هيءُ مواد گل نصرپوري بابت مهراڻ 1966ع جي رسالي ۽ ويا سي وينجھار 1977ع جي رسالي مان جيڪو مضمون محترم غلام محمد گرامي جا لکيل آهن ، ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر ليکڪ ڊاڪٽر نور افروز خواجه جي ڪتاب معلومات خاطر کنيل آهي . جيئن اڄ جي نوجوانن ۽ شاگردن کي هن غطيم انسان بابت ڄاڻ ملي سگھي گل نصرپوري غلام محمد گرامي اي موت! شل ڪو موت پَوَئي! شل مري وڃين! سنڌي ادب ۾، گل نصرپوري، پنهنجي پياري شخصيت ۽ من موهڻي مورت جي سڳنڌ ۽ سرهاڻ کي ورڇي ورهائي، 29 سيپٽمبر 1965ع تي الوداع ڪري ويو! گل واقعي اسم با مسميٰ گل هو. هڪ شريف ۽ ساده دل، با اختلاف ۽ صالح، صوم و صلوات جو پابند، هزار خوبين جو مالڪ هو!اڃا شاخ حيات تي هوُ “نو شگفته گل” وانگر مکڙيءَ جي صورت ۾ ئي هو، ته خزان جي اڻمندائتي ۽ بيمهلائتي جهوٽي، کيس هميشه لاءِ ڪومائي، سڪائي، مروٽي ۽ نهوڙي رکيو!ابتدائي تعليم، نصرپور ۽ ٽنڊي الهيار ۾ ورتائين. جدوجهد ۽ محنت ڪري، سنڌيءَ ۾ ايم.اي. پاس ڪيائين. آخري زماني ۾ ٽريننگ ڪاليج فارمين ۾ استاد ٿيو، ۽ استاد ٿي موڪلاڻي ڪيائين.ادب ۽ شعر و شاعريءَ جي سلسلي ۾ سڀ کان اول، مون سان سندس تعلقات پيدا ٿيا. سندن تحريرن ۽ شعر و شاعري جي اصلاح، ٽن سالن تائين جاري رهي. آخري وقت ۾ جناب مخدوم محمد زمان صاحب “طالب الموليٰ” سان سندس نيازمندانه تعلقات رهيا، ۽ بزم طالب الموليٰ جي محفلن ۾ دل کولي حصو ورتائين ۽ انهن کان اصلاح ورتائين.جگر جي خرابيءَ جي سلسلي ۾ وڏي اسپتال ۾ ٽي ڀيرا داخل ٿيو ۽ اتي ٽئين ڀيرا موت سان مقابل ٿيو. ٽئي ڀيرا کيس، آڪسيجن ٿئٽر ۾ بند ڪيو ويو. طبع پرسي ۽ نگهداشت جي سلسلي ۾، حضرت مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ۽ مخدوم محمد امين صاحب “فهيم” ۽ مان، هر ڀيري اسپتال ۾ ويندا رهياسون. ڊاڪٽرن کي تاڪيد ڪندا رهياسون. دوا دارون جي سلسلي ۾ ڪا به فروگذاشت نه ڪئي ويئي. سندس غريب مائٽن، اگر تگر گلجي پويان گل ڪيو. ٻه_چار مهينا صحيتاب ٿيو. علم و ادب ۾ سرهاڻ پکيڙيندورهيو، مجلسن ۾ ايندو رهيو، مشاعرن ۾ شعر پڙهندو رهيو، سنڌ يونيورسٽيءَ جي استادن کان تعليم ۽ تربيت حاصل ڪندو رهيو.هڪ ڏينهن اوچتو سندس طبيعت وري خراب ٿي، کيس آمريڪن استال لطيف آباد ۾ داخل ڪيو ويو. هوشيار ڊاڪٽرن جي علاج ۽ تيمارداريءَ سان چوٿون ڀيرو موت جي چنبي مان بچي نڪتو. هلندو رهيو وقت گذاريندو رهيو.رسالي “مهراڻ” لاءِ مرحوم ڪيانيءَ جون تقريرون ترجمو ڪيائين، جي “مهراڻ” ۾ شايع ڪيون ويون.اڃا تائين تقرير هٿ ۾ هئس ته بيماريءَ جي اوچتي حملي جهوري ڪيرائي بستري داخل ڪري وڌس.علاج جاري رهيو، موسمين جي رس سندس غذا رهي! پر گل کي ته معطر نشونما، ۽ عطربيز چمن واري ماحول جي ضرورت هئي!__ گهر جي تنگ ۽ تايرڪ ڪوٺيءَ ۾ سندس پساهه تي بار پيو. مون ڏانهن خط لکندو رهيو، تاثرات بيان ڪندورهيو، واردات ۽ ڪيفيات جو رنگين وجدانگيز عالم، لفظن جي لباس ۾ مون ڏانهن موڪليندو رهيو. منهنجي تسلي برِ صواب نه ٿي.29_ سيپٽمبر 1965ع تي پنهنجي پوڙهي پيءُ، غمزده ماءُ، الم نصيب ڀينرن، دلبند ڀائرن کان آخري موڪلاڻي ڪيائين!__ ۽ سڀني کي ڳر لڳي موڪليائين.اسان وياسين، ڳوڙها ڳاڙي آياسين! سندس غم نصيب والده جون عرش رسا آهون ۽ دانهون اڄ به عرش عظيم جي دروازن سان ٽڪرائجي رهيون آهن.نو شگفته گل، ائين مکڙيءَ جي صورت ۾ ئي الله ڏانهن روانو ٿيو. ڪجهه به نه ڏٺائين، اڃا شادي به ڪا نه ڪئي هئائين، سندس مڱڻو ٿيل هو، شاديءَ ۾ اڃا ٻه مهينا دير هئي. اسان وٽ سندس ڪتاب “درياءَ جي ڪپ تي”، سندس شعر ۽ ڪلام جو بياض، مهراڻ رسالي ۽ نئين زندگيءَ ۾ ڇپيل ٻه_چار مقالا، سندس ايم.اي ۾ لکيل مقالو، ۽سندس اهي خط، جي مون ڏانهن لکندو رهيو، علمي يادگار طور باقي رهجي ويا آهن. رهي نام الله ڪا! ڪَڇي ڪا ڇوٽي، نانگن ٻَڌي نينهن جي، جهڙا آيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي، تنهين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري. (لطيف) انا لله وانا اليہ راجعون. “گل” تو تي الله جي رحمت هجي! ڊاڪٽر نور افروز خواجه پنهنجي ڪتاب ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر ۾ صفحي 423 کان 425 تي جيڪو شيخ شوڪت علي اينڊ سنز جي طرفان شايع ٿيو هو ان گل نصرپوري جي باري ۾ لکيو ته مرحوم گل حسن ميمڻ نصرپور جو رهاڪو هو . سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي مان ايم اي ڪيائين هو هڪ ذهين شاگرد هو ۽ پرائمري ٽيچر هو . ناول درياءُ جي ڪپ تي 1960ع ۾ گل نصرپور ي لکيو اداره آواز ادب وارن شايع ڪيو هي هڪ سماجي ناول آهي جنهن ۾ رومانوي پهلو سان گڏ زندگي جون لاهيون چاڙهيون قرب ۽ پيار ،جي دنيا سمايل آهي جنهن ۾ اقرار تڪرار معافيون ۽ ميارون به آهن هي ناول حقيقت نگاري واري فلسفي سان وواسطو رکي ٿو .ناول جو ليکڪ لکي ٿو ته 1956ع سخت مينهن ۽ ٻوڏن جي اوچتن حادثن جون متواتر خبرون ٻڌي خيالن ۾ وداع ۽ وڇوڙيا جا نوان نقش ٺهڻ لڳا . دل جي پراڻن زخمن ۾ نئين سر رس ڀرجي آيو .چاڪ وري چڪڻ لڳا چڪندا رهيا تان جو چور ٿيل دل چيري کڻي اڳيان رکيم . اهوئي هن ناول جو مقصد ۽ موضوع آهي جنهن کي گل نصرپوري نهايت سهڻي طريقي سان پيش ڪيو آهي هن ناول ۾ ليکڪ سهڻي منظر نگاري به پيش ڪئي آهي . صفحي 71 تي لکي ٿو ته ملهار جي من موهيندڙ موسم هئي ڪارن ڀورن ڪڪرن جون قطارون خلا ۾ ائين هلي رهيون هنيون جيئن ٿڪل سپاهين جا دستا ڪمانڊر جي حڪم تي مجبور اڳتي وڌي رهيا هئا. وڄ نئين نويلي ڪنوار وانگر ڪڪرن جي گھونگھٽ مان هر هر منهن ڪڍي ڪائنات کي روشن ڪري وري لڪي ٿي ويئي . مهراڻ به اڄ موج ۾ هو وهڪري جو شور لهرن جا ڪنارن سان لڳڻ جا آواز ڇولين و گوڙ ڪتن جا ڀؤنڪاٽ ڍڳن جي چنگ جا سريلا آواز گگن جون گجڪارون وڻن جي پنن جي سرسراهٽ آبي جانورن جيتن جا آواز گدڙن جون اونايون ڪناري تي بيٺل ملاحن جا آواز فضا ۾ چوطرف پکڙجي رهيا هئا .هن ناول ۾ سماج جي ڪيترن ئي براين جو عڪس بيان ڪيل آهي . انسان جي ارادي ۽ تقدير جي فرق واضع ڪندي لکي ٿو ته ڇو اچي دل لوڏي اٿو قدرت سخت کان سخت ڇولين مان بچائڻ واري آهي پاڻ ته اڃا سڪي تي آهيون انسان جي ارادن ۽ تقدير ۾ فرق به ٿيندو آهي ڇا ؟ تقدير ته هڪ نقش آهي جنهن جي ليڪن مٿان انسان هلندو رهندو آهي جڏهن ائين آهي ته انسان ڪهڙي حالت ۾ انهن ليڪن جي ابتڙ هلي سگھي ٿو معنى اسان جا ارادا تقدير مطابق هوندا آهن . گل حسن نصرپوري هن ناول جي عبارت نهايت صاف ۽ ٻولي تمام سهڻي ۽ سولي آهي ڪٿي به ڏکيا لفظ منجھائيندڙ جملا پيش ڪونهن . بلڪ هر ڳالهه سادگي سان بيان ڪيل آهي هن ناول جي ٻولي جو مثال پيش ڪجي ٿو . هتي جي هوا نج هئي کاڌو پيتو نج هو وٽن محبت جا مال ايمان اڻ کٽ خزانا هئا غريبي گذران هو . مگر پيٽ ڀري کاڌائون ٿي مفلس هئا مگر محبت ۽ ميٺ وٽائن موڪلائي نه وئي هئي گھڻو نه هو ته به راضي ۽ ٿورو هون ته به سرهيا ٿي رهيا .ڀلا جي ماڳهين ڪونه هون ته به صبر ۽ شڪر کا هٿان نه ٿي ڇڏيائون .گل نصرپوري جو اهو ئي هڪڙو ناول لکيل آهي هن کي رب وڌيڪ مهلت ڪانه ڏني هو نوجوانيءَ ۾ وفات ڪري ويو بهرحال اهو هڪ نال ئي سنڌي ادب جي ڪامياب ناولن ۾ شمار ٿئي ٿو ۽ گل خود نامياري ناول نگار جو درجو حاصل ڪري چڪو آهي