مشاهدو ۽ مطالعو جڏهن گڏبا آهن، ته گهڻن کي لکڻ جي همٿ ٿي پوندي آهي. شايد ان ڪري ئي مون کان هي سٽون سرجي پيون: آئون ڪو پوڙهو ماڻهو ڏسندو آهيان، مون کي ڏاڍو ڊپ ٿيندو آهي، ڇو ته آئون به پوڙهو ٿيندس... منهنجو اهو خيال، اندر جو آواز، جڏهن ٻين جي اکين ۽ ڪنن تائين پهتو، ته عجيب ۽ غريب قسم جا تبصرا ٻڌڻا ۽ پڙهڻا پئجي ويا، جنهن جي رد عمل ۾ وري هي سٽون لکجي ويون: پنهنجي پيرن سيرن آهيان اڃان ان ڪري پوڙهو نه آهيان اڃان ڪڏهن منهنجي اکين سان ڏسو اوهان جي گهر ۾ نه آهي جيڪر گهٽي يا رستي تي ڏسو پوڙهن سان ورتاءُ جڳ جو ڏسو ۽ پوءِ پنهنجي پيريءَ تي سوچيو اوهان ڊڄو يا ڀلي نه ڊڄو آئون جڏهن به ڪو پوڙهو ڏسندو آهيان مون کي پوڙهائپ کان خوف ٿيندو آهي. مون اهڙي دعوى نه اڳ ۾ ڪڏهن ڪئي آهي، نه هي ٻه اکر لکڻ وقت ڪريان پيو ۽ اميد ته مسقبل ۾ به ائين نه چوندس، نه لکندس، ته آئون جيڪو به چوان يا لکان، اهو درست، ٻيا سڀ غلط. اوهان مان اڪثريت کي هاڻ منهنجو خيال، منهنجو احساس، سمجهه ۾ اچي ويو هوندو، پر دل گهري پئي ته انهن سٽن جي روشني ۾ ڪجهه وڌيڪ لکجي. ڇاڪاڻ ته اڄ جيڪو ننڍو نيٽو ڳڀرو نوجوان آهي، اهو سڀاڻي (مستقبل) جو پوڙهو آهي. اڄ جي ننڍي نيٽي، مُڇن جي ساوڪ واري نوجوان کي، سندس پيريءَ جو ڪو احساس نه آهي، مستقبل جي ڪا خبر نه آهي، ڇاڪاڻ ته کانئس، سندس ڪلهه (ماضيءَ) به ته وسري چڪو آهي. اڄ جو نوجوان سمجهي ٿو، ته هو ڪلهه به پنهنجي پيرن سيرن هو، اڄ به پنهنجي پيرن سيرن آهي، سڀاڻي به پنهنجي پيرن سيرن هوندو. جڏهن ته، درحقيقت، ائين آهي ڪو نه، جيئن هو سمجهي پيو. ماڻهوءَ جي ابتدا ۽ انتها، ٻئي هڪ جهڙيون آهن. شروع ۾ کيس هلڻ ڦرڻ جيتري سگهه ۽ اٽڪل نه هوندي آهي ۽ پڇاڙيءَ، پُڄاڻيءَ، پيري يا وري ڪن کي ته نوجواني ۾ به، هلڻ ڦرڻ جي اٽڪل ته هوندي آهي، پر بيماري يا وڏي عمر جي ڪري، منجهس اها طاقت، اهو ستُ ۽ اها همٿ نه هوندي آهي، ان ڪري ماڻهوءَ جي شروعاتي ۽ آخري زندگي، ٻنهي ۾ ٻِئي، بلڪ ٻين جي سهاري جي ضرورت پوي ٿي. اوهان جي پنهنجي گهر ۾ جيڪڏهن ڪو پوڙهو نه آهي ته ٻاهر گهٽيءَ ۾، اوهان کي اهڙا پوڙها ضرور نظر ايندا هوندا، جيڪي مشڪل سان پاڻ سنڀالي هلندا هوندا، يا وري ڪن کي سهاري لاءِ هٿ ۾ لٺ نظر ايندي هوندي. ڪڏهن ڪڏهن ته ڪو اهڙو پوڙهو به نظر ايندو هوندو، جنهن کي ٻيا سهارو ڏئي وٺيو ويندا هوندا. هر هڪ ننڍڙو ٻار ۽ پوڙهو، دراصل نوجوان جي توجهه جو طلبگار آهي. گهڻو ڪري نوجوانن جي اڪثريت لاءِ ٻار توڙي پوڙهو به، توجهه جو سبب بنجي ٿو، پر کيس گهربل سهوليت يا مدد بدران، يا ته کيس ڪو سهارو نه ڏنو ويندو آهي، اُٽلو ان تي چٿرون، کل ڀوڳ، چرچو، مسخري ڪئي ويندي آهي!؟ گهڻو وڏو ڇيهه، ته پنهنجي مٽ مائٽ تي ٻئي جو ڀوڳ چرچو برداشت نه ڪبو، پاڻ وري ڪنهن ٻئي پوڙهي تي ٺٺول ڪري وٺندو! ضروري نه آهي، قطعي ضروري نه آهي، ته آئون درست هجان. اوهان هن لکڻي تي نه سوچيو، نه ويچاريو. اوهان پنهنجي اکين سان، پنهنجي آس پاس جو پاڻ جائزو وٺو. اهڙو ڪو رواج رائج ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو، ته جيئن سڀاڻ، مستقبل ۾، جڏهن اوهان پوڙها ٿيو، ته اوهان تي ڪو ٺٺول نه ڪري، اوهان کي ڪو بي سهارا نه ڇڏي. منهنجي ڪهڙي نه فضول سوچ آهي!؟ دنيا وڃي چنڊ تي پهتي ۽ آئون... هي ترقي يافته دور آهي. هاڻي پوڙهن، پيرسن پيءُ ۽ ماءُ کي اهڙن ادارن ۾ ڇڏي اچبو آهي، جيڪي کين گهر جهڙو ماحول ڏيندا آهن! جيڪڏهن ڪير ائين به سوچي ٿو، ته ان کي اهي ڊراما ۽ فلمون ڏسڻ گهرجن، جيڪي ان مسئلي تي تيار ٿيا، منظرِ عام تي آيا. جيڪي ماءُ پيءُ پنهنجي ٻارن کي نرسنگ هائوس ۾ ڇڏي ايندا آهن، اهي به سُٺو نه ڪندا آهن ۽ جيڪو نوجوان اولاد پنهنجي پيرسن پيءُ ۽ ماءُ کي پوڙهن لاءِ مخصوص ڪاروباري گهرن، مرڪزن تي ڇڏي ايندا آهن، اهو به صحيح نه آهي. ۽ اهو سڀ ڪجهه تحقيق ثابت ڪري چڪي آهي. ان ڪري هاڻي اوهان جي مرضي آهي ته اوهان پنهنجي پيريءَ ۾ ڇا ٿا چاهيو؟ ان لاءِ ڪهڙو ماحول جوڙڻ جي ڪوشش ٿا ڪريو؟ اوهان ڊڄو يا ڀلي نه ڊڄو آئون جڏهن به ڪو پوڙهو ڏسندو آهيان مون کي پوڙهائپ کان خوف ٿيندو آهي.