سچ سچ سچ ............ستيا وڏي ڌوم آهي.

'صحت سرير جي' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏12 آڪٽوبر 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    سچ سچ سچ ............ستيا وڏي ڌوم آهي اڄ ڪله شوشل ميڊيا تي ”سڄ“ جي ...هر دوست ،دانشور ،ليکڪ ۽ مفڪر سچ جو داعي ٿي دانش جا موتي پيو ونڊي. سچ ته لکت جي حد تائين ته وڻندڙ تحريرون ،چوڻيون قول قرار ڏاڍا ڀلا ٿا لڳن ايتري حد تائين متاثر ٿيو وڃون جو من و عن ڪاپي ڪري شيئر ڪيو ڇڏيون ته جيئن عمل ڪرڻ اسان جي ڳچيء ۾ نه پوي اهو ڪم خدا ڪارڻي ٻيا ڪن. اهي سڀ خوابن جا سوداگر آهن ،خواب ڏسن ٿا ،ڏيکارين ٿا .حقيقتن کان پري بي عملي زندگي گھارين ٿا. هڪ ڳاله سمجھ ۾ نه ٿي اچي آخر دنيا جو سڄو ڪوڙ اسان ۾ ڇو سمايل آهي .اکين ڏٺل تي اعتبار ڪرڻ بجاء اسان ٻين تي يقين ڀروسو ڪينئن ٿا ڪيون ..جڏهن ته نظر پيو اچي ته اهو نسورو ڪوڙ آهي پوء به ان ڪوڙ کي پنهنجو سچ سمجھون.صبح جو ڀاڄي وڪري ڪرڻ کان وٺي شام جو کير ڏيڻ واري تائين سڀ اسان سان ڪوڙ ڪپٽ ڌوڪو ڪن ٿا ..اخبار جي پهرين سرخي کان شام جو ٽي وي تي اينڪر اسان سان ڪپت ڪن ٿا. پوء به اسان خوش آهيون..ڪچهري ۾ آمريڪا کان افغانستان تائين سڀ موضوع ياد آهن. ڪوڙ ۽ ڌوڪو ڪيڏو نه ڪنن کي ڀلو لڳي ٿو..ڇا اسان سڀ ڪبوتر وانگيان واريء ۾ منهن هنيو ويٺا آهيون ته ايندڙ خطرو ٽري ويندو.
    اڄو ڪو سچ اهو آهي ته گرمي 40 ڊگري سينٽي گريڊ آهي ،بجلي ناپيد آهي، گھٽيء ۾ قرباني جون آلائشون پيون آهن ،سامهون وارو گٽر وهي پيو. اسان کي حقن وٺڻ جو شعور نه آهي پر رڍن وانگر جنهن طرف منهن آيو پويان هلڻ لاء هر وقت تيار ..... پنجن ڏينهن کان بجلي بند آهي ڪو احتجاج آواز اٿارڻ بدران......منهنجا پاڙيسري جيئي بي نظير بلاول جا نعره پيا هڻن تياري آهي 18آڪٽوبر جلسي جي.....افسوس در افسوس هن قوم جي حال تي جنهن جو گذارو ڪوڙ تي آهي.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. معظم بلوچ

    معظم بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2014
    تحريرون:
    48
    ورتل پسنديدگيون:
    103
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Kashmore
    ادا سچا ڪارڪن آهيون هاهاهاهاهاها
     
  3. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور

هن صفحي کي مشهور ڪريو