HTML ڪلاس 2

'ويب ڊيزائيننگ' فورم ۾ آفتاب احمد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏12 آڪٽوبر 2014۔

  1. آفتاب احمد سومرو

    آفتاب احمد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    133
    ورتل پسنديدگيون:
    420
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    343
    ڌنڌو:
    سافٽ ويئر ۽ ويب ڊويلپر
    ماڳ:
    سڪرند
    [​IMG]
    HTML چئن اکرن جو مجموعو آهي، جنهن جو فل فارم آهي، HYPERTEXT MARKUP LANGUAGE ، هيءَ هڪ ڪمپويٽر لينگويج آهي.

    سڀ کان پهرين اهو ٻڌايان ته ڪمپيوٽر لينگويج ڇا آهي؟ جيئن ته توهان سڀ اها ڳالهه ڄاڻو ٿا ته لينگويج هڪ اهڙو ذريعو آهي جيڪو ٻن انسانن جي وچ ۾ رابطو پهچائڻ لاءِ استعمال ٿيندو آهي. پر جتي ڪمپيوٽر لينگويج جي ڳالهه ٿئي ته اسان چئي سگهون ٿا ته هيءَ هڪ اهڙي زبان آهي جيڪا انسان ۽ ڪمپيوٽر جي وچ ۾ ڪميونيڪيشن جو ڪم ڪري ٿي. هن ڳالهه کي اسان هن طرح به ڊيفائن ڪري سگهون ٿا.

    Computer language is a way of communication between man and computer, that tells the computer what men wants.

    HTML هڪ اهڙي لينگويج آهي جيڪا اسان کي ويب پيج ٺاهڻ ۾ مدد ڪري ٿي. هن لينگويج جي سڀ کان وڏي خصوصيت اها آهي ته هن جي لاءِ ڪنهن خاص سافٽ ويئر جي ضرورت نه پوندي آهي بلڪه توهان هن جي ڪوڊنگ ڪنهن به ٽيڪسٽ ايڊيٽر ۾ ڪري سگهوٿا، جيئن WORDPAD, NOTEPAD پر انهن مان نوٽ پيڊ جي اهميت وڌيڪ آهي.

    HTML جا ڪجهه قائدا ۽ قانون آهن، آئون اهي سڀ قانون شروع ۾ ٻڌائي توهان کي پريشان نه ٿو ڪرڻ چاهيان، پر آهستي آهستي ٻڌائيندو رهندس، في الحال صرف توهان حساب (ميٿ) جو هڪ فارمولو ياد رکو ته جڏهن به ڪا بريڪيٽ کولبي آهي ته ان کي لازمي طور تي بند ڪبو آهي نه ته جواب درست نه ايندو آهي، HTML هن قائدي کي ٽيگس جو نالو ڏئي ٿي. اهي ٽيگس LESS THAN
    >
    ۽ “
    <
    GREATER THAN” جي مدد سان لڳائبيون آهن. سڄي ايڇ ٽي ايم ايل ۾ هي قانون ياد رکڻو آهي.

    هاڻي اچو ته باقائدي ايڇ ٽي ايم ايل شروع ڪيون، سڀ کان پهرين NOTEPAD پروگرام کوليو ۽ هيٺ ڏنل ڪوڊنگ ٽائپ ڪيو.


    <HTML>

    <HEAD>

    <TITLE>MY FIRST WEB PAGE</TITLE>

    </HEAD>

    <BODY>

    <H1>Welcome to World</H1>

    </BODY>

    </HTML>

    هاڻي توهان ان فائل کي D: ڊرائيو ۾ محفوظ ڪيو پر ياد رکو ته فائل جو نالو ۽ ان جو ايڪسٽينشن .HTM يا .HTML ضرور رکو نه ته اسان جو فائل ٽيڪسٽ فارميٽ ۾ محفوظ ٿي ويندو. هاڻي توهان ان ڊرائيو ۾ وڃي ان فائل کي ڊبل ڪلڪ ڪري هلائي ڏسو ته توهان ڏسندوء ته توهان جو ويب برائوزر Mozilla Firefox, Chrome, Internet Explorer يا جيڪو توهان استعمال ڪندا آهيو ان ۾ ويب پيج هلي ويندو ۽ رزلٽ ۾ Welcome to World لکجي ايندو.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏15 آڪٽوبر 2014
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    ادا تمام سٺو سمجهايو اوهان پر مارڪ اپ لينگئيج ۽ پروگرامنگ لينگئيج ۾ تمام گهڻو فرق آهي. اوهان تعارف پروگرامنگ لينگئيج جو ڏنو آهي، جڏهن ته سکيا مارڪ اپ لينگئيج جي آهي...
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. آفتاب احمد سومرو

    آفتاب احمد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    133
    ورتل پسنديدگيون:
    420
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    343
    ڌنڌو:
    سافٽ ويئر ۽ ويب ڊويلپر
    ماڳ:
    سڪرند
    ادا سجاد علي چنا صاحب توهان بلڪل درست فرمايو ته مارڪ اپ ۽ پروگرامنگ لينگويج ۾ تمام وڏو فرق آهي، پر ٻنهي لا سخت محنت ۽ توجه جي ضرورت آهي، مارڪ اپ لينگويج ۾ به اهو ئي ڌيان ۽ شوق رکڻو پوندو جيترو پروگرامنگ لينگويج ۾ رکبو ان لا لينگويج سکڻ تمام ضروري آهي، پو اها ڪهڙي به هجي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    بالڪل آفتاب.. تنهنجي محنت رنگ لائيندي......... هتان گهڻا دوست پرائيندا.. ڀلي پوءِ فيڊ بيڪ ڏيڻ ۾ ڪنجوسي ڪن.. پر اوهان جي هيءَ محنت رائگان نه ويندي..... اميد ته ريگيولر ٽيوٽرل پيش ڪندئو...
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. آفتاب احمد سومرو

    آفتاب احمد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    133
    ورتل پسنديدگيون:
    420
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    343
    ڌنڌو:
    سافٽ ويئر ۽ ويب ڊويلپر
    ماڳ:
    سڪرند
    جي ادا بلڪل صحيح فرمايو اٿو، الله سائين کان دعا آهي ته مونکي همت ڏئي ته آئون ڪجهه پنهنجي قوم جي لا ڪجهه ڪري سگهان، پنهنجي سنڌي قوم کي سکيا جي تمام گهڻي ضرورت آهي، انگريزي ۽ اردو ۾ ڪافي ڪم ٿي چڪو آهي، پر افسوس پنهنجي سنڌي ٻولي ڪافي پوئتي آهي، پاڻ سڀ ملي هن پليٽ فارم تان پنهنجو فرض نڀايون ته هڪ ڏينهن ڪاميابي ضرور پنهنجا قدم چمندي.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏13 آڪٽوبر 2014
    سائل مهراڻ، سجاد علي چنا ۽ (deleted member) هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    الله پاڪ توهان کي استقامت عطا فرمائي . هي تمام اهم ٽٽوريل آهن، جيڪي بنيادي آهن ۽ نون سيکڙاٽ دوستن کي تمام گهڻو فائدو ڏيندا.
    سٺي محنت آهي جاري رکو.
    ڪلاس 3 جو انتظار آهي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
  8. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. آفتاب احمد سومرو

    آفتاب احمد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    133
    ورتل پسنديدگيون:
    420
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    343
    ڌنڌو:
    سافٽ ويئر ۽ ويب ڊويلپر
    ماڳ:
    سڪرند
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو