تُرڪي ۾ موهن جو دڙو جيتري پراڻي شهر ”افيسس“ ۾ رني ڪوٽ جي تعميري دور جا شاهڪار تُرڪي جو مشهور تاريخي ۽ سياحتي شهر ازمير ڏسڻ لاءِ اسان وٽ رُڳو هڪ ڏينهن هو. پُڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته هن پاسي ايندڙ سياح گهڻو ڪري هي شهر ڏسڻ بدران هن جي آسپاس کي ڏسڻ پسند ڪن ٿا. مثال طور چشمه نالي اهو سياحتي علائقو جتان اسان هاڻي آياسين پئي يا وري هن جي ڏکڻ ۾ هڪ تاريخي شهر سلجوق ۽ ان جي پاسي ۾ هڪ تاريخي شهر افيسس۽ اتي جي قديم عبادتگاهه. ازمير کان ڪلاڪ کن جي فاصلي تي هڪ ننڍي لوڪل بس ۾ قلعي تي پُهچي اڳتي وڌياسين ته خبر پئي مار هتي ته يورپين جي خلق لٿل آهي. رُڳو يورپي ئي يورپي. اهو ئي سبب هو ته اُتي بيٺل گاڏين جي اچ وڃ ڪنٽرول ڪندڙ کي به انگلش آئي ٿي بلڪه ڊچ به ڳالهائي پئي سگهيو. جڏهن ايترا يورپي اچن ته تُرڪن کي به ٻي ٻولي سکڻي پئجيو وڃي جيڪي هونئن ڌارين ٻولي سکڻ يا ڳالهائڻ کان سدائين پيا لهرائين. هن قلعي ۾ دلچسپي ايئن وڌي ته هن بابت ڪُجهه اڳ ۾ پڙهيو به هو. اصل ۾ هي شهر افيسسجيڪو ڏهه ڪلوميٽر اسڪوائر تي پکڙيل آهي ۽ ازمير کان 74 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ آهي سو لڳ ڀڳ اسان جي موهن جي دڙو جيترو ئي پُراڻو آهي. مطلب ته 6000 سال اڳ جو يا اڃان به ڪُجهه اڳي. پر هڪ ٻيو عجيب اتفاق اهو به آهي ته هتي هن وقت سياحن جي ڏسڻ لاءِ کنڊرات لڳ ڀڳ ٻه سؤ قبلِ مسيح ۾ ٺهيل مختلف شاهڪارن جا آهن. ساڳي طرح سنڌ جو مشهور رني ڪوٽ جو قلعو پڻ ان دور ۾ ئي ٺهيو هو. ٻه سال اڳ اسان جڏهن رني ڪوٽ وياسين ته ٻُڌايو ويو توڙي جو اها پڪي خبر ناهي ته اهو قلعو ڪنهن ٺهرايو پر ان تي گهڻي ڀاڱي سڀ متفق آهن ته اهو قلعو 200 قبل مسيح ٺهيو هو. باقي اهو اندازو اٿن ته شايد ايرانين ٺهرايو هُجي. ڇو جو 550-330 BC جو دؤر سنڌ تي ايرانين جي حُڪمراني جو آهي ۽ قلعي جي ڪُجهه هنڌن تي ايران جو قومي گُل سورج مُکي به اها شاهدي ڏي ٿو پر 300 قبل مسيح جي آخر تائين سڪندرِ اعظم سنڌ فتح ڪري ورتي هُئي. جيڪو مورخن موجب پوءِ جلد ئي مصر ۾ مليريا وگهي مري ويو هو. مطلب ته خاطري سان چئي نه ٿو سگهجي ته ڪنهن ٺهرايو. بهرحال اهو اُهو دؤر هو جڏهن اسان جي اڄوڪي هن سنڌ ۾ اشوڪا جي دين ٻُڌازم جي پرچار شروع ٿيڻ واري هُئي. ۽ ان کان پوءِ عيسوي سن شروع ٿيڻ تائين مختلف سلطنت جي والين سنڌ تي قابض ٿي وري ٻين هٿان هارايو ٿي. ان وچ ۾ 200ع ۾ هڪ ڀيرو وري ايرانين به حُڪمراني ڪئي پر اهو سسلسلو هلندو رهيو. اهو ساڳيو ئي دؤر هو جڏهن حضرت عيسى عليه سلام کان پوءِ لڳ ڀڳ ڇهه سؤ سال تائين ڪو نبي نه موڪليو ويو هو ۽ اسلام ۾ ان دؤر جو آخري حصو جهالت جي انتها تصور ڪيو ويندو آهي. اهو سمورو وقت سنڌ به مقبوض رهي ڪڏهن ڪنهن وٽ ته ڪڏهن ڪنهن وٽ؟ حضرت عيسى جي عُمر جيئن ته ٿوري رهي ۽ پنهنجي حياتي ۾ ئي پنهنجي هڪ شاگرد سينٽ جان کي پنهنجي والده جي پارت ڪئي جنهن يروشلم مان اچي کيس افيسس ۾ هڪ ننڍي گهر ۾ لڪايو. اهو اتفاقِ راءِ سان مڃيو وڃي ٿو ته بي بي مريم پنهنجي زندگي جا آخري ڏينهن انهيَ شهر ۾ گُذرايا هُئا. اهو ئي سبب آهي ته هي شهر يروشلم کان پوءِ عيساين لاءِ ٻي نمبر تي مقدس شهر ليکيو ويو. اڄ به هتي مسلمانن بجاءِ عيساين جو اچڻ گهڻو آهي جيڪي وڏي عقيدت منجهان هتي ايندا آهن. عيسوي سن جيئن ته حضرت عيسى جي ڄم سان منسوب آهي ته ان حساب سان اها عبادتگاهه ۽ ٻيون عمارتون ان وقت رُڳو ٻه سؤ سال پراڻا هئا. بهرحال ان کان پوءِ وارا ڇهه سؤ سال انتهائي عجيب و غريب هُئا. شايد بائبل ۾ ڦير گهير جا انديشا به ان وقت لاءِ ئي چيا ويا آهن. پر سينٽ جان پال کي مورخ موجوده عيسائيت جي مذهب جو بانيڪار سمجهن ٿا ۽ اڄ جا عيسائي کيس اُها عزت ڏين ٿا جيڪا مسلمان چار خليفن کي ڏين ٿا. ان کان پوءِ تُرڪي ۾ رومين جي سلطنت جو راڄ هو جڏهن ته پاڻ وٽ وري مختلف حاڪم ۽ انهن جو اپنايل دين. 570 عيسوي ۾ جڏهن آخري نبي محمد ﷺ جي ولادت ٿي ۽ 40 سالن (610ع) ۾ کين نبوت ملي ته ان وقت سنڌ ۾ الور جي چچ جو دؤر اچڻ وارو هو جنهن آخري نبي جي وصال واري سال (632ع) تي پاڻ کان اڳ سنڌ تي حُڪمراني ڪندڙ راءِ کي ڪڍيو. مطلب ته جڏهن آخري نبي محمد ﷺ جن جو وصال ٿيو ته سنڌ ۾ هندو ڌرم جو بُنياد پئجي رهيو هو. برهمڻ جي خاندان پنهنجي حُڪمراني جي پکيڙ ملتان کان رڻ ڪڇ تائين ڪري ورتي هُئي. ۽ هڪ صدي کان به گهٽ عرصي اندر ئيِ محمد بن قاسم جي ڪاهه ۽ سنڌين جي مسلمان ٿيڻ جو قصو ڪنهن کان ڳُجهو ڪونهي. جنهن تي ڪيئي اختلافي رايا به آهن پر پاڻ انهيءِ ۾ ڪونه ٿا پئون بس اهو ته عربن سنڌ تي راڄ ڪيو جيڪو ڪي صديون هليو. ان دؤران تُرڪي ۾ رومين جي سلطنت زور پڪڙيو ۽ تيرهين صدي جي آخر ۾ هڪ تُرڪ پنهنجي سلطنت جو بُنياد وجهڻ چاهيو ۽ ان جي پُٽ عُثمان 1299ع ۾ باقاعده ان جي بُنياد رکي. اها سلطنت ويهين صدي ۾ ٽُٽي ۽ موجوده تُرڪي ئي بچيو جنهن سلطنت واري دؤر ۾ ڪيئي مُلڪن تي راڄ پئي ڪيو. پاڻ وٽ به اتفاق سان وري عربن کان پوءِ وارو دؤر تيرهين صدي جو آهي جيڪو سومرن جو. جنهن کان پوءِ سنڌ تي ٻين به راڄ ڪيا نيٺ انگريزن جو دؤر آيو ۽ اڄ سنڌ ننڍي کنڊ مان ٽُٽي ٻه (هاڻ ته ٽي) ٿيل مُلڪ پاڪستان جو حصو آهي. سومرا ارغان ترخان ڪلهوڙا يا انگريز وغيره وغيره ايندا ويندا رهيا پر اهو آهي ته سنڌين جي اڪثريت مسلمان ٿي وئي ۽ اڄ به آهي. سنڌين مذهب تبديل ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي ڪيئي مذهب تبديل ڪيائون. هونئن ته ڪافي دلچسپ ڳالهيون آهن پر جيڪي اڄ سنڌي مسلمان آهن انهن جي اڪثريت سنڌ ۾ عربن جي اچڻ تائين به يا ته اڃان به ٻُڌ جهڙي سخت مذهب جي پيروڪار هُئي يا وري برهمڻن جي عتاب هيٺ اڇوت. پوءِ مسلمانن جي مسلماني ۾ کين ٻي ڳالهه وڻي يا نه پر اهو ضرور ٿيو ته کين انهيءَ اڇوت ۽ برهمڻ واري فرق مان جان ڇُٽندي نظر آئي. يا وري ٻُڌن جي سخت مذهب مان بيزاري پڻ هُئي. هڪڙا مؤرخ اهو به چون ٿا سنڌ ۾ هڪ صدي ۾ وڏي کيپ جو ٻه ٽي مذهب بدلائڻ جو سبب جاگيرداري نظام به هو. جنهن ۾ اهو رواج هوندو هو ته رئيس وڏو ٻُڌ ٿيو آهي ته پاڻ به ٿيون ٿا. وري جي هندو ٿيو ته پاڻ به هندو. هاري ناري جو ايمان اُهو ئي جيڪو رئيس وڏيري جو هوندو هو. نيٺ اهو رئيس وڏو مسلمان ٿيو.جنهن ۾ رئيس کي به مزو آيو ته هاري ناري به خوش ٿيا. افيس شهر ۾ هونئن ته ڪيئي شاهڪر هُئا جهڙو امان مريم جي رهائش، لائبريري يا وري ان دؤر جي سنگ مر مر سان ٺهيل تاريخي بازار پر سڀني کان وڌيڪ اهميت آهي هڪ يوناني عورت ديوتا جي عبادت گاهه جي جنهن کي مختلف مسئلن جي حل لاءِ خدا ڪري پوڄيو ٿي ويو. سندس نالو هو آرٽيمس. آرٽيمس جي عبادتگاهه نالي اها واحد وڏي عمارت اها جيڪا زمانهِ قديم ۾ سنگِ مر مر مان ٺاهي وئي. توڙي جو اها پوءِ ڊهندي ٺهندي رهي پر ڇهين صدي ۾ آيل زلزلي ۽ اڪثر ايندڙ موسمي تبديلين توڙي طوفانن جي ڪري هاڻي مڪمل تباهه ٿي چُڪي آهي ۽ بس رُڳو ان جا ٿنڀ پٽ تي پيل ڏسجن ٿا. انهيءَ عمارت کي زمانهِ قديم جي ستن عجوبن ما هڪ جي حيثيت پڻ حاصل رهي پر سڪندرِ اعظم جي دور ۾ هڪ همراهه انهيءَ کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو. هڪ دفعو وري افيسس واسين انهيءَ کي ٻيهر تعمير ڪيو ۽ پهريان کان به وڌيڪ شاهڪار تعمير ڪيائيون. کين يونانين جي ڀرپور مدد هُئي جيڪي يونان جي موجوده جزيري ڪريٽ جا هُئا. اڳتي هلي اها شاهڪار عمارت عبادت گاهه طور توڙي آرٽيمس ديوتا جي بُتن کي سنڀالي رکڻ جي به ڪم آئي. هتي اڄ تائين ڪنهن حد تائين جيڪڏهن ڪا شئي صحيح سالم حيثيت ۾ آهي ته اُها آهي هڪ وڏو ٿيٽر جيڪو هڪ جبل کي ڪوري 24000 ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش سان ٺاهيو ويو. اهو يوناني دؤر جي بهترين شاهڪار مان هڪ آهي جيڪو انهن پنهنجي ان دؤر ۾ ٺاهيو جڏهن کين سڪندر اعظم جي مؤت کان وٺي رومين جي اچڻ تائين (323 کان 27 قبلِ مسيح) يورپ توڙي هن خطي ۾ راڄ ڪرڻ جو موقعو مليو هو ۽ انهن پنهنجي ثقافت جا ڀرپور اثر هن علائقي تي ڇڏيا هُئا. انهيءَ ٿيٽر تي تي يوناني کان پوءِ آيل رومين پڻ ڪم ڪرائي انهيءَ کي وڌيڪ سهڻو بڻايو. جتي ويهي هو ڪڏهن رونشي خاطر ته ڪڏهن وري غلامن جي لڙائي ڪرائي ڏسندڙ کي محظوظ ڪرائيندا هئا. مورخن جو چوڻ آهي اڳتي هلي هڪ دفعو سينٽ جان پال پڻ ڪوشش ڪئي ته پنهنجي تبليغ اتي ويهي اثرائتي نموني ڪري سگهجي ٿي پر آرٽيمس کي خدا ڪري پوڄيندڙ ان وقت جي افيسس رهواسين کيس اهو ڪرڻ نه ڏنو. ٻه هزار سال اڳ سڀني جي افيسس ڏانهن ڪشش جو هڪ سبب اهو هو ته هي شهر زمانهِ قديم ۾ تهذيب جو مرڪز سمجهيو ويندو هو. رومين جي سلطنت جي وقت ۾ ايشيائي رياستن جي گادي جو هنڌ سڏيو ويندو هو. تُرڪي جي هاڻوڪي ڏاکڻي پٽي (جنهن کي اناطولين سڏين) جو آبادي جي لحاظ کان ڳُتيل شهر سمجهيو ويندو هو. ۽ عيسوي سن 100-200 وچ ۾ هتي جي آبادي ٻه لک کن هُئي. اهو ئي سبب هو ته عيساين به پنهنجي مذهب جي پرچار هتي ڪئي. هتي هر سال گهٽ ۾ گهٽ 15 لک سياح اچن ٿا جن مان اڪثريت عيساين جي آهي. تُرڪي جي مسلمانن کي ته هن ۾ ڪا ايڏي خاص دلچسپي ناهي بس ڪمائي جو جو هڪ سُٺو ذريعو آهي جو في ماڻهو 30 ٽرڪش ليرا (1500 رُپيا) وٺن ٿا. جيڪي ٿُلهي ليکي سوا ٻه ارب ٿيا. هاڻي سمجهه ۾ اچي ٿو ته اهي مُلڪ سياحت کاتي مان به ڪيئن پيا ڪمائن جن وٽ اهڙا تفريحي ۽ تاريخي ماڳ آهن. هڪ اسان آهيون جن وٽ سياحت کاتو اضافي شئي سمجهي ثقافت کاتي سان ٽيل ڪيو ويو آهي. نه ته اسان وٽ ڇا ناهي؟ هِتي 6000 سال پراڻو شهر افيسس۽ اُتي 2000 سال پراڻي عبادتگاهه آهي ته هي ايترو ناڻو پيا ڪمائن ۽ اسان وٽ به اوترو ئي پراڻو موهن جو دڙو ۽ رني ڪوٽ آهن پر ڳالهه آهي مالڪي ۽ امن امان جي. ڌاريا ماڻهو ڪيئن اچن جڏهن ڌرتي ڌڻين کي ئي جان جي امان جي لڳل آهي. ياد اچي ٿو ته گورک هل تي پيپلز پارٽي جي رُڪنِ سنڌ اسيمبلي شرميلا فاروقي گورک تي وڃي ٽڪ شاپ کولي افتتاح پئي ڪيو ته ڪي ٽي اين تي هلندڙ رپورٽ ۾ اسان کي ٻُڌڻ لاءِ ته سندس اهو عزم مليو ته هتي اسان سڀ سهولتون ڏينداسين (جنهن تي اعتبار ڪجي به کڻي) پر ڏسڻ لاءِ اهو مليو ته کيس گهيرو ڪري بيٺل لوڪل ماڻهن مان اڪثريت جا گلا کُليل وات ۾ پان ۽ ڇُڙواڳي هئي. جتي ايم پي اي کي هو ايئن گهيري بيٺا هُجن ته سُڀاڻي اهو تفريحي ماڳ ٺهي به وڃي ته ڇا اسان پنهنجي مائرن ڀينرن يا گهر وارن وڃي اُتي سُڪون سان گهُمي ڦري سگهنداسين؟. . . . . يقنن نه . . . . ته پوءِ ڇا ٻاهران هتي ايندا؟؟؟؟ سوال ئي پئدا نه ٿو ٿئي. موهن جو دڙو جي تباهي هڪ راز آهي پر افيسس بابت خبرون موجود آهن. زمانهِ قديم ۾ هي شهر سمنڊ ويجهو هُجڻ ڪري هڪ مصروف بندرگاهه پڻ هو پر سمنڊ جي ويرن اچڻ ڪري اُتي جي زمين وئي خراب ٿيندي (جيئن هن وقت شاهه بندر تعلقي جي پئي ٿئي) ۽ شهر کي ٿورو پاسي تي اڏيو ويو جنهن جي صحيح تعمير يوناني جي مشهور سلطنت بازنطائن جي دؤر ۾ 527 کان 565 عيسوي تائين جسٽينين ڪئي. مطلب ته آخري نبي محمد ﷺ اچڻ تائين به انهيءَ علائقي ۾ يونانين جو قبضو هو سلطنت قائم هُئي. ان کان پوءِ جڏهن 1299ع ۾ ڄڳ مشهور سلطنتِ عُثمانيه جو وجود آيو ته 1330ع ۾ هنن يونانين کي تڙي ڪڍيو ۽ هن شهر کي به آجو ڪرايو. هن شهر جي کوٽائي 1895ع کان آسٽريليا جي آثارِقديمه جي ماهرن سان گڏجي تُرڪن پاران هلندڙ آهي. جيڪا اڄ به جاري آهي ۽ وڌ کان وڌ اثرائتي ڪم ۽ ڀروسي قابل معلومات ڏيڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پاڻ وٽ به ويهين صدي جي شروع ۾ جان مارشل پاران ڪم ٿيو پر ان کان پوءِ موهن جو دڙو ننڌڻڪو ٿي ويو. استنبول جي پارڪ ۾ ٺهيل ان عبادتگاهه جو ماڊل داخلي رستيو آڊيٽوريم لائبريري
هي قسط موڪلڻ تي دل نه چوڻ جو سبب به اهو ئي هو. پر هي ليک فوري نه پر اڳتي ڪڏهن ڪنهن جي دلچسپي جو باعث ٿي سگهن ٿا. سنڌ سلامت تي اهڙا انيڪ ليک آيا جن کي فوري طور ڪا مڃتا نه ملي پر سالن کان پوءِ ڏيهه ته ڇا پرڏيهه جي ماڻهن پسند ڪيو ۽ چيو ته هي لکين ڊالرن جي سرمائي جهڙا ليک/موضوع آهن. مثال طور سليمان وساڻ جي هي پوسٽ هڪ اينٿراپالاجسٽ کي ايڏي پسند آئي جو وس نه پُڄيس ته سليمان جا هٿ چُمي. ان چيٽ جو عڪس سليمان کي موڪليو هُئم اڄ هتي به ڏيان ٿو. منهنجو هي ليک انهن سان قطعي ڀيٽڻ جو جهڙو ناهي پر چوڻ جو مقصد ته اهي شيون دير سان ڪم اچن ٿيون.
نه منهنجي وضاحت کي رنج قطعي نه سمجهجو. مون وضاحت ان ڪري ڏني ته جيئن ڪو ٻيو بور ٿئي ته ان کي به وجه اڳواٽ ٻُڌائي ڇڏيان. باقي واقعاتي ڳالهين سان ڀرپور سفرنامي جوقسطون اڳيون آهن ۽ ايندڙ (آخري) پڻ
ادا عبدا الحفيظ السلام عليڪم. ادا سائين توهان جو ليک تمام سٺي معلومات سان ڀريل آهي پر اوهان کي گذارش آهي ته پياري نبي سائين صلي الله عليه وسلم جن جو جڏهن به پنهنجي تحريرن ۾ تذڪرو ڪندا ڪيو ته مهرباني ڪري حضرت ،انهن محسن انسانيت ، رحمت العالمين نبين جي سردارصلي الله عليه وسلم جن جي پاڪ نالي اڳيان ضرور لکندا ڪيو.اميد ته ان ڳاله جو اڳتي خيال ڪندا.
سائين عبدالحفيظ لغاري اوهان بيشڪ سچ چيو اٿو، جيڪڏهن گهڻا هئينر بور ٿي سگهن ٿا پو به اها ڪارائتي آهي، جئين اوهان مٿي هڪ چيٽ جو منظر ڏئي اسان جهڙن کي اهڙا ليک پڙهڻ جو حوصلو ڏنو
ڪجهه ڏينهن اڳ ٺٽي طرف حاجي علي حسن سومري پاران ڏنل دعوت تي وياسين، اها دعوت خاص طور پلي مڇيء جي دعوت هئي، پر منهنجو انٽريسٽ کائڻ ۾ گهٽ پر ڪينجهر جي سير لاء وڌيڪ هيو. ڇو ته ڪجهه ڏينهن کان ڪم جو پريشر ۽ طبيعت جي بهتر نه هجڻ سبب ماحول کي مٽائڻ پئي چاهيم. ان وقت چاچو الهداد، مرتضى، ماما تاج ۽ سرور جوکيو گڏ هيا ..... مڪلي جي پاسي موجود سرڪاري بنگلن مان هڪ ۾ دعوت رکيل هئي. پلو مڇي کائيندي ان جي لذت تي به گفتگو هلندي رهندي. ميزبان ٻڌايو ته اڳي پلو مڇي کي مصالحا لڳائي ڪپڙي جي تهن ۾ ويڙهي ان کي زمين ۾ واريء ۾ پوري مٿان مناسب مقدار ۾ باهه مچائي ويندي هئي ۽ ان پلي جي لذت جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي ... پر هن چيو ته هاڻ اهڙا ٺاهڻ وارا ناهن. خير ڳالهه اڳتي نڪري وئي ..... هن چيو ته جڏهن سڪندر سنڌ پهتو ته هن کي پلو مڇي کارائي وئي. سندس ٽيسٽ سبب هو روز مڇي کائڻ لڳو ۽ ان مان ئي سندس طبيعت خراب ٿي ۽ پوء رستي ۾ گذاري ويو .... مان ان همراهه کان ان ڳالهه جو سورس پڇيو ته ڪو خاطر خواهه جواب ڪونه مليو. ميزبان هيو سو اسان به کائڻ ۾ مصروف رهندي ڳالهه کي ختم ڪيو. اهو آديٽوريم ڏاڍو وڻيو .... ملڪ هاڻ پنهنجي تاريخي ورثن کي بچائي رهيا آهن، پوء اهي تاريخي ورثا ڪهڙا به هجن .. سندن مخالفت وارا هجن يا مخالف مذهبن جا. ڪاش اسان وٽ به ايئن ٿي سگهي. اوهان جون لکڻيون ڪارائتيون آهن ۽ ضرور اڳتي هلي گهڻن جي رهنمائي ڪنديون .... لکندا رهو .... خوش هجو. پهرين نومبر تي اوهان کي ڀاڪر پائڻ جي انتظار ۾ آهيان .... گورڌن سان نه ملي سگهيس ان جو افسوس آهي جو مان ڳوٺ ۾ هيس.
هن لنڪ تي ڪلڪ ڪري انهن ئي وڊيوز مان ورتل 14 آگسٽ 1947ع واري پاڪستان جو نقشو به ڏسو ... جنهن ۾ بهاولپور، قلات، خيرپور سميت ڪيئي رياستون پاڪستان جو حصو نه هيون.