يونيورسٽيون ڪنهن جي جاگير آهن؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نبي بخش لقمان مهر عمرڪوٽ طرفان آندل موضوعَ ‏13 آڪٽوبر 2014۔

  1. نبي بخش لقمان مهر عمرڪوٽ

    نبي بخش لقمان مهر عمرڪوٽ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    19
    ورتل پسنديدگيون:
    22
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    حيدرآباد
    جتي جتي هر انسان کي عالمي قانون توڙي ملڪي آئين موجب پنهنجي پنهنجي اظهار جي آزادي جو حق حاصل آهي اتي مون کي به پنهنجا خيال خواب توڙي دل جون ڳالهيون ڪنهن سان شيئر ڪرڻ جو پورو حق آهي، ان لا ضروري ناهي ته منهنجي هر ڳالهه هر ڪنهن کي سٺي لڳي يا هر ڪنهن کي خراب لڳي، حقيقت اها آهي ته جتي اسان جو معاشرو دهشتگردي، بدامني، غربت ۽ مختلف سببن جي ڪري ڏينهون ڏينهن تنگ نظري ڏانهن وڌڻ سبب اٽڪل هر ماڻهو پريشاني جو شڪار نظر اچي ٿو اتي اسان ۾ ذميوارين جي احساس ۾ واضح گهٽتائي نظر اچي رهي آهي.
    اهو ئي سبب آهي ته اسان ۾ احساس ذميواري جي گهٽتائي سبب ڪيترائي اهڙا واقعا رونما ٿيندي ڏسجن ٿا، جنهن جي اسان کي خبر هوندي به خاموشي جا خيال دل ۾ سانڍي نظر انداز ڪري وٺندا آهيون پر ڪاش! اسان کي ان ڳالهه جي اهميت جي خبر هجي ها ته اسان جنهن ڳالهه کي ٽال مٽول ڪري بس ماٺ ڪري ويهندا آهيون، ان جي ڪهڙي خاصيت ۽ معاشري کي ضرورت آهي؟ ساڳي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي پنهنجي اکين ۾ ڪنڊن جيان محسوس ٿيندڙ منظر به مون کي پنهنجي ذميواري جو احساس ئي نه ڏنو بلڪه ڪافي دير تائين اهڙو منظر پيش ڪري دل ئي دل ۾ سوچڻ لڳي ويو هئس ته اسان جا نوجوان زنده دل ۽ باهمت هجن ها ته يقينن پورهيت توڙي سمورن شهرين جي وهندڙ پگهر جي نتيجي ۾ گورنمينٽ کي حاصل ٿيل آمدني مان پگهارن جون پيتيون کڻي يونيورسٽين ۾ مختلف پوسٽن تي ويٺلن کي اها جرئت نه ٿئي ها ۽ حيدرآباد جهڙي محبتن جي مهان ۽ زنده شهر جي شاهراهن تي يونيورسٽي جي پوائنٽ بس کي پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجهي ڪري ان کي استعمال نه ڪرڻ ڏني وڃي ها.
    دل جي دنيا جا احساس ڪجهه انهي ريت آهن ته آچر جو سج لهڻ کان پو سومر جي رات روشنين جي شاندار پاڇي سان حيدرآباد جهڙي حسين شهر ۾ پنهنجي آمد جو اعلان ڪرائي ڇڏيو هو، جنهن دوران مون کي روڊ تي اسان جي سنڌ جي ئي نه پر پاڪستان جي مڃيل شاندار يونيورسٽين جي فهرست ۾ پنهنجو نالو ڪمائيندڙ مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ سائينس اينڊ ٽيڪنالاجي جي نالي سان پوائنٽ بس تي نظر پهتي ته انهي پوائنٽ کان ٿوري ئي مفاصلي تي شادي جي گيتن جي ڌم متل هڪ گاڏي به نظر اچي رهي هئي پر جڏهن تعليم جهڙي عظيم الشان رشتي جي مسافرن لا سندن جذبن جي ترجماني ڪندڙ تعليمي ادارن جي ترجماني ڪندڙ پوائنٽ بسون موجود هجن ته شادي جي گيتن ڏانهن ڌيان ڪهڙي ريت وڃي سگهي ٿو؟ بهرحال جيئن مهراڻ يونيورسٽي جي پوائنٽ تي نظر پئي ته ڄڻ دل مٿان ٿڌڙي هير جيان برسات جو وسڪارو ٿي ويو ۽ چند لمحن لا مدحوشي جي عالم ۾ گم ٿيڻو پئجي ويو پر ان وقت اها ساڳي برسات دل جي مٿان پهاڙ جيان وسڻ شروع ٿي وئي جڏهن انهي پوائنٽ جي منهنجي ڀرسان گذرڻ دوران معلوم ٿيو اها شاندار شادي جي گيتن سان سينگاريل گاڏي به مهراڻ يونيورسٽي جي انهي پوائنٽ بس جي سفر جو حصو آهي ۽ پوائنٽ بس ۾ آچر جو ڏينهن هجڻ ڪري ڏورانهن علائقن مان عيد ملهائڻ لا پنهنجي جهوپڙين ۾ ويل نوجوانن جي واپسي نه پر قوم جي معمارن لا مختص ڪيل لکين رپين جي بجيٽ مان حاصل ڪيل پوائنٽ بسن ۾ ڪنهن بااثر شخصيت پاران شادي جا شادمانا رچايا ويا آهن ۽ انهي پوائنٽ ۾ قلم ۽ ڪتاب جي خوشبو ته ڇا ملي ها پر اهڙي بيدرد سماج جي بي حسي ڏسي ڪري دل ئي دل ۾ خيال آيو ته ڪاش!!! اسان جو نوجوان نسل جيڪڏهن اڄ همت ڪري سمورن معاشري جي خراب ڪمن کي کي پنهنجي لفظن جي روپ سان سينگاري پيش ئي نه ڪري پر زبان سان ته ڪنهن سان بيان ڪري ها ۽ پنهنجي ذميواري جو احساس پاڻ ۾ سمائي رکي ها ته يقينن اڄ اسان جي رهائشي سفر کان يونيورسٽي تائين استعمال ٿيندڙ اهي قيمتي شيون ڪنهن جي ذاتي جاگير طور استعمال نه ٿين ها...
    اها هڪ حقيقت آهي ته يونيورسٽي جي پوائنٽ بس ۾ شادي رچائڻ کي اسان جي جنمن جي تسلسل جي روايتن جي امين يونيورسٽي جي ترجمان پاران هڪ معمولي ڳالهه طور پيش ڪري يا ٽال مٽول ڪري به پريس رليز جي صورت ۾ سامهون اچي سگهي ٿي پر ياد رکو اهڙين ننڍين ڳالهين جي پٺيان وڏا وڏا راز سمايل هوندا آهن، اسان ان حوالي سان پنهنجو هڪ ننڍڙو مثال پيش ڪيون ته ڪو به وڌا نه ٿيندو ته جڏهن انهن بااثر شخصيتن کي ڪير احساس ڏياريندو ته يونيورسٽي توڙي سرڪاري ادارن ۾ استعمال ٿيندڙ سموريون شيون اسان جي قومي امانتن مان هڪڙي امانت آهي ۽ ان کي صحيح طريقي سان ۽ مقصد لا استعمال ڪيو وڃي نه ڪي ان کي پنهنجي ذاتي جاگير سمجهي ڪري پيش ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته ٿي سگهي ٿو ته اڄ يونيورسٽي جي پوائنٽ بسن کي طاقتور شخصيتن پاران شهر جي مکيه شاهراهن تي پنهنجي ذاتي جاگير سمجهي ڪري استعمال ڪيو وڃي ٿو ته اڳتي هلي وڏي نوعيت جا اهڙا ڪارناما به جنم وٺي سگهن ٿا، جنهن جي نتيجي ۾ ممڪن آهي ته اسان کي پڇتا کان سوا ڪجهه نه ملي سگهي، چوڻ ۽ لکڻ جو مقصد اهو آهي ته اسان جي نوجوان نسل خاص ڪري شاگردن کي گهرجي ته پنهنجي معاشري نه ته گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي تعليمي ادارن ۾ سڻڀين پوسٽن تي ويٺل اهڙن ڪامورن جي ڪارنامن تي گهري نظر رکن ته جيئن اسان نه صرف پنهنجي تعليمي ادارن جي شاندار تسلسل جو بچا ڪري سگهون ٿا بلڪه پنهنجي قومي پئسي تي هلندڙ سموري نظام کي پڻ محفوظ بڻائي سگهون ٿا، ڇاڪاڻ ته ان لا هر گز اهو ضروري ناهي ته رڳو يونيورسٽي يا ٻئي ڪنهن اداري جي شين کي ذاتي استعمال هيٺ آڻڻ کان بچائڻ سان سب ڪجهه ٿي سگهي ٿو پر اسان کي پنهنجي مڪمل ذميواري جو مظاهرو ڪندي آئين ۽ قانون کان مٿڀرو ٿي ڪري سرعام قانون جون ڌڏيون اڏائيندڙن کي به وائکو ڪري اسان معاشري مان گهڻي حد تائين براين جو خاتمو ڪري سگهون ٿا. ڇاڪاڻ ته معاشرو فرد مان ٺهي ٿو ۽ جڏهن هر ڪنهن ۾ پنهنجي ذميواري جو احساس جاڳندو ته يقينن معاشرو بڻجي ويندو ۽ اهو معاشرو اسان جي ايندڙ نسلن لا سمورا سٺا ۽ زندگي گذارڻ لا سمورن وسيلن جي بهتر انداز ۾ استعمال لا رهنمائي ڪندو رهندو.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    دا اوهان جا خيال وڻيا، اوهان جيڪو لکيو آ اهو بلڪل سچ تي مبني آهي،

    مان اوهان جي خيالن تي آفرين ڏيان ٿو ۽ اميد ٿو ڪريان ته پنهنجي لکڻين سان پنهنجي ڌرتي جي مظلوم ماڻهن جي ترجماني به ڪندا
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نبي بخش لقمان مهر عمرڪوٽ

    نبي بخش لقمان مهر عمرڪوٽ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    19
    ورتل پسنديدگيون:
    22
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ڀا حوصلا افزائي لا اوهان جا لک قرب ۽ اميد ٿي ڪجي ته جنهن مقصد لا مون لکيو آهي، ان تي اوهان به عمل ڪرڻ جي نه صرف ڪوشش ڪندا بلڪه عملي طور جاکوڙ شروع ڪندا ته اسان جو معاشرو يقينن سڌريل ملڪن جي فهرست کان هرگز پوئتي نه رهندو...
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    ڀا منهنجا اوهان جي مهرباني
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو