• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسان اتي جو اتي ڇو؟

منصور سرور

سينيئر رڪن
مهتاب اڪبر راشدي

پاڪستان کان ٻاهر جو چڪر ڀلي ٻن ڏينهن جو هجي، ٻن هفتن جو هجي يا ٻن مهينن جو، لڳائي موٽي اچڻ کان پوءِ ايئرپورٽ تي لهڻ کان وٺي گهر پهچڻ تائين، حالتون ساڳيون جو ساڳيون ملنديون. بلڪه اهو چوڻ غلط نه ٿيندو ته اڃا به ڏينهون ڏينهن، معاملا ابتري طرف ئي ويندي ڏسڻ ۾ ايندا. پويون هفتو به ملڪ کان ٻاهر هيس. هن دفعي لنڊن ۾ ٻارهن ڏينهن رهيس. هڪ بين الاقوامي ڪانفرنس ۾ شرڪت کانپوءِ ڪجهه ڏينهن پنهنجي ڀائٽي جي گهر ۾ گڏوگڏ، ڪجهه دوستن، احبابن سان گذارڻ جو موقعو مليو. ان کان اڳ، منيلا، سري لنڪا، بئنڪاڪ، نيو يارڪ ۽ اسٽاڪ هوم ۾ به ڪجهه گڏجاڻين ۽ ڪانفرنس ۾ وڃڻ ٿيو هو. انهن ملڪن ۾، جن مان ڪي ترقي يافته ۽ ڪي ترقي پذير ۽ ڪي ٽين دنيا جي ملڪن ۾ شامل آهن. پر هر دفعي اُتي ڪانه ڪا نئين شئي ڏسڻ ۾ ضرور ملندي آهي.

بئنڪاڪ ۽ منيلا جهڙا ترقي پذير ملڪ به پنهجن سياسي هيٺ مٿاهين سان گڏوگڏ، ترقيءَ جو سفر جاري رکيو پيا اچن. هنن پنهنجي ملڪن ۾ موجود سياحت جي لاءِ ڪشش رکندڙ ماڳن کي ترقي ڏياري آهي. اُتي جا تفريحي ماڳ مڪان ۽ شاپنگ سينٽرز، اسان جي ملڪ جي واپارين لاءِ پڻ دلچسپيءَ جو سبب بڻيل آهن. ٿائلينڊ، سريلنڪا ۽ بنگلاديش کان اچڻ وارا مڙئي جهاز اهڙن واپارين سان سٿيل هوندا آهن، جيڪي اُتان جو مال آڻي، پنهنجي مارڪيٽن ۾ وڪرو پيا ڪن.اِهو پڇجو ته نه اِهي ايئرپورٽ تي ڪسٽم مان ڪيئن ٿا نڪرن.ڪسٽم ڊيوٽي ته هو ڏيندا هوندا. اُها قومي خزاني ۾ نه، بلڪه فردن جي کيسن ۾ ضرور وئي هوندي. پاڪستان زنده باد.

نه رڳو اِهو، بلڪه انهن ننڍڙن ملڪن، نيپال سوڌو به هڪ هڪ منٽ ۾ غير ملڪي جهاز لهندا ۽ چڙهندا ٿا رهن. سڄي دنيا مان سياح اتي اچن ٿا ۽ پنهنجو وقت سير و تفريح ۽ شاپنگ ۾ گذاري سڪون سان موٽي ٿا وڃن. انهن ملڪن جي اميگريشن ڪائونٽرز ۽ ايئر لائينز ڪائونٽرز مان واندو ٿيڻ ۾ تي ڪلاڪ ڏيڍ لڳيو وڃي. هتي اسان جي ايئرپورٽ تي امارات جي ملڪن مان ڪو اڪيلو جهاز رات يا صبح جو پهچندو ۽ پندرنهن منٽن ۾، اميگريشن ختم.

ِاها ڪا پراڻي ڳالهه ڪونهي، جڏهين پي آءِ اي جو سڄي دنيا ۾ ناما چار هيو. ايمرٽس ايئرلائين کي ٺاهيو به پي آئي اي ۽ تربيت به انهن کان ورتائون. اڄ اُها سڄي دنيا تي ڇانيل آهي. هنن جي ايئرپورٽ تي هر وقت ميلو متل آهي ۽ ايئرپورٽ جي سروس ۽ سهولت کان وٺي ايئر لائين، جهاز ۽ سروس ۾ سڄي دنيا سان مقابلي ۾ بيٺا آهن ۽ اسان….؟ ياد ڪونه اٿوَ ته پوين پنجن سالن ۾ اسان پنهنجا بين الاقوامي روٽس (Routs)، تُرڪ ايئر لائين کي وڪرو ڪري ڏيئي ڇڏيا. بين الاقوامي هوائي اڏن مان هاڻي ڪي وري اهڙا ملڪ ملندا. جتي توهان کي قومي ايئر لائينز جو جهاز بيٺل نظر اچي يا وري پي آئي اي جو ڪائونٽر ڏسڻ ۾ اچي.

ان کان علاوه انهن ملڪن ۾ سياسي ڇڪتاڻ جي صورتحال ۾ معاملا ڪيئن سلجھايا ٿا وڃن، ان جو تازو مثال، اسڪاٽ لينڊ وارو ريفرينڊم هيو. جيڪو منهنجي لنڊن پهچڻ کان هفتو کن اڳ ۾ ٿي گذريو هيو. اسڪاٽ لينڊ جي، انگلينڊ کان عليحدگي چاهيندڙن، پنهنجي جدوجهد ڪئي، پر ريفرينڊم ۾ جڏهين کين ڪاميابي نه ملي ته هنن عوام جي فيصلي کي قبول ڪري پنهنجي آڻ مڃي. انگلينڊ جي وزير اعظم رڳو ٻن منٽن جي تقرير ۾ ماڻهن جا ٿورا مڃيندي اهو اعتراف پڻ ڪيو ته هو عليحدگي جي گهر ڪرڻ وارن جو ٿورائتو آهي، جن اسان جو ڌيان پنهنجن غلطين ۽ ڪوتاهين طرف ڇڪايو آهي.اسان ڪوشش ڪنداسين ته انهن غلطين جو پورائو ڪيون.

لنڊن ۾، نه ته ڪنهن انگريز جي واتان، ان جو ذڪر ٻڌم ۽ نه ئي وري ڪنهن پاڪستانيءَ کي ئي ايتري واندڪائي هئي، جيڪو ان تي تبصرو ڪري. اُتي هر ڪو پنهنجيءَ ۾ ئي پورو آهي. ڇنڇر ۽ آچر کانسواءِ، توهان سان ڪنهن کي ملڻ جو وقت به مشڪل ئي ملي. اهو ته نازيه ميمڻ (ڪي ٽي اين جي پراڻي نيوز ڪاسٽر) ۽ سندس گهر واري جاويد کي شابس هئي جو رابطو به رکايائون ۽ نازيه جي موڪل واري ڏينهن تي، رات جي مانيءَ جو اهتمام به ڪيائون. ٻئي ڄڻا بي بي سي تي نوڪري پيا ڪن. اهو ڏسي خوشي ٿي. ڊاڪٽر لطيف سومرو ۽ ڊاڪٽر نسرين جوڻيجو سان فوجن تي ڊگهي ڪچهري ٿي. اُهي به پنهنجي ملڪ جا وٿاڻ ڇڏي، انگريزن جي ڏيهه ۾، دونهين دُکايو ويٺا آهن. پنهنجي پياري دوست ڊاڪٽر نسرين قاضي جي ڌيءَ سارا سان ملاقات ٿي. منهنجي ننڍي پٽ صُهيب سان گڏ پڙهندي هُئي. گهڻن سالن کانپوءِ هن سان مليس. هوءَ پڙهي به ٿي، نوڪري به ڪري ٿي هن جي محنت، عزم، حوصلو ۽ همت ڏسي، دل خوش ٿي.

انهن سڀني ملڪن کي ڏسڻ کانپوءِ ان نتيجي تي پهچڻ ڏکيو ناهي ته، جتي امن ۽ سڪون انصاف جو آسان حصول ۽ انسان دوست منصوبا، نظم ۽ ضبط جا اصول جڙيل آهن، اُتي پاڪستان ۽ سنڌ جا اڻ گهڙيا ڪاٺ به سڌا آهن. مجال آهي جو ڪو پنج منٽ به دير سان پنهنجي نوڪري تي پهچي! سگنل جي ڀڃ ڪڙي ڪيائين ته ڏنڊ واري ٽڪيٽ هٿ ۾، اُتي مدد ڪرڻ لاءِ نه مير نه پير، نه وڏيرو نه ڀوتار نه ايم اين اي ۽ نه ئي وري ايم پي اي، سو اتي سڄي مخلوق سڌي آهي. ڇو ته اتي قانون کان ڪوبه مٿانهون ڪونهي ۽ ادارا فردن کان مٿانهان آهن.

هاڻي، ڪيون پنهنجي پچار! ساڳيا لاٽون ساڳيا چُگهه، ڌرڻن جي سياست، هاڻي ڌرڻن کان ٻاهر نڪري، جلسن جو رُخ رکيو آهي. عمران خان جي بي لچڪ سياسي طور طريقو پنهنجي جاءِ تي، جنهن سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو. پر جنهن نموني سان، هو، ٽيڪس چورن ۽ ڀڀ ڀريندڙ کي للڪاري رهيو آهي، تنهن گهڻن جون ننڊون حرام ڪيون آهن. ملڪ جي وزيراعظم کان وٺي، اپوزيشن ليڊرن تائين، رڳو وضاحتون ڏيڻ ۽ عمران خان جون ڪمزوريون ڳولهڻ ۾ پورا آهن.

پيپلزپارٽي به خواب خرگوش مان جاڳي چُڪي آهي، اڳوڻو صدر صاحب، جيڪو پوين پنجن سالن ۾ ڪڏهن ڪو ورلي ڪُڇندو هو. سو خير سان پنجاب جي ”محاذ“ کي سنڀالڻ ۽ ناراض ڪارڪنن کي پرچائڻ ۾ رُڌل آهي ۽ سنڌ ۾ فرزند ارجمند لٿل آهي. ارڙهين آڪٽوبر جي ڪراچي ۾ رکيل بلاول ڀٽو زرداري جي جلسي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ، وڏا جتن ڪيا پيا وڃن، پنجاب ۽ سنڌ مان بسون ڀرائي ڪراچيءَ روانو ڪرڻ جا سانباها ڪيا پيا وڃن. جلسو ٿيندو سٺو ٿيندو ۽ ڪامياب ٿيندو. جذباتي تقرير به ٿيندي. پيپلزپارٽي جي ليڊرن جي ڏنل قربانين جو ورجاءُ به ٿيندو. پارٽي ۽ بينظير تي ٺاهيل ترانن تي ناچ به ٿيندا، پر ان کانپوءِ ڇا…؟ پارٽيءَ جو چيئرمين، سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگيءَ کي ڪيئن بهتر بڻائيندو…؟ حڪومت اندر سفارشي ڪلچر کي ڪيئن ختم ڪندو…؟ پنهنجي مُڏن وزيرن کان ڪم ڪيئن وٺندو..؟ ٻه ڏينهن اڳ جون اخبارون کڻي ڏسو، اغوا ٿيل ويهن کان وڌيڪ مرد ۽ ٻارن جون تصويرون ۽ انهن اغوا ٿيلن جي مٽن مائٽن جي اذيت ناڪيءَ ۾ گذرندڙ ڏينهن راتين جا جيءَ جهوريندڙ داستان بلاول جي ڪنن تائين ڪير پڄائيندوهوندو ..؟ ڇا هو سنڌ جي گهرو وزير جو کاتي پاڻ وٽ رکندڙ ”تجربيڪار“ وزيراعليٰ کان اهو رپورٽ طلب ڪندو ته هي ماڻهو برآمد ڇو نه ٿا ٿين..؟ جڏهن سنڌ جا رستا، ڳوٺ ۽ واهڻ، امن امان کان وانجھيل آهن ته جلسن ۾ ڪيل جذباتي تقريرن سان ڇا ٿيندو..؟ ڇا بلاول ان ڳالهه جي ضمانت ڏيندو ته جن نوڪرين تان پابندي هٽائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اُهي نوڪريون وڪرو نه ڪيون وينديون ۽ سٺي حڪمرانيءَ جو بنياد وجھڻ لاءِ صلاحيتن جي بنياد تي ماڻهن کي نوڪري ملندي..؟ بلاول ڀٽو زرداري، انهن اِدارن تي،جيڪي سندس والده ۽ ناني جي نالن پٺيان قائم ڪيا ويا آهن. تن جي معيار کي جاچڻ جي به ڪا ڪوشش ڪندو.. ؟ اِها جاچ به ته ڪري ته اتي جا وائيس چانسلر، ڊائريڪٽر ۽ ميڊيڪل سپريٽينڊنٽ،ڪنهن جي سفارش تي ۽ ڪيترا پئسا ڏئي انهن جاين تي رکيا ويا آهن ۽ اهي سڀ سنڌ جي عوام کي پئسي تي پاڻ ڪيترو عيش ٿا ڪن ۽ انهن ادارن کي ڪيتري ترقي ٿا وٺرائين.

بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي تعليم جي نه سڌرندڙ صورتحال جو به جائزو وٺندو؟ پوين پنجن سالن ۾ ڪيل تباهي ۽ گذريل ڏيڍ سال ۾ ڪا تبديلي نه ٿيڻ جو به ڪو دل ۾ درد اٿندس..؟

سنڌ تي سر ڏيڻ جا وچن ۽ نعرا سڀ سٺا ۽ سنڌ جي وسيلن تي قبضي ڪندڙن جا خواب ڏسندڙن لاءِ ڀل ته هڪ پيغام هجي عملي طور تي، سنڌ جي عوام لاءِ، سنڌ جي حڪومت هن مهل تائين ڪوبه ٻوٽو نه ٻاري سگهي آهي. نئين حڪومت ٺهڻ کانپوءِ سنڌ حڪومت ٻه بجيٽون پاس ڪري چُڪي آهي. پر عوام کي ڪو فائدو رسندي نظر نٿو اچي. نه شهر هنن جي وس ۾ آهن ۽ نه ئي ٻهراڙين تي هنن جو هٿ آهي. بُک ۽ بيروزگاري چوٽ تي آهي. روزگار جا ذريعا اڻ لڀ آهن. ڪوڙين ڊگرين ۽ ڪاپي سان پاس ٿيڻ جي روايت، سنڌ جي نسلن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي.پر مجال جو مٿين مان ڪنهن کي تِرَ جيتري به ڳڻتي هجي. پيپلزپارٽيءَ جو ڪراچي وارو جلسو پڪ سان نڪامياب ويندو ۽ ڪروڙين رپيا خرچ ڪرڻ کانپوءِ ڪامياب ويندو. پيپلزپارٽي پنهنجي سياسي سگهه جو مظاهرو ڪندي. سندن ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ وزيرن جو به چڱو پگهر نڪرندو، پر ان کانپوءِ ڇا..؟ اهو هنن لاءِ وڏو سوال هوندو.

عمران خان، ڌرڻن مان لهي اچي جلسن تائين پهتو آهي. ڪراچي، لاهور، ميانوالي، ملتان ۽ سرگوڌا ۽ ان کان پوءِ لاڙڪاڻي ۾ به جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪري چُڪو آهي. پيپلزپارٽي، هن مهل تائين ته سنڌ ۾ آرام سان ويٺي هُئي. قوم پرستن کي ڀلا ڪير ٿو پڇي پر هاڻي، هي ڌرڻي وارو ته گهڻو ڪجهه ٿو پڇي. سڀني جا حساب ڪتاب ڪڍيو ويٺو آهي. هڪ چئلينج جي صورت ۾ سامهون پيو اچي. اهو ته اڃا وقت ٻڌائيندو ته سنڌ ۾ کيس موٽ ڪيتري ٿي ملي. جي روايتي، ڇُٽل ڪارتوس کيس چنبڙي پيا ته، سنڌ ۾ پير ڄمائڻ ۾ ڪجهه وقت لڳندس. پر ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سندس ان اعلان، پيپلزپارٽيءَ کي جاڳائي ضرور ورتو آهي.

ننڌڻڪا ماڻهو، هاڻي شايد بينظير ڪارڊ ۽ وطن ڪارڊ کان ڪجهه اڳيان جي گهر ڪن. شايد امن امان گهرن، روزگار جي تقاضا ڪن، اهڙو روزگار جنهن لاءِ هنن کي زال ۽ ماءُ جا زيور گروي نه رکڻا پون. ڍور ڍڳو نه وڪڻڻو پوي. کين اسپتالن ۾ دوائون صحيح ۽ مفت ملن. من صاف پاڻي کين ميسر ٿئي. ميونسپل ڪميٽين ۾ ايندڙ فنڊ، ايم پي اي، وزير ۽ ميونسپل آفيسرن ۾ حصي پتي ٿيڻ بجاءِ، شهر جي صفائي، سٿرائي ۽ شهرين جي سهولت لاءِ استعمال ٿين. سنڌ جو ساڃاهه وند طبقو، پنهنجي پاران ته هن حڪومت کي گهڻيون ئي صلاحون ڏئي چڪو آهي، جيڪو هنن لاءِ ڪا معنيٰ نه ٿي رکي پنهنجي شهري ساٿارين کي پاڻ سان ملائي حڪومت ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪري پيپلزپارٽي وارا سوچيندا آهن ته شايد سڪون سان حڪومت ڪري سگهندا. پر ڇا اها کين خبر ناهي ته هنن وٽ به کوهه جيڏا پيٽ آهن، جيڪي ڀرجڻ جا ناهن ۽ گڏوگڏ، اکيون به طوطي واريون اٿن جيڪي ڦيرائڻ ۾ به دير ڪونه ڪن. پر هاڻي جڏهن پيپلزپارٽيءَ جي نوجوان قيادت، هنن کي للڪاري پئي ته هڪ طرف والد صاحب ۽ ٻئي طرف انڪل رحمان ملڪ وري ٻاريل باهه کي ٺارڻ جي ڊرامي ۾ مصروف آهن. پر هو جيڪو ڌرڻي مان ڪاهيندو پيو اچي، تنهن جو چئلينج هنن ٻنهي پارٽين کي آهي. ڏٺو اهو ويو آهي ته هُن جي جلسي ۾ ماڻهو گهڻي ڀاڱي پاڻمرادو هلي ٿا اچن. جڏهن ته ٻين کي جلسي گاهه ڀرڻ لاءِ ڏنڊو ۽ پئسو استعمال ڪرڻو ٿو پوي. ايندڙ وقت جي سياست تڪڙو تڪڙو پئي بدلبي وڃي. سنڌ جي سياست به اُها ناهي رهي جيڪا رڳو نعري بازيءَ تي هلي. هاڻي، هتي نظريا بدلڻا پوندا ته منصوبا به، هتي صرف لفظي طرح نه بلڪهِ حقيقي معنيٰ ۾ ماڻهن جي چڱ ڀلائي ۽ منصوبن جي ڳالهه ڪرڻي پوندي. سنڌ جي وسيلن کي سنڌ جي ماڻهن تي خرچ ڪرڻ يقيني بڻائڻو پوندو. ابراهيم منشيءَ انهيءَ نظام خلاف اهو چيو هو ته:

رئيس جو ڪُتو ريشم پائي،

غريب جو ٻار اُگهاڙو آهي،

ائين لکيل اسلام ۾ ناهي،

تون ڪمائين وڏيرو کائي.

وقت ڦري پيو، اسان به جاڳون، اهو اسان جي قسمتن ۾ لکيل ناهي ته هي بدمست هاٿي، جمهوريت جي لولي ڏيئي عوام کان ئي انتقام وٺندا رهن. پاڻ ۾ ڪوڙا جهيڙا ڪن ۽ ان کي جمهوريت جو حسن چون. سڀ حُسن پاڻ ڏانهن سيريندا وڃن ۽ ماڻهن کي بک ۽ بيروزگاريءَ جي ڀيانڪ تصوير بڻائي ڇڏين.

اسان اُتي جو اُتي ڇو هجون..؟ اسان جي سپنن ۾ به ته ڪا سنڌ وسي ٿي. اُها ساڀيان به توهان ئي ڪندوءُ.

ها پر هڪڙو ڏينهن به ايندو

سنڌ سڄيءَ ۾ ڦيرو ايندو

موهن وارو ماريل ماڻهو

جذبن سان گڏ جيئرو ٿيندو



قيد نه ڪا ڪولهياڻي رهندي

مَنو ڀيل مٿيرو ٿيندو

سڀني ۾ مون سنڌ ڏٺي جا

اچڻي اڄ ڪا سڀاڻي آهي

سنڌ هڪ درد ڪهاڻي ناهي.

(منظور سولنگي)
 
Back
Top