HTML ڪلاس 3

'ويب ڊيزائيننگ' فورم ۾ آفتاب احمد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏13 آڪٽوبر 2014۔

  1. آفتاب احمد سومرو

    آفتاب احمد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    133
    ورتل پسنديدگيون:
    420
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    343
    ڌنڌو:
    سافٽ ويئر ۽ ويب ڊويلپر
    ماڳ:
    سڪرند
    [​IMG]
    پيارا دوستو! اچو ته هاڻي جيڪو پهريون پيج اسان ٺاهيو آهي، ان کي سمجهون.

    <HTML> < > هي ٻه ٽيگس آهن، جن جي باري ۾ پهرين توهان کي ٻڌائي چڪو آهيان.

    HTML هائپرٽيڪسٽ مارڪ اپ لينگويج، هي مڪمل ٽيگ توهان جي ٽيڪسٽ ايڊيٽر کي ٻڌائن ٿا ته توهان جو هي فائل HTML آهي. ان کان پهرين آئون ٻڌائي چڪو آهيان ته جيڪو ٽيگ شروع ٿيندو يا کلندو ان کي بند به لازمي ڪرڻو آهي، جيئن ته توهان سڄي ڪوڊنگ ايڇ ٽي ايم ايل جي ڪندوء ان لاءِ هي ٽيگ سڄي ڪوڊنگ کان پوءِ آخر ۾ بند ڪبو.

    <HEAD>هيڊ ٽيگ تمام اهم آهي، هن جي اندر <META> ٽيگس ڏبيون آهن، جن ۾ اسان خاص انفارميشن لکندا آهيون، مثال اسان جيڪا ويب سائيٽ تيار ڪيون پيا ان جو نالو، ويب ڊويلپر جو نالو، ايڊريس، ويب سائيٽ ڇاجي متعلق آهي، جنهن شهر يا ملڪ ۾ تيار ٿي آهي ان جو ذڪر وغيره ڏيندا آهيون، ان جو فائدو اهو ٿيندو آهي، ته سرچ انجڻيون جيئن گوگل وغيره انهيءَ جي ذريعي اسان جي ويب سائيٽ کي جلدي ڳولي يوزر تائين پهچائيندي آهي. ان ٽيگ ۾ اسان <TITLE> ٽائٽل ٽيگ به ڏيندا آهيون، جيڪو برائوزر جي ٽائيٽل بار ۾ مٿي نظر ايندو آهي. هيڊ ٽيگ ۾ اسان اسٽائل شيٽ جي لنڪ ۽ اسٽائل پڻ ڏئي سگهون ٿا، جاوا اسڪرپٽ پڻ ان هيڊ ٽيگ ۾ ڏئي سگهون ٿا، JQuery, JavaScript, StyleSheet وغيره سڀ ڪم ان هيڊ ٽيگ جي اندر ڪيا ويندا آهن.

    <BODY> باڊي ٽيگ جي اندر اسان پنهنجي ويب سائيٽ جو مٽيريل، مواد، فوٽو، انفارميشن يا جيڪو ڪجهه ڏيڻ چاهيون اهو ڏيندا آهيون.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏15 آڪٽوبر 2014
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو