اُڀيُون تَڙَ پُوڄِينِ، وَهُون وَڻجَارَن جُون
آڻيَو اَکَا ڏِينِ، کَٿورِي سَمُونڊَ کي
سُرُ سَامُونڊي
اُڀيُون = ادب سان، عاجزيءَ سان
تَڙَ = ڪنارا، لنگهه، گهير - درياهه ۾ هيٺ لهڻ جون جايون
پُوڄين = ارپن، حوالي ڪن، مانُ ۽ مڃتا ڏين، ڀيٽا ڏين - پوڄا سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ پُوجَن مان ورتو ويو آهي
وَهُون = استريون، زالون، محبوبائون، حسينائون. وهون جمع آهي، واحد ٿيندو وهو جيڪو سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ وڌو مان ورتو ويو آهي.
وڻجارن = اهي واپاري يا سوداگر جيڪي سمنڊ يا درياهه ذريعي واپار ڪن ٿا.
اَکَا = اڻ ڇڙهيل چانور جيڪي هندو ڌرم جون زالون درياهه کي ارپين ٿيون. نوجوان ڇوڪريون ۽ محبوبائون وري مشڪ، عطر ۽ عنبير ارپينديون آهن. اَکَا سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ اڪشتا مان ورتو ويو آهي.
کٿُوري = خوشبووئون، مهڪارون، هٻڪارون
بيت جو پس منظر
پرڏيهه ويل وڻجارن، واپارن جون زالون، محبوبائون ۽ حسينائون سمنڊ يا درياهه ڪناري بيهي نهايت ادب ۽ عاجزيءَ سان پاڻيءَ جي پوڄا به ڪن ٿيون ۽ دعائون به گهرن ٿيون.
پنهنجي مڙسن ۽ محبوبن لاءِ سمنڊ، درياهه کي ارپين ٿيون چانور، عطر، عنبير ۽ مشڪ ته جيئن هو خير ۽ سلامتيءَ سان ڏيهه ورن.
سمجهاڻي
ڀٽائي سيڪيولر، صوفي، دانشور ۽ عظيم شاعر آهي. ڀٽائي ڪنهن مذهبي مت ڀيد ۽ فرق کانسواءِ انسانيت کي ئي عظيم سمجهي ٿو. پرڏيهه ويل وڻجارن جڏهن اچڻ ۾ دير ڪئي آهي ته سندن زالون ۽ محبوبائون سمنڊ ۽ درياهه کي پوڄڻ پهچي ويون آهن. هو سندن خير سلامتيءَ سان واپسيءَ لاءِ دعائون به گهرن ٿيون، پوڄا به ڪن ٿيون ۽ ڀيٽا ڏين ٿيون چانورن، عطر، مشڪ، عنبير، خوشبووئن، مهڪارن ۽ هٻڪارن جون.
____
محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل