تن تسبيح، من مڻيو دل دنبورو جن تندون جي طلب جون، وحدت سِرِ وڄڻ ” وحده لاشرڪ له “، اهو راڳ رڳن سي سُتائي جاڳن، ننڊ عبادت اُن جي. هي ڪهڙو نه دلڪش انداز آهي، وحدت جي ان وڻجاري جو، جنهن کي سڄي دنيا حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ رحه جي نالي سان سڃاڻي ٿي. هي آواز حقيقت ۾ فطرت جو آواز آهي، اُهو آواز جيڪو هڪ پيغام آهي، هڪ روح پرور پيغام، قوم لاءِ زندگي بخش پيغام، سُتلن کي جاڳائيندڙ پيغام هڪ ڪامل ۽ لاجواب پيغام. حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي اسان جو هڪ تمام وڏو شاعر آهي، هو اسان لاءِ ولي به آهي ته درويش به آهي، رهبر به آهي ته منزل جو صاحب به آهي، ان کانسواءِ موسيقيءَ جو تمام وڏو ڄاڻو پڻ. ها! موسيقي ۽ شاعري، جنهن جو ساٿ اصل کان هليو اچي، دنيا جي هر زبان جي شاعريءَ ۾ ساز ۽ سرور جو تمام گهڻو ذڪر آهي. ڀٽائي گهوٽ فرمائي ٿو : تان نه آهي، تندُ جو، رُون، رُون ڪري راز ُ هڻندڙ سندا هٿڙا، سڀ ڪو چئي سازُ سَٽَ ڏيئي شهبازُ، ٿي ته ٿوڪ پرائيين. لاکيڻو لطيف موسيقي دان عارفن ۽ شاعرن مان هڪ هو، سندس در جو هڪ طرف عرفانِ الاهي ۾ / ۽ سماج ۽ وجد لاءِ ساز جي استعمال ۾ مولانا جلال الدين روميءَ سان ملي ٿو ته ٻئي پاسي راڳ جي تنظيم ۾ حضرت اميرو خسرو رحه تائين پهچي ٿو، البته، شاهه سائينءَ، پنهنجي مخصوص انداز ۾ عرفان الاهيءَ کي، انساني احساسن ۽ جذبن جي آئيني ۾ چمڪايو، راڳ کي سُرن ۾ سهيڙيو ۽ سُرن کي موضوعن سان ملايو، شاهه صاحب پنهنجي سليم طبع ۽ قلبي وسعت جي ڪري، سماج ۾ وجدت ۽ رقص جي بدران سُڪُوت ۽ صبر جو حامل هيو ۽ ٻاهرين لوڇ پوڇ بدران اندروني وجد ۽ لوچ جو قائل هيو، سندس رڳ رڳ ۾ راڳ سمايل هيو، جو سهڻيءَ جي واتان چيائين ته : اديون ! سَڀُ اندامَ- چڙن منهنجا چوريا لارُنِ جا لَنوَ لائي، سا ڪيئن آڇيان عام َ ؟ لڳيس جنهن جي لام، سو دلاسا دوست منجي حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ موسيقيءَ جي فلسفي کي سولو ڪري سمجهايو ته آواز ظاهري اسباب آهن، انهن جي ظاهري هيئت ۽ صورت پويان جيڪا حقيقت آهي، تنهن کي سمجهڻو آهي، ساز ۽ آواز ظاهري ذريعا آهن ۽ ڏسڻو اِهو آهي ته انهن جي پويان ڪير آهي : هڻندڙ سندا هَٿَڙا، سڀ ڪو چوي ساز حضرت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحه اثرائتي ڪلام جي اعليٰ سرمائي سان گڏوگڏ، راڳ جي نئين تنظيم ۽ ترويج لاءِ هڪ خاص اداري جو بنياد وڌو، راڳ جو اهو نئون ادارو تڏهن مڪمل ٿيو، جڏهن شاهه صاحب، ڀٽ تي دائمي سڪونت اختيار ڪئي آڳاٽي وقت کان وٺي اهل درويشن وٽ سماع بنا ساز سرود جي، رائج هيو، يعني راڳ جون محفلون بنا سازن وڄائڻ جي ٿينديون هيون، عارفانه سماج ۽ رقص ۾ ساز جي سنگت واري رسم کي گهڻو ڪري ته پهريون ڀيرو مولانا جلال الدين روميءَ جاري ڪيو، جو ني يعني نَڙَ کي سماع جي محفلن جو خاص ساز بنايائين. سماع ۾ ساز جي انهيءَ روايت کي وري شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ روشن ڪيو، جو پنهنجي راڳ جي نظام ۾ دنبوري جي ساز کي شامل ڪيائين، اهو ” دنبورو “ آڳاٽو روايتي ” طنبورو “ ڪو نه هيو، پر هڪ نئين قسم جو طنبورو هيو، ڪهڙي خاص خيال کان شاهه صاحب دنبوري کي راڳ ۾ شامل ڪيو ؟ ان جو جواب ڏيڻ ڏاڍو مشڪل آهي، ڇاڪاڻ ته انهيءَ باري ۾ شاهه صاحب جو پنهنجو ڪو به قول موجود ناهي، البت، ڀانئجي ٿو ته ڪجهه سببن جي ڪري شاهه صاحب دنبوري کي ترجيح ڏني، هڪ ته ” طنبورو “ قديم دور کان وٺي موسيقي جو مڃيل ساز هيو ۽ اوائلي اسلامي دور کان وٺي عرب، ايراني موسيقيءَ جو عام مقبول ساز بنيو، اُتان طنبورو آڳاٽو سنڌ ۾ آيو ۽ سنڌي موسيقيءَ جو هڪ اهم ساز بنيو ۽ پڻ اسلامي دور ۾ هندستان ۾ رائج ٿيو، انهيءَ تاريخي اهميت کان سواءِ تند جي وڄت سان گڏ دنبوري جي ٿاري تي هٿ هڻڻ سان دف جي لئه پڻ ملي ٿي سگهي ۽ دف جي وَڄتِ، شرعي جواز جي دائري اندر هئي، اهڙيءَ طرح هڪ ساز مان ٻه مقصد پورا ٿي ٿيا، دُهل، طبلي يا ٻين سازن آڻن سان جذبات ۽ احساسات وارن اثرائتن آلاپن تي سازن جي هنرمنديءَ جو ڍَڪُ اچي ٿي ويو، تنهنڪري اهڙن سازن کي نه کنيو ويو شاهه صاحب روايتي ڪلاسيڪي ” طنبورو “ ۾ ترميم ڪئي ۽ پنهنجي راڳ جي نئين اداري کي ڄڻ هڪ نئون ساز ڏنو، طنبورو آڳاتي وقت کان وٺي چو، تارو هيو، يعني منجهس چار تارون هيون، انهن کي موسيقيءَ جي اصطلاح ۾ زير، مُثنيٰ، مثاث ۽ بم چيو ويندو هو. شاهه صاحب جي دنبوري ۾ پنج تارون آهن، اهي تارون دنبوري جي ساڄي پاسي کان کاٻي پاسي نمبر وار آهن: پهرين تار کي ” گهور “ چئبو آهي، اها هيٺين ؟ سپڪ“ جي سا جو آواز ڏئي ٿي. ٻئين ۽ ٽئين تارن کي جاڙيون چيو ويندو آهي، اهي وچين سپتڪ جي سا جو آواز ڏين ٿيون. چوٿين تار کي ” ٽيپ “ چيو ويندو آهي، اها مٿئين سپتڪ جي ساز جو آواز ڏئي ٿي. پنجين تار کي زبان چيو ويندو آهي، جيڪا تند طور وڄندي آهي ۽ راڳ اُچاريندي آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق مطابق، پهريون دنبورو، شاهه صاحب ٺٽي ۾ پاڻ ويهي اتي جي سوٽهڙ کان ٺهرايو، اهو ساڳيو دنبورو تمر فقير کنيو، جيڪو راڳ جو اڳواڻ ٿيو. تمر فقير جي وفات کانپوءِ ان دنبوري کي سنڀالي رکيو ويو ۽ هر جمعرات ” راڳ جو اڳواڻ “ فقير، پهرين انهيءَ دنبوري تي واڌائيءَ خاطر تند هڻي، پوءِ پنهنجي دنبوري تي ويهي ڳائيندو هيو. اُهو دنبورو ” تمر فقير جي اوطاق “ ۾ رکيل هوندو هيو ۽ ان جي نازڪ حالت ٿي وئي هئي، ضروري مرمت کانپوءِ ان دنبوري کي ڀٽ شاهه ٿقافتي مرڪز ۾ قائم ڪيل ” سُرُ ميوزم “ ۾ رکيو ويو آهي، اڃا تائين لطيف سائينءَ جي عرس واري موقعي تي هن دنبوري کي ڪڍندا آهن ۽ اڳواڻ فقير پهريائين ان تي تند هڻي راڳ جي شروعات ڪندو آهي، هيءُ يڪ ڀانڊو دنبورو آهي، يعني ان جو هيٺيون ڀانڊو يڪي معنيٰ هڪ ڪاٺيءَ مان ڪوري ٺاهيل آهي. چون ٿا ته ڀٽائي صاحب جي وقت ۾ ئي ٺٽي نگر مان موتي ۽ گوپال نالي سوٽهڙ آيا، جن ڀٽ تي ويهي دنبورا ٺاهيا، اِهي اوائلي دنبورا ” يڪ ڀانڊيا “ هئا، ان کانپوءِ ” ڦاڪدار “ يعني هڪ کان وڌيڪ ڪاٺ جي ٽڪرن جي جوڙ مان ٺهيا، تمر فقير واري دنبوري کانپوءِ ٻه ٻيا به دنبورا ٺهيا : هڪ خليفي محمد عالم ڏيري جو ۽ ٻيو تمر فقير جي ڪنهن ساٿيءَ جو، جيڪو هن وقت تمراڻي فقيرن وٽ محفوظ آهي، موتيءَ سان جڙيل ٽي دنبورا اڃا تائين موجود آهن، هڪ سائين وڏي علڻ جو، ٻيو ميسين حسين وارو ۽ ٽيون لائق ڏني فقير وارو. ان کانپوءِ هالا، ڀاڻوٺ جي و گهاملن دنبورا ٺاهيا ۽ پوئين دور ۾ اڪثر ڦاڪدار دنبورا ٺهيا. هن وقت ڀاڻوٺ جو گل شير وگهامل ۽ شهدادپور جو فقير عبدالحئي سهتو دنبورا ٺاهيندا آهن ۽ هڪ دنبوري کي ٺاهڻ ۾ لڳ ڀڳ ٽي مهينا لڳي ويندا آهن. سَنگُ، ڏيٽيون، گهوڙي، موڙ ۽ سينگار ( جُهونڻ ) دنبوري جا خاص حصا آهن. دنبوري جي وَڄَتِ ٽن قسمن جي آهي : هڪ ” ڇيڙ “ ٻيو ” ڏيڍي “ ۽ ٽيون ” دو تالي “ ڇيڙ يعني دنبوري کي رڳو ڇيڙڻ ۽ بنا ڪنهن تار وڄائڻ جي رڳو سُر ڏيڻ، ڇيڙ تي راڳ، تار جي حد بنديءَ کان آزاد ٿي آلاپن تي هلندو، پر سُر ۾ هوندو، هن وقت سُر سامونڊيءَ، سُر آبريءَ، سُر حسينيءَ ۽ سُر کاهوڙيءَ کان سواءِ ٻين سڀني سُرن جو وايون ” ڇيڙ “ ۽ چوڏهين ۽ پندرهين تاريخ تي ڳائي ويندي آهي. ڏيڍي وائيءَ ۾ تار تي ٽي ڌَڪَ لڳندا آهن، هيءَ خاص طرح ذڪر جي تار آهي. دو تالي تار ۾ چار ڌَڪَ لڳندا آهن،د و تالي وائيءَ جي گائڪي ڏاڍي ڏکي آهي، ان ڪري جو هن ۾ لفظ پويان لفظ کي وٺڻو پوندو آهي. انهن ٽن تارن کان سواءِ، دنبوري جون ٻه ٻيون به وڄتون آهن، هڪ ” تندو وڄائڻ “ ۽ ٻي ” جَهڙ وڄائڻ “ اهي ٻئي وڄتون ٽالپر دور ۾ شروع ٿيون، جڏهن شاهه جو راڳ پنهنجي مقبوليت جي لحاظ کان اوج تي پهتل هيو. تند وڄائڻ يعني هر سُر جي شروع ۾ ڳائڻ کان اڳ تند وڄائي، انهيءَ سُر جو راڳ نروار ڪرڻ، مثال طور : سُر ڪلياڻ جي بيتن ۽ واين ڳائڻ کان اڳ، ” اڳواڻ فقير “ تندو وڄائيندو يعني دنبوري جي تار ذريعي، راڳ ڪلياڻ کي نروار ڪندو. تند وڄائڻ کانپوءِ ” اڳواڻ فقير “ جهڙ وڄائيندو آهي تند کانپوءِ جهڙ وڄائڻ جو مقصد اهو آهي ته راڳا ئي فقير کي ساهي کڻڻ جو موقعو ملي ۽ پڻ اڳئين ڳايل سُر جو خيال سندس ذهن مان نڪري وڃي.