نان: عبدالجبار ادبي نان: جبار آزاد منگي ڄمڻ جو هنڌ: نصيرآباد اڳوڻو ضلعو لاڙڪاڻو هاڻوڪو قمبر شهداد ڪوٽ ڄمڻ جي تاريخ اصلي: 18 مارچ 1960 اسڪولي سرٽيفڪيٽ ۾ : 01 فيبروري 1962 تعليم: ايم اي سنڌي ، ايل ايل بي ڪرت : صحافي . ڊراما ۽ ڪهاڻي لکاري ۽ سماجي ڪارڪن ايوارڊ: سگا لاڙڪاڻو ڊويزن سماجي ڪارڪن ايوارڊ .بينظير ڀٽو ٽيليٽ ايوارڊ پتو: منگي محلو نصيرآباد
ادا جبارآزاد منگي السلام عليڪم.ادا اوهان کي اسان هن محبت ڀريئ اڱڻ تي دل جي گهرائين سان ڀليڪار ٿا چئون.توهان ته ماشاالله هڪ طرف فنون لطيفه سان تعلق رکو ٿا ته وري ٻئي طرف صحافت سان به اوهان جو تعلق آهي. مطلب ته اوهان جي هن گهر جي ڀاتي ٿيڻ سان اسان کي اوهان جا انيڪ قسم جا ليک ۽ رائي پڙهڻ جو موقعو ملندو. توهان جي ليکن جو انتظار رهندو. هميشه خوش رهو.
اوهان هن فورم جي حصو ٿيڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪارو چوان ٿو، ۽ اميد ته اوهان پنهنجي نڪور لکڻين سان سنڌ سلامت کي نئون روح ڏيندا
ادا انشاالله اوهان جي اميدن تي پورو لهبو اوهان جي همت افزائي لاءِ مهرباني اميد ڪريان ٿو ته آئنده به رهنمائي ڪندا رهندا.