دلچسپ دنيا جا دلچسپ ، ڄاڻ ڏيندڙ ۽ حيرت ۾ وجهندڙ ڪارناما ۽ حقيقتون

'مختلف موضوع' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏13 آڪٽوبر 2014۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    مختلف سنڌي اخبارن مان گڏ ڪيل
    هٿن ڀر هلندياس

    هٿن تي هلڻ هونئن ته وڏو مسئلو آهي بلڪه ڪنهن حد تائين ناممڪن به آهي پر يوڪرين جو هي نوجوان هٿن تي پنهنجو جسم جو سڄو وزن کڻي هلڻ ۾ ايتري ته مهارت رکي ٿو جو هن هٿن تي هلڻ جو عالمي رڪارڊ جوڙي ورتو آهي، شهر ڊونيٽسڪ سان تعلق رکندڙ هن نوجوان تازو ئي راڄڌاني واري شهر ڪيف ۾ عالمي رڪارڊ جوڙيو ڪرنو ورميسڪ نالي هن نوجوان 60 ميٽرن جو پنڌ هٿن سان هلي طئه ڪيو.

    پولينڊ ۾ 40 هزار لالٽين اڏائي رڪارڊ جوڙڻ جي ڪوشش

    پولينڊ ۾ هزارين ماڻهو هڪ هنڌ گڏ ٿيا ۽ چيني لالٽينون اڏائي رڪارڊ جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي. پوزنين ۾ ٿيل هن ايونٽ جي لاءِ 40 هزارن کان وڌيل لالٽين تيار ڪيون ويون. جن کي هزارين ماڻهن هڪ ئي وقت گڏ ڇڏيو ۽ اهي مٿي اڏامڻ لڳيون. هي رنگا رنگي لالٽينون جڏهن هوا ۾ اڏامڻ لڳيون تڏهن جنهن به هي نظارو ڏٺو داد ڏيڻ کان رهي نه سگهيو.

    رسي تان درياهه پار ڪندڙ همراهه

    نڪ ولينڊا نالي هڪ آمريڪي همراهه ڪلوراڊو درياهه کي رسي سان بنا ڪنهن سهاري جي پار ڪري رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي. هن همراهه 15 سئو فٽ مٿاهين تائين درياهه جي ٻنهي پاسي ٻڌل رسي تي هٿڙ ٻٿڙ هلندي درياهه پار ڪري ورتو. هوا جو ان وقت سخت دٻاءُ هجڻ ڪري هن ٻانهن ۾ سور جي شڪايت ڪئي، هن اهو پنڌ 23 منٽن ۾ طئه ڪيو.

    فيشن جا نت نوان انداز

    فيشن جا نت نوان انداز اختيار ڪيا پيا وڃن. پر جڏهن ڪوبه فيشن مشهور ٿئي ٿو پوءِ کڻي ڪيڏو به انوکو ڇو نه هجي ٿو پر اکين وڻڻ لڳي ٿو. جهڙي طرح ڪپڙن جا اسٽائل بدلجندا رهن ٿا. اهڙي ريت انهن جي پرنٽن جا فيشن به بدلجندا رهن ٿا. اڳي عورتون رڳو گلن وارين ڊزائنن جا وڳا پائڻ پسند ڪنديون هيون، رڳو هر طرف رنگا رنگي گل نظر ايندا هئا. پر آهستي آهستي اهو ٽرينڊ تبديل ٿيڻ لڳو ۽ گلن کانسواءِ به ڪجهه ٻيون ڊزائنون به ڪپڙن ۾ مقبول ٿيڻ لڳيون. جن ۾ اينيمل ۽ تجريدي پرنٽس به شامل آهن. پر هاڻي سڀ کان وڌيڪ فيشن جيوميٽريڪل پرنٽس جو نروار ٿيڻ لڳو آهي جنهن کي تمام گهڻو پسند ڪيو ۽ پهريو وڃي ٿو. هن کان اڳ جيوميٽري سان گڏ ٻيون ڊزائنون به ملايون وينديون هيون پر هاڻي صرف ۽ صرف نج جيوميٽريڪل پرنٽس کي ترجيح ڏني وڃي ٿي. انهن ۾ خاص ڪري شوخ رنگ جو گهڻو استعمال ڪيو وڃي ٿو.



    زمين جي سراسري گرمي پد ۾ ٻه ڊگري جو اضافو ٿيو

    هڪ تازي رپورٽ موجب جيڪڏهن عالمي سطح تي انهيءَ ئي رفتار سان ڪوئلو، تيل ۽ گئس ٻرندا رهيا ته سال 2030ع تائين ڏکڻ ايشيا ۽ آفريقا جي ڪيترن ئي حصن ۾ گرمي جي شدت ۾ اضافي سميت پاڻي ۽ خوراڪ جهڙا مسئلا به منهن ڪڍندا. ماحوليات جي موضوع تي ورلڊ بئنڪ پاران جاري ڪيل هن رپورٽ ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن عالمي سطح تي گرمي کي گهٽايو نه ويو ته ان جا انتهائي منفي اثر تمام جلد ئي ڏسڻ ۾ ايندا. هن رپورٽ موجب جيڪڏهن دنيا جي ايوريج گرمي پد ۾ ٻه ڊگري جو اضافو ٿيو ته ان جي نتيجي ۾ آفريقي زراعت جي لاءِ استعمال ٿيندڙ 40 کان 80 سيڪڙو زمين جي ضايع ٿيڻ جا امڪان آهن. ان کانسواءِ ڏکڻ ايشيا جا ڪيترائي ساحلي شهر پاڻي هيٺ اچي سگهن ٿا. ان باري ۾ ڳالهائيندي عالمي بئنڪ جي صدر جمريونگ چيو ته جيڪڏهن زمين جي سراسري گرمي پد ۾ ٻه ڊگري جو اضافو ٿيو (جيڪو 20 کان 30 سالن ۾ ممڪن آهي) ته ان جي نتيجي ۾ خوراڪ جي کوٽ، تمام گهڻي گرمي ۽ سامونڊي طوفانن جي تعداد ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. بقول هن جي ته ايئن ٿيڻ سان انهن لکين ماڻهن جي زندگين کي خطرو آهي. جن جو گلوبل وارمنگ سان سڌو سنئون ڪو تعلق ناهي. عالمي بئنڪ ۾ پائيدار ترقي واري شعبي جي نائب صدر ريچل ڪانٽ چيو ته هي رپورٽ شهرن کي شديد خطرن کي واضح ڪري ٿي جيڪي گرمي پد ۾ ڊگري وڌڻ سان پيش اچي سگهن ٿا. هن هڪ خابرو اداري سان ڳالهائيندي چيو ته ترقي پذير ملڪن ۾ اربنائيزيشن يا شهري علائقن ۾ اضافي جو عمل جاري آهي. ريچل ڪانٽ موجب جيئن جيئن گرمي سبب موسمي تبديليون اينديون تيئن تيئن زراعت مشڪل ٿيندي ويندي. اهڙي ريت ماڻهو وڌيڪ شهرن ڏانهن رخ ڪندا. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بنگلاديش ۽ ڀارت جي ساحلي شهرن کي سامونڊي طوفانن جو خطرو آهي. ماهرن موجب هن رپورٽ ۾ جن امڪاني حالتن جو ذڪر ڪيو ويو آهي. انهن مان ڪيترين حالتن کي مناسب حڪمت عملي ۽ ماحوليات ۾ بهتري لاءِ سيڙپڪاري سان روڪي سگهجي ٿو.

    آمريڪي صدر بارڪ اوباما تازو جرمن جي راڄڌاني برلن ۾ تقرير ڪندي چيو ته گلوبل وارمنگ هن وقت عالمي مسئلو آهي. هن هي وچن به ورجايو هو ته آمريڪا ان سلسلي ۾ اضافي قدم کڻي رهيو آهي.

    وهيل مڇي تي سفرڪندڙ سر ڦريو نينگر
    :ميڪسيڪو بحر اقيانوس ۾ 19 سالن جي ڇوڪري 9 ميٽر وڏي وهيل مڇي تي سفر ڪيو برطانيا جي ڊيلي ميل اخبار لکي ٿي ته 19 سال جو آمريڪي ڇوڪرو سمنڊ جي وچ ٻيٽ تي دوستن سان گڏجي مڇي مارڻ لاءِ ٻيٽ ڪپتيوا ويو، جيڪو سمنڊ ڪناري کان 30 ميل يا 48 ڪلوميٽر پري آهي ڪرس ڪريز پهنجي دوستن سان گڏ مڇي ماري رهيو هو ته هن ڏٺو ڪا مڇي ويجهي ترندي اچي رهي آهي ويجهي اچڻ بعد اها وهيل مڇي هئي. ڪرس ڪريز بغير سوچڻ جي 9 فوٽ وڏي مڇي تي بل ڏنو 20 سيڪنڊ ويٺو رهيو ڪرس جي دوستن هن جي وڊيو ڀري ڪريس ڪريز محسوس ڪيو ته اها ڳالهـ مڇي کي پسند نه آهي تهنڪري گهڻي دير ان تي نه رهيو. هي خبر ڪرس جي دوستن بيان ڪئي.
    چين ۾ ڪاپي ڪلچر کي ختم ڪرڻ لاءِ کنيل قدمِ
    :چين ۾ تعليم کاتي ڪاپي ڪلچر کي ختم ڪرڻ لاءِ ڇوڪرين کي امتحانن ۾ بريزيئر پائڻ تي پابندي لڳائي آهي يونيورسٽين جي تعليمي امتحانن ۾ ڌاتو نما شيون شرٽون وغيره ڌاتو کي پڪڙڻ واري مڇين ۾ رڪاوٽ وجهي رهيون آهن اهڙي قسم جي تدبير ٻين ٻڌاڻ وارن پرزن ٽرانسميٽر جهڙين شين کي روڪڻ لاءِ ڪيو ويو. اهڙي ريت بريزيئر ۾ لوه جا پرزا لڳل آهن ۽ شاگردن کي نوٽ بڪن ۾ لڳل ڌاتو جا پرزا به رڪاوٽ بڻجن پيا شاگرد نوٽ بڪ لاءِ ڊاڪٽرن جي استعمال وارا پيڊ استعمال ڪري سگهن ٿا گزريل سال امتحانن دوران پوليس پاران 60,000 ڌاتو جو شيون پڪڙيون جنهن ۾ موبائل فون، ريڊيو رسيور، موڊيفائڊ پينيون، گهڙيون، عينڪون، ليڌر جا بيلٽ شامل آهن.

    موبائل کي محفوظ رکڻ جو طريقو

    برازيل ۾ اهڙو گلاس ٿيار ڪيو ويو آهي جنهن کي بيهارڻ لاءِ هيٺيان موبائل ٿي رکڻي پوي اهڙي گلاسن ٺاهڻ جو مقصد جيڪي دوست گهڻي وقت گزري وڃڻ تائين پهنجي موبائل ناهن ڏسندا پهنجا ايس ايم ايس ۽ سوشل نيٽورڪ جا پيغام نه پڙهندا آهن.





    ڊرم وڄائڻ جو رڪارڊ

    آمريڪا ۾ هڪ نوجوان گهڻو وقت ڊرم وڄائي عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي. آمريڪي شهر نيويارڪ جي ناليواري ٽائمز اسڪوائر ۾ اينڊريو نالي همراهه ڊرم وڄائڻ شروع ڪيو ته بيهڻ جو نالو ئي نه ٿي ورتائين ۽ لاڳيتو 24 ڪلاڪ ڊرم وڄائيندي عالمي رڪارڊ جوڙي ورتائين، هن همراهه ڏينهن ۽ هڪ رات بنا ڪنهن وقفي جي ڊرم وڄائي پنهنجو نالو گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ داخلا ڪرائي ورتو آهي.

    دنيا جي سڀ کان وڏي آئس ڪريم تيار
    آئس ڪريم جو نالو ٻڌي خاص ڪري نوجوانن جي وات ۾ پاڻي ڀرجيو وڃي ڇو ته اڌڙوٽ يا پوڙهن ماڻهن جا ڏند آئس ڪريم کائڻ جي سگهه نه ٿا رکن. آئس ڪريم اهڙي شئي آهي جنهن کي کائيندي دل چوندي آهي ته اها ڪڏهن ختم نه ٿئي ۽ ماڻهو ان کي کائيندو ئي رهي. شايد ان خيال کان متاثر ٿي آمريڪي رياست مينيسوٽا جي شهرين هڪ هزار هڪ سئو فوٽ ڊگهي آئس ڪريم تيار ڪري ورلڊ رڪارڊ جوڙي ورتو. هن مهم ۾ ڪيترائي گيلن آئس ڪريم کي ڪيڪ، ميون ۽ ٻين شين سان گڏ تيار ڪيو جو گنيز بڪ وارن هن جو نالو بڪ ۾ شامل ڪري ورتو.
    چين ۾ ڪتي ۽ ٻلي جي مثالي دوستي
    ڪتو ۽ٻلي ڪڏهن به پاڻ ۾ دوست ناهن رهيا بلڪه اهي هڪ ٻئي جا ازلي ويري سمجهيا ويندا آهن. پر چين ۾ ڪتي ۽ ٻلي جي مثالي دوستي ماڻهن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. ڪارو چشمو پاتل هي ڪتو جنهن جو نالو وانگ ڪائي ٻڌايو وڃي ٿو. پنهنجي دوست ٻلي مي مي کي ڪڏهن به اڪيلو نه ٿو ڇڏي. ٻئي هميشه گڏ نڪرن ٿا. ڪتو ٻکي کي پٺيءَ تي ويهاري سير ڪرائي ٿو. ايستائين جو ٻلي ڪڏهن ڪڏهن ڪاوڙ ۾ اچي ڪتي کي چنبا به هڻندي آهي پر هي کيس ڪجهه به نه چوندو آهي. بلڪه کيس پيار سان سمجهائيندو آهي

    ماءُ جو کير

    هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جن ٻارن کي ماءُ جو کير ملي ٿو انهن جي لاءِ مستقبل ۾ معاشري ۾ بهتر ترقي ۽ نوڪريون ملڻ جا موقعا وڌيڪ ٿين ٿا. ماضي ۾ ٻارن لاءِ جيڪي ماءُ جي کير جا فائدا ٻڌايا ويا هئا، تن ۾ ٻارن جي ذهنن تي مثبت اثر ۽ ڪنهن به قسم جي انفيڪشن سان وڙهڻ جي صلاحيت جو ذڪر هو. پر تازن نتيجن موجب ماءُ جو کير گهڻي وقت تائين اثر ڇڏي ٿو. برطانيه ۾ هڪ يونيورسٽي پاران ڪيل سروي جنهن ۾ ماڻهن جي سماجي ڪارڪردگي تي ماءُ جي کير جي اثر جو جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ سماجي ڪارڪردگي جي پيمائش ڪئي وئي ۽ والدين جي ملازمت سان انهن جي ٻارن جي ملازمت کي ڀيٽايو ويو هن تحقيق 1958ع کان 1970ع تائين پيدا ٿيل ٻارن جي هڪ گروپ کي شامل ڪيو ويو، ان تحقيق موجب ماءُ جو کير پيئندڙ ٻار معاشري ۾ ڪامياب رهيا. ان کان اڳ هي معلوم ڪيو ويو ته ڪهڙن ٻارن ماءُ جو کير پيتو ان بعد 30 سالن تائين سندن سماجي حيثيت جو جائزو ورتو ويو. انهن ٻارن کي والدين کان وڌيڪ سٺيون نوڪريون مليون جن کي ماءُ جو کير نه مليو اهي انهن جي ڀيٽ ۾ گهٽ ڪامياب نظر آيا. ماءُ جو کير پيئڻ وارن ٻارن جي ذهني دٻاءُ واري ٽيسٽ ۾ به بهتر ڪارڪردگي نظر آئي.

    سڄي دنيا ۾ 3 ارب ماڻهن کي انٽرنيٽ جي بهتر سهولت

    سڄي دنيا ۾ 3 ارب ماڻهن کي انٽرنيٽ جي بهتر سهولت ڏيڻ لاءِ (036) او ٿري بي سيٽلائيٽ نيٽ ورڪ جي چئن سيٽلائيٽ کي خلا ۾ اماڻيو پيو وڃي. اميد آهي ته هنن سيارن کي سومر ڏينهن خلا ۾ موڪليو ويندو ۽ هنن جي زمين کان بلندي اٽڪل 8 هزار ڪلوميٽر هوندي. او ٿري بي جو مطلب آهي ”اڌر ٿري بلين“ جنهن کي سولي سنڌي ۾ هيئن چئون ته وڌيڪ ٽي ارب ماڻهو جيڪي هڪ بهتر ۽ تيز رفتار انٽرنيٽ جي سهولت کان محروم آهن تن کي به هاڻي اهڙي سهولت ملي ويندي. زمين جي ويجهو هجڻ ڪري او ٿري بي جي اسپيڊ به وڌيڪ تيز هوندي. اهي چارئي سيٽلائيٽ سويوز راڪيٽ ذريعي مقامي وقت موجب 3:53 يعني 6:53 جي ايم ٽي تي خلا ۾ اماڻيا ويندا. جنهن کان پوءِ انهن کي خلا ۾ پنهنجي گهربل بلندي تائين پهچڻ ۾ وڌيڪ 2 ڪلاڪ لڳندا. هن نئين سيٽلائيٽ نيٽ ورڪ مان اميد ڪئي پئي وڃي ته لکين ماڻهو براڊ بينڊ جهڙو انٽرنيٽ استعمال ڪري سگهندا. گڏوگڏ هن سسٽم ذريعي آواز ۽ ڊيٽا جي پهچ ۾ دير کي به گهٽايو ويندو. او ٿري بي جي چيف ايگزيڪٽو آفيسر اسٽيو ڪولر جو چوڻ آهي ته نئين نيٽ ورڪ کي اهڙي نموني ٺاهيو ويو آهي جيئن نهي سيٽلائيٽ رابطي ۾ پيدا ٿيندڙ دير کي گهٽائي سگهي. هن چيو اسان سڀ جڏهن سيٽلائيٽ ڪالون ڪندا آهيون ته ان ۾ 600 ملي سيڪنڊن جي دير ٿيندي آهي جيڪا ايتري گهڻي ناهي پر هي ڪنڪشن کي استعمال نه ڪرڻ جي حوالي سان گهڻي آهي. هي مسئلو ڊيٽا نيٽ ورڪ جو آهي.

    جيڪڏهن اوهان انٽرنيٽ تي آهيو ۽ ڪا سائيٽ ڳولي رهيا آهيو جيڪڏهن ڳولا جو اهو عملو سست ۽ ڍرو آهي ته اهي انٽرنيٽ جي استعمال وارن روين تي اثر انداز ٿيڻ جي برابر آهي ۽ اوهان يقينن بيزار ٿي انٽرنيٽ جو استعمال ئي ختم ڪري سگهو ٿا. اسان انهن مسئلن کي هل ڪرڻ چاهيون ٿا. ان جو هڪڙو ئي حل آهي ته سيٽلائيٽ کي زمين جي ويجهو موڪليو وڃي. او ٿري بي سان آواز يا رائوڊ ٽرپ ٽرانسميشن جو دورانيو 600 ملي سيڪنڊن مان گهٽجي هڪ سئو ملي سيڪنڊ ٿي ويندو. هي سيٽلائيٽ هاءِ فريڪوئنسي تي ڪم ڪندو. او ٿري بي پروجيڪٽ کي مڪمل ٿيڻ ۾ 6 سال لڳي ويا. هن کي گوگل. ايس اي ايس سميت سيٽلائيٽ جو ڪاروبار ڪندي ٻين وڏين ڪمپنين جي مالي سهڪار سان تيار ڪيو ويو.



    اڇي وهيل

    آمريڪا ۾ هڪ اهڙي اڇي وهيل آهي جنهن جو آواز ۽ ان جو لهجو ماڻهن سان ملندڙ جلندڙ آهي. چيو وڃي ٿو ته ڊولفن کي ماڻهن وانگر ڳالهائڻ يا رڙيون ڪرڻ سيکاري سگهجي ٿو. پر ڪنهن به ٻئي جانور پاڻمرادو ان قسم جو نقل ناهي ڪيو. تحقيق ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ”اين او سي“ نالي هڪ اڇي وهيل کي پنهنجي معمول جي آواز ۾ اٺن سرن ۾ آواز ڪڍندي ڏٺو ويو آهي. تحقيق ڪندڙن هن ڳالهه جو انڪشاف سائنس جي هڪ رسالي ”ڪرنٽ بائلاجي“ ۾ ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته آخر اين او سي ايئن ڪيو ڪيئن؟ پهريون راز ته هي ڄاڻڻو هو ته هي آواز ڪٿان اچي رهيا آهن. ڇو ته وهيل جي لاءِ مشهور آهي ته اها سمنڊ ۾ وڏو گوڙ ڪندي آهي ۽ ان حوالي سان ئي سڃاتي به ويندي آهي. ايڏو وڏو گوڙ ڪندي آهي جو ڪن ڦاٽندا محسوس ٿيندا آهن. وهيل مڇين جي باري ۾ ماڻهن جا آواز ڪڍڻ واريون ڳالهيون ته ٿينديون رهيون آهن پر ڪڏهن انهن کي رڪارڊ نه ڪيو ويو، جڏهن ڪيليفورنيا جي نيشنل ميرن ميمل فائونڊيشن جي هڪ ٽوٻي پاڻي کان ٻاهر نڪرندي چيو ته کيس ڪنهن ٻاهر نڪرڻ لاءِ چيو تڏهن تحقيق ڪندڙن کي لڳو ته کين هڪ ٻيو مثال هٿ اچي ويو آهي. هڪ دفعو جڏهن کين پڪ ٿي وئي ته اهو آواز اين او سي جو آهي ته هنن ان جي پهريون ڀيرو رڪارڊنگ ڪري ورتي. هننن دريافت ڪيو ته وهيل جي ڪاڪڙي ۾ هڪ سيڪنڊ ۾ 3 ڀيرا ارتعاش ٿئي ٿو ۽ ان جي وچ وارو وقفو ماڻهن وانگر ڳالهائڻ سان ملي جلي ٿو. تحقيق ڪندڙن هي به ڄاڻي ورتو آهي ته وهيل جو آواز ماڻهن جهڙو آهي جنهن کانپوءِ هنن وهيل کي ڪنهن طريقي سان ڳالهائڻ جهڙو آواز ڪڍڻ جو طريقو سيکاريو. هنن محسوس ڪيو ته اها آواز ڪڍڻ لاءِ پنهنجي نڪ جي دٻاءَ ۾ تبديلي آڻي ٿي پر هي ڪم هن لاءِ سولو ناهي. هن جي صوتي سرشتي ۾ ڪجهه تبديلي جي ضرورت آهي هنن هي به چيو ته جيڪو آواز اسان ٻڌو اهو اڇي وهيل جي صوتي تعليم جو مثال آهي.

    جديد ترين رياضي جي حساب ڪتاب جون ثابتيون

    برطانيا جا سائنسدان ان وقت حيران رهجي ويا جڏهن کين حياتيات ۾ جديد ترين رياضي جي حساب ڪتاب جون ثابتيون مليون. برطانوي سائنسدانن هڪ ٻوٽي اربي ڊوپسس جو مطالعو ڪيو جيڪو ان نوعيت جي تجربن لاءِ نهايت موزون مڃيو وڃي ٿو.

    سائنسدانن کي خبر پئي ته ٻوٽن ۾ رياضي جا حساب ڪتاب ڪرڻ جي صلاحيت قدرتي طور موجود ٿئي ٿي، جيڪا ٻوٽي کي رات جي وقت خوراڪ ذخيرو ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿي.

    جان انز سينٽر جي ٽيم اِي لائيف جرنل کي ٻڌايو ته پن ۾ رات جي وقت ۾ نشاستي جي استعمال ٿيندڙ مقدار جو شمار مختلف خانن ۾ رياضي جي ماڊلز جي مدد سان ڪيو وڃي ٿو. تحقيق موجب پکي به هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ لڏپلاڻ دوران ان ئي عمل ذريعي پنهنجي جسم ۾ خوراڪ ذخيرو ڪندا آهن. انهيءَ تحقيق ۾ حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته جڏهن رات جو ٻوٽا کنڊ ۽ نشاستي کي ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ ۾ بدلائڻ لاءِ سج جي روشني جو استعمال نه ٿا ڪري سگهن ته اهي پنهنجي اندر نشاستي جي ذخيرن کي سج اڀرڻ تائين هلائڻ لاءِ حساب ڪتاب ڪري محفوظ ڪن ٿا.

    جان انز سائنسدانن جي تجربن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ٻوٽي کي نشاستي جي استعمال جوڳي مقدار کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ضروري حساب ڪتاب ڪرڻو پوندو آهي. ان تحقيق جي سربراهه پروفيسر ايلسين سمٽ ٻڌايو ته ٻوٽا اها رياضي ڪيميائي انداز سان ڪندا آهن، رات جو ٻوٽي جي پن اندر موجود نظام نشاستي جو ذخيرو ڪيل مقدار ماپي ٿو ۽ وقت متعلق معلومات هڪ گهڙي فراهم ڪري ٿي جيڪا انساني جسم اندر موجود گهڙي وانگر ٿئي ٿي. ريسرچ ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ٻوٽي ۾ موجود نشاستي جي ذخيرن کي ايس ذريعي واضح ڪيو وڃي ۽ وقت کي ٽي سان ان کان پوءِ ٽي سان يعني ذخيرن کي وقت سان ورهايو وڃي ته ٻوٽي جي توانائي بحال رکڻ جو بنيادي اصول واضح ٿي وڃي ٿو.

    جان انز سينٽر جو پروفيسر مارٽن هاورڊ چوي ٿو ته اهو حياتيات ۾ رياضي جي حساب ڪتاب جو پهريون پڪو پختو ثبوت آهي. سائنسدانن جو خيال آهي ته پکي لڏپلاڻ دوران يا وري آنا ڏيندي جڏهن انهن کي خوراڪ جي ڪمي جو منهن ڏسڻو پوندو آهي ته اهي به پنهنجي جسمن ۾ چرٻي جي مقدار کي محفوظ بنائڻ لاءِ ڪنهن اهڙي ئي نظام جو سهارو وٺن ٿا. ان تحقيق تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي ميري يونيورسٽي آف لنڊن جي ڊاڪٽر رچرڊ بگز جو چوڻ آهي ته اهو ٻوٽن جي ذهانت جو دليل ناهي پر ان تحقيق مان رڳو اها خبر پئي آهي ته ٻوٽن ۾ اهڙو پاڻ هرتو نظام موجود آهي جيڪو اهو طئه ڪري ٿو ته رات جي وقت ڪيترو جلدي ڪاربوهائڊريٽس کي ٻاريو وڃي ته جيئن اهي صبح تائين هلي سگهي. ٻوٽا رضاڪراڻي طور رياضي جا حساب ڪتاب نه ٿا ڪري سگهن جيئن اسان انسان ڪندا آهيون.

    ڪيميائي مادو

    سائنسدانن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن BPA جسم ۾ داخل ٿي وڃي ته انهن گهرڙن کي نقصان رسائي ٿو. جيڪي ڏندن جو اڇو روغن بڻائڻ جا ذميوار آهن. جانورن تي ڪيل هڪ تحقيق موجب سائنسدانن معلوم ڪيو آهي ته اسانجي روزاني استعمال وارين ڪيترين ئي شين ۾ هڪ اهڙو ڪيميائي مادو ملي ٿو جيڪو انسانن جي ڏندن جي روغن لاءِ هاڃيڪار آهي BPA نالي هي ڪيميائي مادو پلاسٽڪ جي انهن ڪيترين ئي شين ۾ ملي ٿو جيڪي اسان روزاني جي بنياد تي استعمال ڪندا آهيون، مثال طور ٻارن جي خوراڪ وارا رٻايا پاڻي جون بوتلون وغيره، سائنسدانن موجب اهي ڪيميائي مادا پلاسٽڪ مان خوراڪ ۽ پاڻي ۾ ملي وڃي ٿو ۽ ان ذريعي انسانن ۾ داخل ٿئي ٿو. هي نه رڳو انسانن لاءِ خطرناڪ آهي، بلڪه ان سان اسان جو ماحول به متاثر ٿئي ٿو، جتي اسان کي هر جاءِ تي هر هنڌ پلاسٽڪ جا ٿانو ۽ بوتلون پيل نظر اچين ٿيون. آمرڪي صحت واري قومي اداري موجب جانورن تي ڪيل تحقيق ٻڌائي ٿي ته BPA سان ٿولي، موڊ ۾ تبديلي، جلد بالغ ٿيڻ، سهڪو دل جي بيماري ۽ ڇاتي جي ڪينسر جهڙا ڪيترائي مرض لڳڻ جو خطرو هجي ٿو، جيڪڏهن BPA جسم ۾ داخل ٿي وڃي ته انهن گهرڙن کي نقصان رسائي ٿو ته جيڪي ڏندن جو روغن بڻائڻ جا ذميوار هجن ٿا، جنهن ڪري ئي ڏند ڪمزور ۽ نازڪ ٿي وڃن، پر سوال هي آهي ته جانورن تي ڪيل تحقيق جا اثر انسانن تي به ساڳيا پئجي سگهن ٿا يا نه؟ يا وري جيترو نقصان جانورن جي ڏندن کي رسي ٿو ڇا ايترو ئي نقصان انساني ڏندن لاءِ به هجي ٿو. سائنسدان چون ٿا، ها ان جو امڪان موجود آهي. ڇاڪاڻ ته ڪوئي ۽ 6 کان 8 سالن جي عمر وارن ٻارن جي ڏندن جون خاصيتون هڪ جهڙيون ٿين ٿيون. جيڪڏهن انهن ٻارن جي جسم ۾ BPA موجود هجي ته انهن جي ڏندن کي ماڪوڙي لڳڻ ۽ سور ٿيڻ جو وڌيڪ امڪان آهي. BPA جي باري ۾ انهن خدشن کي نظر ۾ رکندي هاڻي پلاسٽڪ جون اهڙيون شيون تيار ڪيون پيون وڃن جن ۾BPA نه هوندا.

    اکيون الله تعاليٰ جي تمام وڏي نعمت آهن

    اکيون الله تعاليٰ جي تمام وڏي نعمت آهن ۽ انهن جي حفاظت ڪرڻ اسان جو فرض آهي. اسان جون اڪثر عورتون پنهنجي چمڙي جي حفاظت چڱي نموني ڪنديون آهن پر اکين جي حفاظت واري معاملي ۾ لاپرواهي کان ڪم وٺنديون آهن ۽ ان لاپرواهي جو نتيجو اهو نڪرندو آهي جو هر ڪو پڇندو آهي ته ڪٿي توهان بيمار ته ناهيو؟ اکين جي هيٺان سوڄ ٿيڻ جو مطلب توهان جي جسم ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ لوڻ گهڻو استعمال ڪرڻ به ٿي سگهي ٿو. ان ڪري توهان کي گهرجي ته پاڻي گهڻي کان گهڻو پيئو جيئن هن بيماريءَ کان پري رهي سگهو. اکين ۾ سوڄ جو وڏو سبب ڪم جي گهڻائي به ٿي سگهي ٿو. ان ڪري توهان کي گهرجي ته ڪم ڪرڻ کان پوءِ اکين کي آرام ڏيو. اکين کي ٿڌي پاڻي سان ڌوئو توهان پنهنجي اکين جي حفاظت لاءِ کير جو ماسڪ به گهر ۾ تيار ڪري سگهو ٿيون. اکين جي سوڄ ختم ڪرڻ لاءِ توهان پٽاٽن جي ڳترن کي به اکين تي رکي سگهو ٿيون، ان سان توهان جي اکين کي سڪون ملندو ۽ اکين جي سوڄ گهٽجي پوندي.

    عجيب جوڙ

    انڊيا جي رياست پنجاب ۾ حادثو پيش آيو 2 گلر کوهـ ۾ ڪري پيا ۽ اتي گلرن جي ماءُ ويجهي گهمي رهي هئي ۽ مالڪن جو ڌيان هن طرف ڇڪائي رهي هئي کوهـ ۾ دلچسپ شئي نظر پئي آئي تري ۾ ڪاريهر نانگ ويٺل هئو جيڪو گلرن کي ڪجهـ به نه ڪري رهيو هو اڳتي ريڙهيون پائيندڙ جانوري گلرن جي ڪيئن سنڀال ڪري رهيو هو انهن کي ٻئي پاسي وڃڻ جي اجازت نه ڏئي رهيو هو جتي هو ڪري پيا هئا جڏهن ته کوهـ پاڻي سان ڀرجي رهيو هو بهر حال انهن 48 ڪلاڪ کوهـ ۾ وقت گزاريو جڏهن ٻيلي کاتي وارا پهچي ويا ته نانگ ريڙهيو پائي کوهـ جي ٻئي پاسي ويو

    ڪار ڊوڙ جو مشهور ڊرائيور

    يوڪرائني ڪار ڊوڙ جو مشهور ڊرائيور وادم جي ڪار صحرا رب ال خالي ۾ واريءَ ۾ فاسي پئي وادم جو ساٿي علي ٻاهر نڪري واريءَ کي کوٽڻ لڳو پر ناڪام ٿيو وادم مدد لاءِ ويو پر نه پهچي سگهيو تهنڪري وادم ڊي هائڊريشن سبب انتقال ڪري ويو رب ال خالي ڌرتي جو گرم ترين علائقو آهي هتي ڏينهن جو 40 کان 50 سينٽي گريڊ گرمي پوندي آهي هن ريگستان ۾ وادم مشق ڪرڻ پسند ڪري رهيو هو ۽ مقابلي لاءِ تياري ڪري رهيو هو وادم هر مقابلي ۾ حصو وٺندو هو جيڪي مقابلا آمريڪا ۾ ٿيندا ها ريلي ريڊ سلڪ روڊ ۽ ابو دهبي هن لاءِ چيلينج بڻيل هئي سڀئي دوست ڪاليجي دوست وادم جي ايمانداري کي ياد رکي رهيا آهن وادم هميشه مدد لاءِ ڪوششون وٺندڙ کلڻو شخص هيو وادم کي زال ۽ 2 ٻار آهن.


    فطرت جو هڪ ناياب پر حيرت ۾ وجهندڙ نظارو

    هي تڏو پهنجي پراڻي کل لاهي رهيو هو ته ڪيميرا جي اک سان پڪڙجي پيو ۽ ڪاميابي سان پهنجي کل لاهي ورتائين. تڏي پهنجي مهارت سان کل لاهڻ ۾ 40 منٽ لڳايا ۽ گاهـ تي ٽنگي رکيائين هن عمل کي exoskeleton سڏيو ويندو آهي.فوٽو گرافر آڌي پرايوگا 41 منٽن تائين انڊونيشيا جي هڪ باغ ۾ تبديلي کي ڏسندو رهيو ۽ ڪئميرا جي اک ۾ پڪڙي ورتو


    ڪينسر جي خاتمي لاءِ انگور کائڻ انتهائي فائدي

    صحت جي ماهرن توڙي ڊاڪٽرن چيو آهي ته ڪينسر جي خاتمي لاءِ انگور کائڻ انتهائي فائدي وارا ثابت ٿيا آهن. ماهرن موجب انگورن ۾ جسم مان فاسد مادا خارج ڪرڻ جي ڀرپور صلاحيت هجي ٿي ۽ هي دل کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ به هڪ بهترين ٿانڪ ثابت ٿين ٿا. ماهر چون ٿا ته انگورن جي استعمال سان چمڙي ۽ معدي جي ڪينسر وارن خطرن کي گهٽائي سگهجي ٿو. اهڙي تحقيق کانپوءِ سڄي دنيا ۾ انگورن جي واپرائڻ ۾ اضافي جي اميد ڏيکاري وڃي پئي. ڇاڪاڻ هينئر تائين انگور کي صرف ميوي طور واپرايو ويندو هو. يا وري امير ماڻهو ئي کائيندا هئا. پر ماهرن هن ڳالهه تي به زور ڏنو آهي ته انگور جي پيداوار وڌائڻ لاءِ ٿڌن علائقن ۾ ان جي وڻن کي وڌائڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن جيئن وڌيڪ مقدار ۾ دستياب هجڻ ڪري انگور سستو ٿي سگهي ۽ غريب گربو به کائڻ جي قابل بڻجي سگهي. ڇاڪاڻ ته ڪينسر صرف اميرن جي بيماري ناهي.

    ڊائيٽنگ ڪرڻ واريون عورتون چيڙاڪ طبيعت

    هڪ تازي تحقيق ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ڊائيٽنگ ڪرڻ واريون عورتون چيڙاڪ طبيعت ۽ ڪاوڙ جو شڪار ٿي سگهن ٿيون. اهڙي تحقيق آمريڪا جي هڪ يونيورسٽي ۾ ڪئي وئي آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڊائيٽنگ ڪرڻ واريون عورتون پنهنجون پسنديده غذائون نٿيون کائي سگهن جنهن ڪري کين پاڻ تي ڪنٽرول به ڪرڻو پوي ٿو ان جي نتيجي ۾ اهي ڪاوڙ جو شڪار ٿي وڃن ٿيون ۽ سندن طبيعت چيڙاڪ ٿيڻ لڳي ٿي. ماهرن جو چوڻ آهي ته مستقل ڊائيٽنگ ڪرڻ واريون عورتون جلد ڪاوڙ ۾ اچي وڃن ٿيون ۽ ٻين عورتن سان پڻ بدمزاجيءَ سان پيش اچن ٿيون.

    جيو گهرڙن مان انساني جيرو پيدا

    سائنسدان انساني جسم جي جيو گهرڙن مان انساني جيرو پيدا ڪيو آهي. چمڙي ۾ رت مان ورتل خاص قسم جي جيوگهرڙن (اسٽيم سيلس) مان پهريون ڀيرو فعال جيرو پيدا ڪيو ۽ اهو به چيو آهي ته سندن ڪاميابي هڪ اهڙي مستقبل جو ڏس ڏئي ٿي جنهن ۾ جيرا ۽ ٻيا عضوا ليبارٽري ۾ ٺاهي ضرورتمند ماڻهن ۾ انهن جي پيوند ڪاري ڪئي ويندي ۽ ماڻهن جي وڌندڙ تعداد کي عضون جي سخت ضرورت ٿئي ٿي.

    ٿي سگھي ٿو ته ليبارٽري ۾ جيرا ٺاهي مريضن جو علاج ڪرڻ ۾ اڃا 10 سال لڳي وڃن پر جاپاني سائنسدان چون ٿا ته هنن ان تصور جو ثبوت هٿ ڪري ورتو آهي، جنهن جو مطلب آهي ته انساني عضوا پيدا ڪرڻ جي سلسلي ۾ وڌيڪ بامقصد تجربا ڪري سگهجن ٿا، بلڪه پڪ آهي ته دير سوير اهڙي پيوند ڪاري جو سلسلو هلي پوندو. ڪنگس ڪاليج لنڊن ۾ اسٽيم سيل جي هڪ ماهر ڊسڪوالڪ موجب: ”جيرو ٺاهي سگهڻ جي اميد ان کان گهڻي ويجھي آهي جنهن حد تائين هڪ سال اڳ اميد ڪري پئي سگھياسين“. پر هن چيو ته اها ٽيڪنڪ اميد وڌائي ٿي ۽ ان طرح اسان وک اڳتي وڌائي آهي، ان هوندي گهڻو ڪجهه اڃاتل اهي ۽ نئين پيدا ڪيل جيري جي پيوند ڪاري شروع ٿئي، ان کي سال لڳي سگھن ٿا هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي کان وٺي سڄي دنيا ۾ سائنسدان مختلف ذريعن کان اسٽيم سيل جو اڀياس ڪري رهيا آهن. جيئن ٻين قسمن جي جيوگهرڙن کي به بدلائي صحت جي حالتن ۾ هاڪاري تبديليون آڻجي اسٽيم سيلس جون 2 مکيه صورتون ٿين ٿيون. هڪڙي صورت آهي اسرندڙ جيوگهرڙي واري جيڪو ماءُ جي پيٽ ۾ سرجندڙ ٻار مان حاصل ڪيو ويندو آهي ۽ ٻيو عام طور ماڻهوءَ جي چمڙي ۾ رت مان ورتو آهي جنهن کي آءِ پي ايس سيل چون ٿا.

    ٽماٽي جا فائدا

    ● هونئن ته ٽماٽي جا ڪيترائي فائدا آهن ۽ هن جو هر کاڌي ۾ استعمال ضروري سمجهيو ويندو آهي. هن جي گهڻي واپرائڻ سان ڪجهه نقصان به ڄاڻايا ويندا آهن تنهن هوندي به اهي نقصان هن جي ثابت يا ڀاڄيءَ ۾ استعمال ڪرڻ سان مشروط هجن ٿا. هڪ تازي تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته ٿڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ انرجي ڊرنڪس (توانائي وارا مشروب) جي ڀيٽ ۾ ٽماٽي جو جوس وڌيڪ فائدي وارو آهي. اهو ڪينسر ۽ دل جي بيمارين کان به ڪنهن حد تائين بچائي ٿو. ٻن مهينن تائين لاڳيتو هي جوس پيئڻ سان جسم ۾ پروٽين جي کوٽ به ختم ٿي سگهي ٿي.




    خطرناڪ پينگهه

    لاطيني آمريڪا جي ملڪ اڪواڊور ۾ خطرن سان کيڏڻ وارن ماڻهن جي تفريح لاءِ جبل جي ڪنڌي تي دنيا جي سڀ کان خطرناڪ پينگهه ٻڌي وئي آهي. سرسبز جبلن مٿان هن پينگهه کي هڪ وڻ سان ٻڌو ويو آهي. جنهن جي ڀرسان موجود هڪ ٽري هائوس ان جي دلڪشي ۾ اڃا به اضافو ڪري رهيو آهي. هن پينگهه تي هڪ ئي ماڻهو لوڏو کائي سگهي ٿو، تنهن هوندي به گهري کاهي ۽ مٿانهين ڏسي همراهن جون رڙيون نڪري وڃن ٿيون.

    سائيڪل رڪشي کي پارايل سوئيٽر

    في الحال ته گرميون آهن ۽ گڏوگڏ لوڊ شيڊنگ جو به آزار آهي تنهن ڪري خاص ڪري غريب ماڻهو گوڏ ۽ گنجي ۾ رهڻ کي ترجيح ڏين ٿا پر جڏهن سيارو ايندو آهي ته هر ماڻهو گرم ڪپڙا پائڻ لڳندو آهي پر آمريڪا ۾ هڪ عورت سائيڪل رڪشي کي به سوئيٽر پارائي ان کي منفرد بڻائي ڇڏيو، جنهن ڪري هر ڪنهن جو ڌيان هن ڏانهن ڇڪجيو وڃي. گهڻو ڪري ماڻهو هن ۾ چڙهڻ جي خواهش رکن ٿا.

    ڪتابن جي بنڊلن مان گهڙيل مجسما

    نيويارڪ سان تعلق رکندڙ هڪ ماهر چترڪار ڪتابن جي بنڊلن کي اهڙو ته خوبصورتي سان گهڙڻ جو هنر ڄاڻي ٿو، جو انهن مان خوبصورت مجسما ٺهي وڃن ٿا ۽ ڏسندڙ دنگ رهجيو وڃن. هي چترڪار هڪ ئي وقت 7 کان 8 ڪتابن کي ٻڌي تيز ڌار واري اوزار سان گهڙي مجسما تيار ڪري ٿو. ان کي هن کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ لڳيو وڃن. هن جو چوڻ آهي ته هڪ مجسمي ٺاهڻ لاءِ هن کي هڪ هفتو لڳي ويندو آهي.

    اها هوا هن لاءِ ڪا خوفناڪ تباهي به آڻي سگهي ٿي

    ●ڪنهن کليل هوا واري هنڌ تي رات جو تارن سان ڀريل آسمان جو نظارو انسان کي ڪيف ۽ مستي جي جهان ۾ وٺي وڃي ٿو هي نظارو پسند ڪندڙ جيڪڏهن ڪو شاعر آهي ته ان تي شعر نازل ٿين ٿا. جيڪڏهن سائنسدان آهي ته ان جي نظرون ستارن ۽ ڪهڪشائن جي تلاش ۾ ڦرڻ لڳن ٿيون. اهڙي خوبصورت منظر ۾ وڃائجي ويل انسان هي سوچي به نه ٿو سگهي ته ڪجهه منٽن ۾ اها هوا هن لاءِ ڪا خوفناڪ تباهي به آڻي سگهي ٿي. زمين کان وٺي آسمان تائين بظاهر بلڪل سانت ۽ سڪون نظر اچي ٿو پر انهيءَ سانت جي پويان وڏو محشر متل آهي. اوهان ٽٽل تاري کي ته ڏٺو هوندو جيڪو روشني جي هڪ وڏي ليڪ ڇڏي وڃائجي ويندو آهي. اهو تارو به وڏي تباهي آڻي سگهي ٿو. آسمان تان ڪرندڙ اهو هڪ وڏو پٿر آهي جنهن جي ڊيگهه ڪيترائي ڪلوميٽر هجي ٿي هن جو ڌماڪو ڪنهن وڏي بم کان گهٽ نه هوندو.

    هينئر تائين ڪيل سائنسي تحقيق موجب اسان جي زمين ڪائنات ۾ واحد سيارو آهي جتي زندگي پوري جوڀن سان موجود آهي. هي سيارو پنهنجي اهڙي اهميت جي ڪري سڀني سيارن توڙي ستارن کان مٿانهون آهي، سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته هن بي ڪنار ڪائنات ۾ سج جي چوڌاري گهمندڙ هي واحد حياتياتي سيارو محفوظ به آهي يا نه؟

    انسان کي جڏهن هيءَ خبر به نه هئي ته هو جنهن زمين کي لامحدود سمجهي ٿو ان جي هڪ ذري جيتري به حيثيت ناهي. حالانڪه آسمان تان ڪرندڙ ڇپون (پٿر) ۽ انهن مان پکڙجندڙ تباهي ان کي ڪائنات ۾ ليئو پائڻ تي مجبور ڪندي هئي پر وهم وارا خيال کيس هر پاسي کان جهليو بيٺا هئا. اهڙين ڇپن جو ڪِرڻ ديوتائن جو ڏمر تصور ڪيو ويندو هو. جڏهن سائنس ترقي ڪئي ۽ انسان کي هي پتو پئجي ويو ته زمين ڪائنات ۾ موجود نظامن مان هڪ شمسي نظام آهي ته ان لاءِ حيرت جا نوان در کلڻ لڳا. تڏهن جتي هن کي ڪائنات ۾ زمين جي حيثيت جي ڄاڻ پئي اتي هن کي هي به پتو پيو ته سج جي چوڌاري خلا ۾ گردش ڪندڙ ڌرتي جي هن گولي کي بيشمار خطرا آهن. پولارن ۾ آوارا (رولاڪ) سيارا ۽ ڇپون ڪنهن به وقت زمين کي تباهه ڪري سگهن ٿيون. 1801ع ۾ گيوسپي نالي هڪ سائنسدان خلا ۾ مشاهدي دوران مريخ ۽ مشتري جي مدارن وچ ۾ پٿريلي مادي کي سج جي چوڌاري گهمندي ڏٺو تڏهن هو ڏاڍو حيران ٿيو. انهن جو حجم 1003 ڪلوميٽر هو، پر بعد ۾ پتو پيو ته اهڙا بيشمار ننڍا وڏا سيارا سج جي چوڌاري گهمندا رهن ٿا. تڏهن هي خيال آيو ته هي سڀئي ڪنهن هڪ سياري جا ٽڪرا آهن. جيڪو ڪنهن سبب جي ڪري تباهه ٿيو. انهن ٽڪرن کي اسٽيرائيڊ بلٽ جو نالو ڏنو ويو جيڪي ٻه ٽي ميٽرن کان وٺي سوين ميل وڏا آهن ۽ انهن جو تعداد لکن ۾ آهي. جن مان 6 هزارن جا نالا رکيا ويا آهن جڏهن ته 70 هزار ٽڪرن تي تحقيق جاري آهي. جيتوڻيڪ سيارن جي اڪثريت اسٽيرائيڊ بلٽ ۾ ئي چڪر هڻي رهي آهي. پر انهن منجهان ڪجهه اهڙا به آهن جن جو مدار مقرر ئي ناهي يعني انهن جو ڪو مرڪز ئي ناهي، اهي عام روش کان هٽي ڪري گهمن ٿا. اهي اسٽيرائيڊ کان به ٻاهر چُرپُر ڪن ٿا ۽ زمين جي مدار جي تمام ويجهو لنگهن ٿا. سائنسدان اهڙن سيارن کي خطرناڪ ڪيٽيگري ۾ ڳڻن ٿا. حالانڪه اهي پنهنجي مدار ۾ رهن ٿا پر انهن جي ويجهڙائي ڌرتي جي گولي لاءِ خطرناڪ آهي. ڇو ته مستقبل ۾ ڪوبه وڏو ٽڪر ٿي سگهي ٿو. ڪي اهڙيون ڇپون به آهن جيڪي اڃا لڌيون ئي ناهن يا اوچتو ظاهر ٿين ٿيون ۽ زمين جي هوا ۾ اچي سڙي رک ٿيو وڃن.

    اهڙي ئي هڪ ڇپ هلندڙ سال روس ۾ سڙي رک ٿي وئي هئي. اها زمين تي نه ڪري هئي، پر ان جي سڙڻ سان پيدا ٿيل لهر (شاڪ ويو) ايتري ته طاقتور هئي جو انهيءَ زمين جي چوڌاري ڦيرو کاڌو فرانس جي ائٽمي توانائي ڪميشن جي ماهرن موجب روس ۾ سڙندڙ ڇپ جي شدت 460 ڪلو ٽن ٽي اين ٽي يونٽ جيتري هئي يا هيئن کڻي سمجهو ته 1908ع ۾ سائبيريا ۾ ڪرندڙ ڇپن 2 هزار ملين تائين تي ٻيلا ساڙي ڇڏيا هئا، انهن جي شدت 3 کان 3 ميگا ٽن ٽي اين ٽي جيتري هئي، يعني هيروشيما تي اڇلايل ائٽم بم کان سو ڀيرا وڌيڪ هئي. انهيءَ مان ئي اندازو لڳايو ته جيڪڏهن فيبروري ۾ روس واري ڇپ زمين سان ٽڪرائجي ها ته ڪيڏي تباهي اچي ها. زمين جي چوڌاري هوا جو اهڙو قدرتي دفاعي نظام موجود آهي جيڪو اسان کي اهڙن رولاڪ ڇپن توڙي سيارن کان بچائيندو رهي ٿو. تنهن ڪري اهي زمين سان ٽڪرجڻ کان پري رهن ٿا.

    چئن ڪوپن کان وڌيڪ چانهه يا ڪافي پيئڻ وارين

    هڪ تحقيق مان هي ڳالهه سامهون آئي آهي ته هڪ ڏينهن ۾ چئن ڪوپن کان وڌيڪ چانهه يا ڪافي پيئڻ وارين عورتن جو بلڊ پريشر گهٽ رهندو آهي. فرانسيسي سائنسدانن پنهنجي نئين تحقيق ۾ ڄاڻايو آهي ته چانهه يا ڪافي پيئڻ وارين عورتن جو بلڊ پريشر انهن عورتن جي ڀيٽ ۾ گهٽ رهندو آهي جيڪي چانهه يا ڪافي بنهه پيئن ئي نه ٿيون، هن تحقيق ۾ 16 کان 95 سال جي هڪ لک 80 هزار مردن توڙي عورتن کي شامل ڪيو ويو. جيتوڻيڪ تحقيق جو نتيجو هي ثابت نه ٿو ڪري ته گهڻي چانهه يا ڪافي پيئڻ سان بلڊ پريشر ۾ گهٽتائي ٿئي ٿي پر هي خبر ضرور پوي ٿي ته ڊاڪٽرن کي بلڊ پريشر جي مريضن کي هي هدايت ڏيڻ جي ضرورت نه پوندي ته اهي چانهه يا ڪافي پيئڻ گهٽائن يا بند ڪري ڇڏين.

    اسان ڇڪون ڇو ٿا ڏيون

    اوهان پنهنجي ڪار کي ڪنهن موٽر وي يا هاءِ وي تي 120 يا 140 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي اسپيڊ سان هلائي رهيا آهيو ته اوچتو ڪنهن سبب جي ڪري اوهان کي فوري طور تي بريڪ هڻڻي پوي ٿي. ٿورو سوچيو ته ان وقت ڇا ٿيندو. ٽائرن جي چرڙاٽن جا آواز اوهان جا ڪن ڦاٽڻ لڳندا. اتان دونهون نڪرندو ڪار هيڏي هيڏي ٿيڻ لڳندي ۽ ان ۾ ويٺل ماڻهو امڪاني ٽڪر يا ڪلٽي جي خوف کان سيٽن سان ٻکجي ويندا.

    شڪاگو ۾ نڪ، ڪن ۽ گلي جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر جوزف ڊوئزيلي چيو ته جيڪڏهن اوهان کي ڇڪ اچي رهي آهي ۽ اوهان ان کي زوري روڪڻ جي ڪوشش ڪندا ته جسم تي ان جا اهڙا ئي اثر پوندا جهڙا ڪار کي اوچتو بريڪ هڻڻ سان پون ٿا. هن چيو ڇڪ جي حالت ۾ اسان 100 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان هوا ۽ بخارات جسم مان ٻاهر ڪڍي رهيا آهيون. تنهن ڪري ڪنهن به ماڻهو کي ڄاڻي واڻي ڇڪ کي روڪڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ گهرجي. موسم جي تبديلي سان هر ڀيري اسان کي نزلو ۽ زڪام ٿيندو رهي ٿو. تنهن ڪري ڇڪون وڌي وينديون آهن. اسان جي لاءِ هي ڄاڻڻ تمام اهم آهي ته اسان ڇڪون ڇو ٿا ڏيون ۽ جيڪڏهن ڇڪ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته ان جا جسم تي ڪهڙا اثر پئجي سگهن ٿا. ڊاڪٽر ڊون زيلي ٻڌايو ته ڇڪ هڪ فطري جسماني ردعمل آهي. جنهن جي ذريعي اسان جو جسم نڪ مان اڻ گهربل يا خارش پيدا ڪندڙ شين کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ اسان جڏهن ڇڪ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون ته ان جي نتيجي ۾ منفي اثر ٿيڻ لڳندا آهن. نڪ ۽ وات اهي آخري هنڌ آهن جتي ڇڪ کي روڪي سگهجي ٿو. جيڪڏهن اتي ڇڪ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته ڪنن تي دٻاءُ وڌي وڃي ٿو. ڪاڪڙي جي رڪوبت وڌي سگهي ٿي ۽ شايد ڦڦڙن تي به دٻاءُ وڌي وڃي. جيئن شايد کنگهه ۾ ٿيندو آهي.

    ڇڪ جو بنيادي سبب الرجي هجي ٿي جنهن جو مطلب آهي ته واسطيدار ماڻهو هن مرض جو علاج ڪري سگهن ٿا. جيڪڏهن هيٺ ڏنل احتياطي تدبيرن تي عمل ڪيو وڃي ۽ احتياط کان ڪم ورتو وڃي ته مسلسل ڇڪ جي تڪليف کان بچي سگهجي ٿو.جيڪڏهن اوهان جي گهر ۾ ڍور ڍڳا آهن ته انهن جي جسم مان ڇڻندڙ وارن ۽ خشڪ کل وارن ذرڙن کان پاڻ کي بچايو، ڪمرن ۾ غبار مٽي ۽ دز ڄمڻ نه ڏيو. غاليچو نه وڇايو ته بهتر آهي. جيڪڏهن وڇايل آهي ته ان کي ويڪيوم ڪرڻ کانسواءِ ان کي اونڌو ڪري چڱي طرح ڇنڊڪو ڏيڻ ضروري آهي. اهڙي صفائي وقت پنهنجي وات ۽ نڪ کي ماسڪ يا ڪنهن ڪپڙي سان ڍڪي رکڻ لازمي آهي. اتان به صفائي کي ممڪن بڻايو جتي اوهان جي پهچ نه ٿي هجي. مثال پکن جا پر ۽ ڪٻٽ جو پويون حصو وغيره.



    وارن جي خراب ٿيڻ جو اصل ڪارڻ گهر جي نلڪين مان ايندڙ پاڻي آهي

    ماهرن چيو آهي ته مٿي جي وارن جي خراب ٿيڻ جو اصل ڪارڻ گهر جي نلڪين مان ايندڙ پاڻي آهي. جنهن ۾ پتل وڏي مقدار ۾ شامل هوندو آهي. اهو پتل وارن کي تمام گهڻو متاثر ڪري ٿو. وارن جون پاڙون ڪمزور ٿيڻ، وارن جي پڇڙين جا ٻه منهه ڪڍڻ ۽ بي جان نظر اچڻ جو اصل سبب نل جو پاڻي ئي آهي. نل جي پاڻي ۾ قدرتي طور تي پتل شامل هجي ٿو. جيڪو گهر جي گرم پاڻي واري ٽانڪي ۾ ڪافي عرصي کان گڏ ٿيل آهي جڏهن هي پاڻي مٿي ڌوئڻ لاءِ استعمال ڪجي ٿو. تڏهن اهو پتل آهستي آهستي اسان جي وارن ۾ گڏ ٿيڻ لڳي ٿو. جنهن ڪري وار خراب ٿين ٿا. ڊاڪٽر مارش چوي ٿي مهانگي ڪنڊيشنرز ۽ آئل لڳائڻ سان به هن خرابي کي ختم نه ٿو ڪري سگهجي. بلڪه جڏهن عورتون سيلون وينديون آهن ته ان سان ڊراءِ هيئر وارن جي ڏکيائي وڌي ويندي آهي. وڌيڪ پتل جمع ٿيڻ بعد هڪ ڪيميائي ري ايڪشن به پيدا ٿئي ٿو. ماهرن موجب هر ماڻهو جي وارن ۾ پتل ٿوري مقدار ۾ موجود هجي ٿو پر اهو مقدار پر اهو مقدار جڏهن حد کان وڌي وڃي ته ان تي ڳڻتي ڪري سگهجي ٿي.

    زمين کي لامحدو

    انسان کي جڏهن هيءَ خبر به نه هئي ته هو جنهن زمين کي لامحدود سمجهي ٿو ان جي هڪ ذري جيتري به حيثيت ناهي. حالانڪه آسمان تان ڪرندڙ ڇپون (پٿر) ۽ انهن مان پکڙجندڙ تباهي ان کي ڪائنات ۾ ليئو پائڻ تي مجبور ڪندي هئي پر وهم وارا خيال کيس هر پاسي کان جهليو بيٺا هئا. اهڙين ڇپن جو ڪِرڻ ديوتائن جو ڏمر تصور ڪيو ويندو هو. جڏهن سائنس ترقي ڪئي ۽ انسان کي هي پتو پئجي ويو ته زمين ڪائنات ۾ موجود نظامن مان هڪ شمسي نظام آهي ته ان لاءِ حيرت جا نوان در کلڻ لڳا. تڏهن جتي هن کي ڪائنات ۾ زمين جي حيثيت جي ڄاڻ پئي اتي هن کي هي به پتو پيو ته سج جي چوڌاري خلا ۾ گردش ڪندڙ ڌرتي جي هن گولي کي بيشمار خطرا آهن. پولارن ۾ آوارا (رولاڪ) سيارا ۽ ڇپون ڪنهن به وقت زمين کي تباهه ڪري سگهن ٿيون. 1801ع ۾ گيوسپي نالي هڪ سائنسدان خلا ۾ مشاهدي دوران مريخ ۽ مشتري جي مدارن وچ ۾ پٿريلي مادي کي سج جي چوڌاري گهمندي ڏٺو تڏهن هو ڏاڍو حيران ٿيو. انهن جو حجم 1003 ڪلوميٽر هو، پر بعد ۾ پتو پيو ته اهڙا بيشمار ننڍا وڏا سيارا سج جي چوڌاري گهمندا رهن ٿا. تڏهن هي خيال آيو ته هي سڀئي ڪنهن هڪ سياري جا ٽڪرا آهن. جيڪو ڪنهن سبب جي ڪري تباهه ٿيو. انهن ٽڪرن کي اسٽيرائيڊ بلٽ جو نالو ڏنو ويو جيڪي ٻه ٽي ميٽرن کان وٺي سوين ميل وڏا آهن ۽ انهن جو تعداد لکن ۾ آهي. جن مان 6 هزارن جا نالا رکيا ويا آهن جڏهن ته 70 هزار ٽڪرن تي تحقيق جاري آهي. جيتوڻيڪ سيارن جي اڪثريت اسٽيرائيڊ بلٽ ۾ ئي چڪر هڻي رهي آهي. پر انهن منجهان ڪجهه اهڙا به آهن جن جو مدار مقرر ئي ناهي يعني انهن جو ڪو مرڪز ئي ناهي، اهي عام روش کان هٽي ڪري گهمن ٿا. اهي اسٽيرائيڊ کان به ٻاهر چُرپُر ڪن ٿا ۽ زمين جي مدار جي تمام ويجهو لنگهن ٿا. سائنسدان اهڙن سيارن کي خطرناڪ ڪيٽيگري ۾ ڳڻن ٿا. حالانڪه اهي پنهنجي مدار ۾ رهن ٿا پر انهن جي ويجهڙائي ڌرتي جي گولي لاءِ خطرناڪ آهي. ڇو ته مستقبل ۾ ڪوبه وڏو ٽڪر ٿي سگهي ٿو. ڪي اهڙيون ڇپون به آهن جيڪي اڃا لڌيون ئي ناهن يا اوچتو ظاهر ٿين ٿيون ۽ زمين جي هوا ۾ اچي سڙي رک ٿيو وڃن.

    خوشنصيب دوست ڪير؟

    دلچسپ يوناني روايت، شادي جي تقريب کان پهريون ڪنوار جي جتيءَ هيٺان هن جي غير شادي شده دوستن جا نالا لکيا ويندا آهن جنهن دوست جو پهريون نالو ڊهي وڃي ته ان کي جلدي خوشي ملي سگهي ٿي.

    12هين صدي جي تاريخي لائبريري

    هي آهي 12 هين صدي جي تاريخي لائبريري جنهن ۾ ڪتابن کي زنجير ٻڌا ويا آهن هن لائبريري کي لائبريري زتفين چيو ويندو آهي هي لائبريري نڌرلينڊ ۾ واقع آهي ۽ دنيا ۾ هن طرح جو 3 لائبريريون آهن.

    رت جو عطيو

    رت جي عطيئي جي سڀ کان گهڻو تعداد

    وادي دي ڪوڪا ڪولمبيا ريڊ ڪراس جي شاخ، ڪالي ۾ منعقد ڪئي وئي، جتي 13 ڊسمبر 1997 ۾ وڏي تعداد ۾ رت جو عطيو ڏنو ويو ڪل وقت 12 ڪلاڪ لڳو عطيو ڏيندڙن جي تعداد 3403 رت جون پنٽون 3,295 حاصل ڪيو ويون.


    سج مان به بجلي

    ماريا ٽيليڪيز اُها عورت آهي جنهن دنيا کي ٻڌايو ته سج مان به بجلي پيدا ڪري سگهجي ٿي. هُن اهو ڪارنامو پهريون 1947ع ۾ گهر جي استعمال لاءِ ٺاهيل هڪ سسٽم سان ڪيو. ماريا، هنگري ڄائي آهي. پي ايڇ ڊي ڪرڻ کانپوءِ آمريڪا لڏي وئي. ان جي ذهانت ۽ ايجاد کي ڏسندي آمريڪا به کيس پنهنجي ملڪ جي شهريت ڏني. انرجي سيڪٽر ۾ ڪم ڪندڙ اداري سان پوءِ لاڳاپيل رهي. هن سج جي روشني (سولر انرجي) تي هلندڙ ڪيئي شيون ايجاد
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سهڻي ونڊ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄڪلهه اسان جي وارن جو اسٽائيل به ڪو خاص ناهي رهيو .... لڳي ٿو نلڪيون تبديل ڪرائڻيون پونديون
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    خوبصورت ۽ ڪارائتو ونڊ
     
  5. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    لک قرب ادا ، معلوماتي ۽ حيرت ۾ وجهندڙ موضوع
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو