ٿر ۽ پارڪر جو الستي عاشق خالد ڪنڀار ـ July 4, 2012 at 6:29am ـ جڏهن مسڪين اکيون پوريون هيون ۽ مٽي جو پور ٿيو هو، تڏهن پارڪريا ڪولهي ۽ ڪولهڻيون پار ڪڌي رنيون هيون. پارڪرئي هر ڪولهي پنهنجي دل ۾ نـ رڳو مسڪين لئـ تڏو وڇايو هو پر هنن هر ڪنهن پنهنجي دل ۾مسڪين جي قبر کوٽي هئي ۽ هاڻ انهن ڪولهين مان لڳي ٿو تـ ڪو وڙلي ئي بچيو هوندو، جنهن جي دل ۾ مسڪين مدفون هجي پر مسڪين واري پيڙهي کانپوءِ پارڪرين ڪولهين لئـ وري هڪڙو ٻيو کوسو ٻانوري جو گيڏيو نـ پر پنهنجي دل ۾ هنن جو درد جو دم ڀريو. اهو هو پارڪر جي پهاڙن جو پهريو الستي عاشق دلبر خان کوسو جنهن جي دوستي ۽ دلبري هن فقير جي دل ۾ پارڪر جو عشق اوتيو هو. هن کي اها ونڊ دلبر کان جي دل واري دڪان تان ئي ملي هئي. پارڪر سان عشق جو پهريون سبق دلبر خان ئي پڙهايو هو ۽ هي فقير اهو عشق جو پهريون سبق ئي پڙهيو هو ۽ ها عشق جو سبق هوندو ئي هڪڙو آهي. پوءِ جڏهن دلبر خان جي دل بيهـ رهي ۽ هن ڌڙڪڻ ڇڏي ڏنو هو، تڏهن پارڪر جا پهاڙ ڇورا ٿي ويا هئا. مورن ٽهوڪڻ ڇڏي ڏنو هو. اوڻ جي وانڊئي کان وٺي سُکپور جي رٻارين تائين سڀني ريهون ڪيون هيون ۽ جي ڪنهن کي ڪن آهن تـ اهي ريهون اڄ بـ پارڪر جي پهاڙن ۾ پڙاڏو ٿي رهيون آهن. هوائن اڄ بـ انهن ريهن کي پنهنجي پانڌ ۾ سنڀالي رکيو آهي تڏهن رڳو دلبر خان جي دل ڪونـ بيهـ رهي هئي پر پارڪر ۾ وقت جي ڪانٽن تي برف ڄمي وئي هئي ۽ تڏهن هي فقير هو جيڪو مٺي ۾ ديوي هيٺان ويهي گهڙا وڪڻندا هو. هي ڪنڀار هو ۽ هن کي ڪچي پڪي ۽ موري جي خبر هئي. هن سمجهيو هو تـ پارڪر جي ڪڇ تي پيل ڪورو گهڙو ڀڳو آهي، هاڻ پارڪر ڪي ڪيترا ڏينهن ٿڌو پاڻي ڪونـ پي سگهندو. هن جون اکيون دلبر جي عشق ۾ اوهيرا ڪونـ ٿيون هيون. هنن رنو ڪونـ هو پر هو اهين وهيون هيون جئين گوڙدرو ۽ ڀٽياڻي وهنديون آهن. هو دلبر جي وصال کي ڪڏهن بـ وساري ڪونـ سگهيو هو. هو دلبر جو يار نـ دوست نـ پر هو دلبر جو عاشق هو ۽ دلبر وري پارڪر ۽ پارڪرين ڪولهين جو عاشق هو. هو ڪي ڪيترا ڏينهن انهي ديوي هيٺان روئيندو رهيو. هن انهن ڏينهن ۾ گهر اچڻ وساري ڇڏيو هو. هو گهر ڪونـ ايندو هو. نـ وري هو ڪي ڪيترا ڏينهن دلبر خان جي تڏي تي ويو. ڪير هن کي هلڻ لئـ سلهائيندو هو تـ هو ڪنڌ هيٺ ڪري روئيندو اڳتي وڌي ويندو هو ۽ چوندو هو ڪنهن وٽ هلان يار تـ اڪيلو ڇڏي هليو ويو. هو درد ۾ چور هو. پوءِ هن جو ئي اونرو يار جيڪو هن جو پٽ آهي، هن جو يار آهي يا هن جو ڀاءِ آهي. اهو فيصلو توڙي جو هو پاڻ ئي ناهي ڪري سگهيو، ڪرشن شرما هن فقير کي گهر وارن جي زور ڀرڻ تي وٺي ويو هو. ننگر اونرو ۽ اجرو ٿي ڪرشن کانسوءِ ٻيو ڪير ٿي وٺي وڃي سگهيو. اهو پهريون ماڻهون ڪرشن شرما ئي هو، جنهن فقير مقيم کي محبوب جي محبوب پارڪر سان پهريو ڀيرو ملايو هو. هو جڏهن پهريون ڀيرو پارڪر ويو هو تـ ڪي ڪيترا ڏينهن دلبر خان جي تڏي تي ويٺو رهيو ۽ اتي ئي هن جي پهرين ملاقات پارڪر سان ٿي. محبوب جو محبوب تـ حسن جي انتها هو ۽ انهي ئي حسن هن کي سوگهو ڪيو. پوءِ فَقير مقيم ۽ پارڪر هڪ ٻي جي سڃاڻپ بڻجي ڪري رهجي ويا. پوءِ هن پارڪرين کوسن ۽ پارڪر سان توڙ نڀايو ۽ پارڪريا کوسا بـ محبت ۾ مجاز ۽ حقيقت وارو فرق وساري ويٺا. دلبر جي وصال کانپوءِ هن جو آخري آشرم پارڪر ئي هو. هو دلبر خان کان پوءِ پارڪر جو ٻيو الستي عاشق هو. جيڪڏهن پارڪر ويندو هو تـ ڏينهن مهينا مٽي ويندا هئا پر ورڻ واري ڪونـ ڪندو هو. ساڙدري تي راتين جون راتيون رهڻيون. ڪهڙيون به حالتون هجن پر هو ساڙدري جو ميلو ڪونه ڇڏيندو هو. هر هيلي بهاني ساڙدري تي تـ ضرور وڃبو. انچلاسر تان گهوئي ڪرڻي، ڄام خان جي وانڊئي تي چانهـ پيئڻي، چاچي الهرکي سان پارڪر تي پلان ٺاهڻان، عباس کوسي سان بحث ڪرڻون، هجتون ڪرڻيون. ڦري گهري رات اچي چاچي دلبر جي اوتاري تي سڪندر کوسي وٽ رهڻي. پوءِ هن شايد دلبر خان کي چاچي الهرکي کوسي ۾ پئي ڳوليو. ڇو جو دلبر خان کانپوءِ هن جي پارڪر ۾ گهاٽي ياري الهرکي سان ئي هئي. ڪير کڻي ڪهڙي راءِ جو هجي پر جيڪڏهن ڪير پارڪر ويو آهي ۽ چاچي الهرکي سان ناهي مليو، ڄڻ اهو پارڪر ويو ئي ڪونهي. هاڻ سائين پارڪر ۾ گرينائيٽ پٿر ٽڪڻ لئـه ٿين ڌماڪا. هي ڪڏهن ڪنهن جي آفيس ۾ درخواست، ڪڏهن ڪنهن جي آفيس ۾، ڪڏهن پريس رليز، ڪڏهن اخبار ۾ ڪالم. ٻيلي پارڪر جي بدن تي بم نـ ڪيرايو. اوهانجي ڌماڪن سان مورن جون دليون ٿيون ڦاٽيو پون. پارڪر بي ڌڻياتو ڪونهي ڌماڪن سان مور ٿا مرن. ڌماڪا نـ ڪريو. بس ائين سمجهو، پارڪر جو ڌماڪو هن جا ڪن مٺي ۾ ٻڌندا هئا ۽ اهين محسوس ٿيندو هو، هن ۾ ماڻهو نـ پر مور جي دل هجي، جيڪا ڌماڪي سان ڦاٽي پوندي هئي يا وري اهين محسوس ٿيندو هجي، ڄڻ هي ئي اهو ڪارونجهر جبل هجي ۽ اهي ڌماڪا هن جي ئي وجود تي ٿيندا هجن. ڪڏهن ڪڏهن تـ اها حالت هوندي هئي جو انهي گرينائيٽ واري اِشو تي راتين جو راتيون سمهندو ڪونـ هو. ڪارونجهر تي ڌماڪن جي ڳالهـ ڪندي ڪندي، هن جي دل جو درد هن لفظن بدران چهري تي اچي ويندو هو ۽ هن جي چهري جو رنگ ئي تبديل ٿي ويندو هو. هن جو پارڪر ۽ ڪارونجهر سان عشق هو. هي ڪارونجهر جو عاشق هو. ڪارونجهر تي اهين ڳالهائيندو هو، جئين عاشق پنهنجي محبوب جي ساراهه ۾ ڳالهائيندو آهي. پنهنجي محبوب جي محبوب جو اهين عاشق هو، هي فقير مقيم اهو ماڻهو هو جنهن قلم ۽ دل کڻي پارڪر تي پهرو ڏنو. هي پارڪر جي پهاڙن جو عاشق پهريدار هو. سائين ڳالهـ ٿي ته ڪارونجهر جبل مان نڪرندڙ ندين تي ڊيم ٺهڻ کپن يا نه. انهي تي گهڻا ڏاها انهي ڳالهـ جا بـه هجن تـ نـ ٺهڻ کپن. هنن انهي جا غلط يا سهي، سائنسي سبب ٻڌايا پر هي انهي راءِ جو ٿي بيهـ رهيو تـ ڊيم ٺهڻ گهرجن. انهن سان پارڪر خوشحال ٿيندو. پارڪريا ڪولهي لڏي، سنڌ لابارا ڪرڻ ڪونـ ويندا. ڪنهن وڏيري وٽ جهڳي ٺاهي ڪونـ وهندا. پارڪر آباد ٿيو تـ پارڪر مان ٿيندڙ لڏ پلاڻ رڪجي ويندي. مال ۽ ماڻهون سولا ٿيندا. ٻيو هن کي وڻندو هو ڀوڏيسر واري سوڌي ڪيسوٻاءِ جو ڪردار. ڪٿان ڪيسوٻا جو ڦوٽو هٿ اچي ويس، انهي کي وڏو ڪرائي دڪان ۾ هڻي ويٺو هو. هاڻ ڪنهن ڪيسو ٻاءِ ڏٺو هجي تـ انهي کي سڃاڻي. ٻيو سو جيڪو ايندو، اهو ڦوٽو ڏسي پڇندو هو فقير ڏي خبر هي ڪنهن جو ڦوٽو لڳايو ويٺو آهين. انهي پڇڻ واري کي سڃي وارتا ڪري سڻا ئڻي، پوءِ جيڪو فقير کان اهو وارتا سڻندو هو، انهي جو ڌرتي سان عشق جوان ٿي پوندو هو. فقير جي واتان اها وارتا هلندي هئي تـ ٻڌڻ واري جي رون رون ۾ ڌرتي جو عشق اوتبو ويندو هو. هوڏانهن وارتا پوري ٿيندي هئي، هوڏانهن ٻڌڻ وارو ڌرتي جي عشق ۾ ٽٻ ٿيندو هو. ڳالهه ڪرڻ جو هن جو پنهنجو انداز هو، هر ڳالهـ کلي شروع ڪندو هو. جڏهن جنهن جملي کي اچاريندو هو تـ اهو احساس هن جي چهري تي هوندو هو. هو ڳالهـ زبان بدران دل سان ڪندو هو ۽ اها ڳالهـ چهري تي پڙهي وٺبي هئي. بابا هي اهو ڪيسوٻا آهي، جنهن ورهاڱي ۾ بـ پنهنجي ڌرتي ڪونـ ڇڏي. هن کي ٻلونت سنگهـ ڌاڙيل سرحد پار وٺڻ لئـ آيو پر ڪيسوٻاءِ ڪونـ ويو. جڏهن ٻلونت سنگهـ هن کي چيو ته آئون توکي ٻڌي بـه وٺي ويندس، تڏهن هن گيڏيو کڻي ٻلونت سنگهـ کي چيو”ٻليا تون موني ٻيهاڙي“. ڀوڏيسر جو راڻو هو هن کي ڌرتي جومجنون، ڪيسوٻاءِ وڻندو هو. ڪيسوٻاءِ تـ ويو اگني سنسڪار ٿي، هو انهي جي پٽ کي بـه بي انتها پيار ڪندو هو. انهي ڪيسوٻاءِ تي خليل ٻـ نظم لکيا ــ ٻليوــ ۽ ڪيسوٻاءِ. جڏهن خليل اهي نظم پڙهندو هو تـ هن جي اکين ۾ عجيب احساس محسوس ٿيندو هو. هن جي سڃي چهري تي ڌرتي سان عشق جي لاٽ ٻري پوندي هئي. آخري ڏينهن ۾ هن جو خيال هو تـ هو پارڪر ۾ ئي رهي انهي تي هن عباس کوسي ۽ ڊاڪٽر سوني سان وڏا بحث ڪيا. هن جو خيال هو تـ ڪارونجهر جبل جا اهي پٿر جيڪي اجايو پيرن ۾ ٿڏجن پيا، انهي جو بهتر استعمال ڪجي. هن جو اهو خيال هو تـ انهن پٿرن کي تراشي انهي مان پيپر ويٽ، ٽيبل سيٽ وغيره ٺاهجن. انهن کي تراشي انهي مان مورتيون ٺاهجن. برحال هر حال ۾ ڪارونجهر جبل جو زرو بـ ضايع نـ ٿئي هن جي هر ممڪن ڪو شش اها هئي. هن کي جڏهن ڪارونجهر تي ڳالهائيندي ٻڌبو هو تـ اهين لڳندو هو ڄڻ هي ماهوير وير جي سنگهـ جي فقير جو ڪو ٻيو جنم آهي. ڇو جو ماهوير جا فقير بـ سفيد پوش هوندا هئا ۽ هن بـ پنهنجي سڄي ڄمار سفيد پوشي ۾ ڪٽي. ٻي هو ساڪرئي واري ارجن سنگهـ جنهن جي ڌرتي سان عشق واري ڳالهـ گهمرو گهمرو ڏئي ڪندو هو. بابا ارجڻ سنگهـ جو سڄو جو سڄو ڳوٺ سرحد پار ويندو رهيو. پر جڏهن هن ڀٽ تي چڙهي گهوڙي جي رڪاب ۾ پير وجهي ڌرتي ڏانهن نهاريو، هڪ نظر هن چنڊ تي وڌي ۽ هڪ نظر پنهنجي ڳوٺ تي تـه هن گهوڙي جي رڪاب مان پير واپس ڪڌي چيو” هون مانهجي ٻاپ ري گواڙي سڃي ڪو ڇڏان.“ پوءِ ارجڻ سنگهـ ساڪرئي واري سان دوستي جو دم جئين جو تئين ڀريائين. بس جيڪي نـ ڌرتي جا عاشق هئا انهن جو هي بـ عاشق هو. پوءِ اهو ڪيسوٻاءِ هجي، ارجن سنگهـ هجي يا دلبر خان کوسو هجي. هي ڌرتي سان عشق تـ ڪندو هو پر هي ڌرتي جي عاشقن جو بـ عاشق هو. هاڻ سائين عبدلقادر منگي انهن ڏينهن ۾ ڊي سي هجي ٿر پارڪر جو انهي کي بـ هي فقير وڻندو هو، سو انهي ڪرايو ماروي جو ميلو. انهي ماروي جي ميلي ۾ ذات ڏاهو آيو. اڪابرن جو ڇيهـ نـ هجي. ڳالهائڻ لئـ ٻيلي هن جو وارو آيو. ڳالهائڻ جو تـ هن ڇا ڪيو، جو جتي اسٽيج کان هيٺ لاٿي ۽ پيرين اگهاڙو اسٽيج تي چڙهي ويو ۽ چيائين آئون ڌرتي جي مقدس ڪردار تي ڳالهائڻ لئـ آيو آهيان ۽ اسان وٽ روايت آهي تـ مقدس شين ۽ ڪردارن تي ڳالهايو تـ عقيدت مان جتي هيٺ لاهي اچو. بس هن جو ڌرتي سان عشق اهين هو ۽ هو روايتن جو باغي ڪونـ هو. هو روايتن جو قدر دان هو. هو ذات ٺڪر جي عزت ڪندو هو ڇو جو ٺڪر ئي هن ڌرتي جا اصل ڌڻي هئا ۽ هي قبيلو فطرت جو پوڄاري قبيلو هو. هو روايتن جو اهي قدر ڪندو هو، جو پٽڪو ٻڌڻ شروع ڪيائين تـ پوءِ جتي بـ ويندو هو، پٽڪو ٻڌل هوندو هئس. هو اهين پٽڪو ڪونـ ٻڌندو هو. هڪڙو تـ هن کي پٽڪي جي ور ور جي تقدس جي خبر هئي. جئين نـ فقير آسڻ تي وهندا آهن اهين هو کٽ جي وچ تي آسڻ ٺاهي ويهندو هو ۽ پوءِ پٽڪي جي هر ور ڏيئڻ تي پورو ڌيان لڳائيندو هو. هڪ هڪ ٻـ ٻـ ڪلاڪ لنگهي ويندا هئا، رڳو پٽڪو ٻڌڻ ۾ هو پٽڪي جي ور ور ۾ ٿر جي ڀٽ ڀٽ محفوظ ڪندو هو. هو پنهنجي سر تي پٽڪو نـ پر پورو ٿر ۽ پارڪر کڻي هلندو هو ۽ جڏهن گهر اچي پٽڪو لاهي کٽ جي پاڳي وٽ رکندو هو، ڀولاري ۾ ڪنهن ٻار هٿ لڳي ويو تـ ڄڻ هن جي دل جي ڪنهن ڇيڙ ڪئي هجي. سڄو ڳاڙهو ٿي ويندو هو پاڻ پنهنجي هٿ سان پٽڪو کڻي صحيح جڳهـ تي رکندو نـ تـ امان کي چوندو، پٽڪي رکڻ لئـ پر جي امان کان ڪو پٽڪو ڏريو يا ڪو ور ڍرو ٿيو تـ پوءِ بس جهيڙو. اوهانکي پٽڪي جي ڪهڙي خبر، ڪئين کڻجي. جهڙو ڪنڙو تيون کڻون. هميشـ پير ۾ ٿر واري موچڪي جتي پائيندو. ويٺو ويٺو فون ڪندو، يار ڇور واري مينگهواڙ کان جتي تـ ٺهرايو اچ. جئين ٽي مهينيان چوٿي مهينيان اها فرمائش پير جي ماپ ڌاڳي تي ڏيندو هو. پير جيترو ڌاڳو ڏيندو جتي پوءِ ڪڏهن ڇوٽي ٿيو وڃيس ته ڪڏهن وڏي پر پائڻي اها ئي چم جي موچڪي جتي. انهي کي پاڻ ئي ويٺو کاري تيل ۾ ٻوڙيندو هو چم نرم ڪرڻ لئـ. يار جتي ڇوٽي ٿي وئي پير تي وڌي سو تيل پيو ڏيان. هاڻ اها بـ ٿر جي ثقافت انهي ۾ بـ ساه جتي ويندو هو. کٿي مان ٺهيل گودڙي ڪڇ ۾ آخري وقت ۾ بـ اها گودڙي هن جي ڪمري ۾ ٽنگيل هئي پر آخري وقت ۾ انهي گودڙي ۾ هيون تـ رڳو دوائون ئي هيون. آغاخان اسپتال ڪراچي جيون ٻيون ٽيسٽون ۽ ايڪسري. جتي ويندو هو هن جو ويس اهو ئي هو. سياري ۾ اجرڪ ٽوال يا لوئي نـ کٿو پوءِ ڀلين چاليهو سيارو هجي يا هلڪا سئ هجن پر هوندو کٿو هو. ممتاز ڀٽونگران وڏو وزير ٿيو ته اتي وزير اعلئ هائوس ۾ بـ انهي ويس سان وڃڻون. جي پريمي ڪولهي وٽ پارڪر وڃڻو تـ بـ انهي ويس سان وڃڻو. هن جي واسطي جي پنهنجي دنيان هئي، جيڪو نـ هن فقير جي آشرم تان هڪڙو گهمرو ڪري ويو پوءِ اهو گهاري ڪونـ وجهندو هو. هن جو ملڻ ئي اهڙو هو هن پريم جو دريا پنهنجي پور مستي سان وهندو هو، هرڪنهن سان مرڪي هٿ ملائي ٻئي هٿ جوڙي يڪو پيو کلندو هو. هن جي مسڪراهٽ هر ڪنهن کي منڊي ڇڏيندي هئي. هن جي هٿ جوڙ سان هرڪنهن جي دل هن سان جڙي ويندي هئي. وڏي نوڙت ۽ عاجزي هئي هن ۾. انهي ڪري ئي پارڪر جي ڪولهين کان وٺي ممتاز ڀٽي تائين ٿر جي اربابن ۽ جاگير جي اڳئين راڻي کان وٺي گهرٽياري جي رٻارين تائين، هن جي واسطي جي وڏي ۽ وسيع سر زمين هئي. پنهنجي آخري ڏينهن ۾ سائين مطلب شاه واري دڪان جي ٿلهي تي ڀت کي ٽيڪ ڏيو ويٺو هوندو هو نهٽي ۾. پوءِ جيڪو اتان گذري اهو گاڏي کي بريڪ هڻي، هرڪو غريب امير، بس ميلو لڳو پيو هوندو هو. بچائي وساڻ جي هوٽل تان زوري مهمان کي چانهين پيارڻي، هٿ جوڙ ڪرڻي. پر انهي واسطي جو اڪيلو سبب ٿر ۽ پارڪر هو. انهي ڪري اڪثر اليڪشنن ۾ ٿريو اميدوار ڪهڙو بـ هجي انهي جي ڌر ٿي بيهـ رهندو هو. باقي امپورٽ ڪيل اميدوارن جي سري عام مخالفت بيهـ وچ چوڪ تي بـ ڪري ڇڏيندو هو. انهي جي هن سزا بـ ڀوڳي. حاجي مير حسن هن جو جگري بچپن جو دوست هو. هوءِ بـ وڏو قلندر ماڻهو هو. هڪڙي اليڪشن ۾ ڪو ڪائونسلر ٿي فقير جي ڀيڻ. اها بـ حاجي مير حسن چيو اهو ووٽ تون مقيا لاٽ کي ڏجان. هاڻ سامهون هجي ارباب عطا الله هاڻ مقيو ٻاهران آيل لاٽ کي ووٽ ڏي تـ ڪئين ڏي پر حاجي صاحب جو حڪم ادولي بـ نٿي سگهيو پر هن ووٽ اربابن کي ڏنو. حاجي صاحب ڪاوڙجي پيو. ڪاوڙيو پر هن کي ڏک ٿيو بي انتها گهڻو ڏک پوءِ فقير پاڻ مرڻ گهڙي تائين چوندو هو تـ آئون غلط هئس. حاجي صاحب سهي هو پر آئون اربابن جي سامهون لاٽ کي ڪئين ووٽ ڏيان پر ڳوٺ ۾ لڳائڻ وارا بـ گهڻا هئا، جيڪي بچن شل اڃان بـ حيات آهن. انهن ڇيڻا ڀورڻ کان گهٽ نـ ڪئي. ڄام ساقي بيٺو اليڪشن ۾ نشان هجيس گهڙو وڏيرن سوڌو سڄو ڳوٺ مخالف اميدوار جي پاسي، هي سائين اڪيلو ڄام ساقي جي پاسي جئين تئين ڪري ڄام ساقي کي ست ووٽ ڏياري ويو. بوٿ ۾ وڃي پوءِ تـ سائين وڏو ممڻ ڳوٺ ۾ متو پر هن فقير انهي کي هٿ جوڙ سان هلايو. هن کي ڳوٺن جي ڀيٽ ۾ شهرن کان وڏي چڙ هئي. هن کي شهر تـ ٺهيو پر شهر ماڻهو بـ مڙئي نالي جا ماڻهو لڳندا هئا. اک پورڻ تائين چوندو ويو ٻيلي نهٽو متان ڇڏو هن کي ڳوٺ وڻندا هئا باقي ننگر کانپوءِ هن جو عشق هو نهٽي سان ڳچ سال ٿيندا جو هو صبوح سوير ۽ ڏينهن ٺرندو هو تـ شامڙي جو نڪري ويندو هو. ڪڏهن نهٽي واري ڪچي ڀڙي تي ڪڏهن جکري واري پڪي ڀڙي تي، ڪڏهن پرين واري ڪنڊي وٽ. اتي پيو پراڻن آسان کي ڪاٺي سان کوٽيندو هو پوءِ ورندي ٻنهي هٿن ۾ ٺڪريو ۽ ڪڏهن ڪو سڪو کڻي پيو ايندو هو. پوءِ گهر ويٺو ويٺو انهن ٺڪرين تان مٽي لاهي صاف ڪندو هو، جيڪا سڪا ملندا هئس تـ انهي کي وري وٽي ۾ جهڻ وجهي، انهي ۾ سڪا ٻوڙي ٽي ٽي ڏينهن پڇنڊي تي رکي ڇڏيندو هو. ٽن ڏينهن کانپوءِ انهن سڪن تان ڪٽ لهي ويندو هو پوءِ پيو انهن کي جانچيندو هو. گهر ۾ ٻـ وڏا ٽين ڏٻا ٺڪرين جا ڀريا هئائين. هڪڙو ڀولڙو بـ ڀڙي تان هٿ آيو هئس. اهو وري خيرن جو مون وڃائي ڏنو، پوءِ جيڪو نهٽي جي تاريخ جي هن سان ڳالهه ڪندو هو تـ هي وري جي آئون ويٺل هوندو هئس تـ چوندو هو، هي جيڪو جوڳيڙو آهي نـ، اهو منهنجو فلاسافر. انهي هڻي منهنجو ڀولڙو وڃائي ڏنو. پيو نهٽي جي تاريخ اٿلائيندو هو. عمر ورياهه ۽ جروار واري ڌاڙي جي ڳالهـ ڪندو هو. اهو ڌاڙو ڪنهن هڻايو. انهي تي ويٺو بحث ڪندو. نهٽو ڪئين ڦٽو. واڻيان ڪئين لڏيا. مطلب تـ نهٽي جي پوري تاريخ هن وٽ هئي. هڪڙي سنڌ جي وڏي محقق کي سڪا ڏنا هئائين انهي ڪو انهن سڪن تي قبضو ڪيو پوءِ تـ سائين انهي جي نالي وٺڻ تي ڪاوڙجي پوندو هو. ننڍڙو هو تـ پيءِ وصال ڪري ويو. هن کي انهي جي پوري صورت بـ ياد ڪونـ هئي ۽ ماءِ پي جو اڪيلو پٽ هو. ٻـ ڀيڻون هيون. سڳو چاچو بـ ڪونـ هئس. نهٽي جي پوري راڄ ۾ تڏهن ڪنڀارن جو گهر ئي هڪڙو هو. پوءِ ڏاڏي سان گڏ ٿانءِ وڪڻندو هو. هڪڙي ڀيري ڏاڏي ڀيڙو ويو ٿر ۾ ٿانءِ وڪڻڻ. ننڍڙو هو پويان صاحب آيو امتحان ڪري ويندو رهيو. هي ۽ ڏاڏي شام جو آيا تـ ٻارين ڳالهـ ڪئي اڄ صاحب آيو هو امتحان ڪري ويندو رهيو. مقئي جا امتحان ڪونـ ٿيا ڏاڏي مرحات اهي آٿر گڏهه تان لاٿا ئي ڪونـ. مقئي کي کئين گڏه تي اڳ ۾، صاحب پٺيان. هي ڏس مليو صاحب ڏنڀرلي ۾ امتحان پيو وٺي ويا ڏنڀرلي صاحب نڪريو ويو. دڙيلي وري اهو ئي گڏهه تي آٿر ۽ وري ويا ڏنڀرلي. خبر پئي تـ صاحب عالم پلي نڪري ويو آهي. هي بـ پٺيان ويا عالم پلي. پوءِ ڏاڏي بابا جا انهي سال امتحان عالم پلي ۾ ڏياري. انهي هوندي بـ بابا فائينل تائين پڙهي ڪونـ سگهيو ۽ اهو ڏک هن کي عمر ڀر رهيو تـ هو فائينل تائين نـ پڙهي سگهيو. پوءِ ڪنڀارن وٽ مٽي وارو ڪم سکڻ شروع ڪيائين پر ڪنڀار بـ ڇوري ٻار کي اهو ڪم ڇو سيکارن. سو اهو بـ رڳو مٽي ڪٽائيندا ۽ ڳوهارائيندا هئا پر مٽي وارو ڪم بـ سکي ڪونـ سگهيو. پوءِ جيڪو ڏاڏي ٿانءِ وڪڻي آهتين مان ڍڳي گابو ٻڪري وٺي ايندي هئي. اهو هر سال دڪان ۾ لڳائيندو هو اهو بـ هر سال اوڌريا کڻي ويندا هئا. اڪثر ڪري اسانجي گهر ۾ رات جو ڪڻڪ جي رٻ رِڌبي هئي. هڪڙو ڏينهن اهڙو آيو جو پاڻ ڪيڏانهن نڪري ويو ۽ سائين سليم کي ٽالهي جي ڪنهن واڻئين تي چٺي ڏئي ويو تـ انهي کان اوڌر تي مڻ ڪڻڪ جو کڻي اچجان. اهو سائين ٽي ڏينهن ٽالهي جا چڪر ڪڍيا پر ڪڻڪ جو ملڻ نـ مليو. تيستائين امان سڃو ڳوٺ اڌاري ويٺي پوءِ رات جو ٽائيم هجي، گهر ۾ کائڻ لئـ ڪجهـ نـ هجي. هاڻ ڇا ڪيائون جو هن جي ختم ٿيل دڪان جا امان ۽ سليم وڃي ڏٻا ڳوليا، سوءِ ردي اخبارن جي ڪجهـ نـ مليو. اهي ردي اخبارو کڻي گنيش مينگهواڙ جي دڪان تي ڏنيون. اتان ٽي پاءِ چانور مليا. هاڻ ٽي پاءِ چانور هوڏانهن پوري آڪاهـ. سو امان جئين تئين ڪري ڪنهن کي ڏوئي ڪنهن کي اڌ ڏوئي. چانورن جي آخر ۾ ڏوئي هڪڙي بچي. امان ۽ سليم وڃي رهيا. پوءِ امان چوي سليم کي ته تون کا. سليم چوي تو کا، روئيندا ويا ۽ دباک هڪ ٻي ڏانهن سوريندا ويا. ٻي ڏينهان گهر ۾ ٻڪري هئي هڪڙي. اها وڪڻي مڻ ڪڻڪ جو ورتو ۽ ٻيو سليم ڀاڙو ڪري ڪراچي ڪمائڻ ويو. سو اهي حالتون هونديون هيون اسانجي گهر جون. انهي مان هي فقير مقيم اڀريو. پوءِ اتان ناني الف ٽالهي واري ٿانءِ جي گاڏي ٺاهي ڏني، جيڪو کڻي وڃي هن مٺي ۾ ٿانءِ جي پيڊي کولي ۽ اتان کان هن جو پارڪر ۽ ٿر واري عشق جو داستان شروع ٿيو. اتي جي آوي ۾ پچي راس ٿيو. انهي ۾ هو سڀ کان گهڻو ڪردار ڪرشن شرمان جو سمجهندو هو. جنهن ڏينهن وصال ڪري، انهي ڏينهن کان ڪجهـ ڏينهن اڳم ادي پٺاڻي کي فون ڪري چيائين، اچ ڏسي وڃ آئي تـ هن جي پيرن تي پاڻي هاريائين. چيائين گل تـ اهن ڪونـ جو ڇٽيان، هو اسانجي سڃي گهر مان سڀ کان وڌيڪ ادي پٺاڻي سان پيار ڪندو هو. ادي کي فاطمـ جناح ايوارڊ مليو تـ ڏاڍو خوش ٿيو. وصال کان ٻـ ڏينهن اڳ ۾ ايس ايم ايس ڪيائين جوڳيئڙا خدا حافظ. منهنجي پيرن هيٺان زمين ويندي رهي. جوڳي مون تي بابا رکيو هو. وصال وارن لمحن ۾ آئون ۽ حيدر ئي گڏ هئا سين. انهي کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ ڏاڙهي ۽ وارٺهرايائين. انهي ڏينهن وڏي تڪڙ ڪيائين تـ جلدي ڪرو پاڻي رکو. وهنجان صفا چڱو ڀلو. بس فقيرن کي خبر پوندي آهي تـ هنن جو وصال جو لمحو اچي ويو آهي. اهين هن کي بـ گهڻو اڳ۾ خبر پئجي وئي هئي. بس درد هن کي اڏيو درد هن جو اڏيندڙ هو. ڪاڪي سانگي ڏان وانگر هن کي جنهن ڏک ڏنو، انهي کي هن پاليو ۽ انهي ڏک مان هن جي اندر گل ٽڙيا. انهن جي خوشبو هئي جنهن وڻ ٽڻ واسي ڇڏيو. بس ڇڏو يار، يار جي ڳالهـ آهي، کٽڻي تـ آهي. پر هلو هڪڙي ڳالهـ ويندي ويندي ڪريو. هو مولا علي جو حبدار هو حسيني هو پر تصوف جي وهندڙ دريا مان ڍُڪ ڀريا هئائين. سائين اياز شاه جي تڪئي تي عمرڪوٽ ۾ هن تڪئي جا سڀ فقير ولي محمد سائين جي اها ڪافي ڳائي رهيا آهن. تنهنجو ڳالهيو سڃڻ ٿيو ياد پون. Jogee_khalid@yahoo.com