وتايو فقير

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ Rabel Napar Sindhi طرفان آندل موضوعَ ‏16 آڪٽوبر 2014۔

  1. Rabel Napar Sindhi

    Rabel Napar Sindhi
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    34
    ورتل پسنديدگيون:
    121
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سنڌي ڊيٽا انٽري
    ماڳ:
    ڪراچي
    پاڙي جي ملان تمام چڱيءَ ريت وتايي فقير کي هدايت ڪئي، مسلمانن کي نماز پڙهڻ گهرجي، جيڪو نماز نٿو پڙهي، سو مسلمان ئي ناهي ، اُٿي هلي نماز پڙھ .
    وتايو ساڻس گڏجي نماز پڙهڻ ويو ، اڃا فرض جوٽيائون تہ پٺيان واڪو ٿيو تہ ” وتايا ڪٿي آهين ؟
    ڊوڙي آءٌ تنهنجي گهر جي لوڙهي کي باهہ لڳي ويئي آهي.
    اهو آواز ٻڌي نماز کي اڌ ۾ ڇڏي ، فقير گهر ڏانهن ڀڃندو ويو ۽ چوندو ويو تہ هنن مُلن کي گهڻئي ڀيرا چيو اٿم ادا، توهان واري مون کي نماز ڀانءِ نٿي پوي، تڏهن بہ پچار نٿا ڇڏين ، هاڻ خوش ٿيا هوندا جو وتايي جو گهر پيو سڙي .
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    :D:D:D

    هرڪو وتايو نه ٿي سگهندو .

    هڪ ڀيري وتايو فقير درياءَ جي ڪپ تي ويٺو هو ته هڪ شخص آيو ۽ ٻيڙيءَ جو پڇڻ لڳو..

    وتايي فقير چيس ته جيڪڏهن تون مونسان گڏ هلندين ته ڪونه ٻڏندين. ۽ مونسان گڏ هلڻ لاءِ توکي ”وتايو، وتايو وتايو“ چوڻو پوندئي ..

    همراهه راضي ٿي ويو، ٻئي ڄڻا درياء ۾ لٿا، همراهه وتايو وتايو ڪنديو پئي هليو ته ڪونه ٻڏو، جڏهن وتايي کي ڏٺئين ته وتايو “الله الله” ڪندو پئي هليو، هن همراهه سوچيو ته هي وتايو پاڻ الله الله ڪندو هلي ۽ مونکي وري وتايو وتايو جو ورد ڪرڻ جو چيو اٿس.. آئون به الله الله ٿو ڪريان..
    سو همراهه جيئن الله الله جو ذڪر ڪيو ته غوطو آيس ته اتي فقير وراڻيس ”پهتو اڃا وتايي تي ناهين يڪدم الله الله ٿو ڪرين“..

    سبق : وڏڙن جي نصيحتن تي عمل ڪريو نه ته دنيا جي درياءَ ۾ غوطا کائيندؤ. ۽ اهو نه ڏسو ته وڏڙا ڇا ٿا ڪن بلڪه اهو ڏسو ته وڏڙا ڇا ٿا چون.
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    وتايو فقير الله درويش شخص هيو
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    اسان وٽ وري اهڙي بزرگ هستين کي مزاح جي حساب سان ئي ياد ڪيو وڃي ٿو.. افسوس
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    وتايو فقير هڪ دورانديش ماڻهون هو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سعيد سنڌي

    سعيد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 جولائي 2013
    تحريرون:
    379
    ورتل پسنديدگيون:
    436
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدر آباد سنڌ
    سي ستا ئي سونهن، ننڊ عبادت جن جي
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو