• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سامونڊي جَا جَرَ جَاٽُون نَه ڏِئَي، ڏِيَا نَه مَوهَي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
10686623_10204694456499523_2110700138609977873_n.jpg


جَا جَرَ جَاٽُون نَه ڏِئَي، ڏِيَا نَه مَوهَي
سَڌُون ڪَوهُه ڪَرَي، سَا پَنهنجَي ڪَانڌَ جُون


سُرُ سَامُونڊي

جَرَ = پاڻي - هتي ٿيندو سمنڊ ۽ درياهه جو پاڻي. جر سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ جَلَ مان ورتو ويو آهي.
جَاٽُون = ياترائون، زياترائون - هي لفظ جمع آهي واحد اٿس جاٽ معنى زيارت جيڪو سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ ياترا مان ورتو ويو آهي.
مَوهَي = ارپي، تاري، وجهي، اڇلائي. هي لفظ سنسڪرت ٻوليءَ جي لفظ موڪش مان ورتو ويو آهي.ڪَوهُ = ڇو، ڇا لاءِ ، ڇا جي ڪري؟

بيت جو پس منظر

جا عورت يا نوجوان ناري پنهنجي وَرَ ، ڪانڌ، يا محبوب لاءِ سمنڊ يا درياهه تي وڃي ياترائون، زيارتون نه ٿي ڪري ۽ ڏيئا ٻاري پاڻيءَ کي نٿي ارپي.
سا وري پنهنجي ڪانڌ، ور، مڙس، يا محبوب سان ملڻ جون ڪوڙيون سَڌون ڪيئن ۽ ڇو ٿي ڪري ؟

سمجهاڻي

ڀٽائي هن بيت ۾ اڳئين دور جي هڪ روايت کي فوڪس ڪري اسان کي درس ڏنو آهي. آڳاٽي دؤر ۾ سنڌي عورتون پرڏيهه ويل پنهنجي مڙسن ۽ محبوبن جي جلد واپسيءَ لاءِ سمنڊ ۽ درياهه تي وڃي کيس ڀيٽا پيش ڪنديون هيون، جنهن کي ياترائون يا زيارتون چئجي ٿو.زالون ۽ نوجوان ناريون اٽي جا ڏيئا ٺاهي، سڪائي انهن ۾ تيل ڀري ٻارينديون هيون ۽ مڃتا ۽ باس طور درياهه بادشاهه جي حوالي ڪنديون هيون ته جيئن سندن مڙس ۽ محبوبَ خير سلامتيءَ سان پرڏيهه مان واپس ڏيهه ورن. اڄ جي دور ۾ پڻ سُکائون ڏيڻ جو رواج موجود آهي.ڀٽائي هن بيت ذريعي اسان کي درس ٿو ڏئي ته سُتَي ۽ گهر ويٺي رڳو دانهون ڪرڻ سان محبوب ۽ منزلون ناهن ملنديون. محبوب ۽ منزلون ته اهي ماڻيندا جيڪي ڪوششون ڪندا ۽ جدوجهدون ڪندا.

____
محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
 
Back
Top