صوفِي لاڪوفِي، ڪونَ ڀانئيس ڪيرُ:(حضرت صوفي سيد شاه عبدالطيف ڀٽائي)

صوفِي لاڪوفِي، ڪونَ ڀانئيس ڪيرُ
منجھيان ئِي مَنجھ وڙهي، پڌر ناهِس پيرُ
جنين ساڻس ويرُ، ٿئي تنين جو واهَرُو
ترجمو: صوفي لا مذهب (ڌرم يا مذهب جي پنٿن کان آجو) آهي. کيس ڪو به ڪو نه ٿو پروڙي. هو اندران ئي اندران نفس (من) سان جنگ پيو ڪري ۽ ذرو به ظاهر نه ٿو ڪري. جن جو ساڻس وير آهي. تن جو هو حامي ۽ مددگار آهي.
 
Back
Top