ڪوشش ناهي ٿي ۔۔۔ دعائن ۾ گڏ ۔۔۔
سائين اهو مسٽر ڊنڪن آهي انگلينڊ جو، جيڪو بهترين طريقي سان انگريزي سيکاري پيو۔ هن جا وڊيوز تمام مشهور آهن۔۔۔