تاريخ

'مختلف موضوع' فورم ۾ نرمل طرفان آندل موضوعَ ‏15 مئي 2010۔

  1. نرمل

    نرمل
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2010
    تحريرون:
    131
    ورتل پسنديدگيون:
    74
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ادب سان دلچسپي ۽ وڪالت
    ماڳ:
    شاهه لطيف چوڪ ڪوٽڙي
    موڪليندڙ: ”نرمل“ کوهارو
    ليکڪ: محمد هاشم چنا
    تاريخ جي نظر ۾ جين جيڪوئس روسو
    Brief Life Sketch and Background
    مختصر سوانح حيات ۽ پسمنظر
    جين جيڪوئس روسو 28 جون 1712ع ۾ جنيوا ۾ پيدا ٿيو، پاڻ فرانسيسي نسل جو هو، جنيوا انهيءَ دور ۾ آزادي جو علمبردار هو، جيڪو شهري رياستن تي مشتمل هو، روسو جا وڏا مذهبي پابندين جي ڪري پئرس مان لڏي اچي جنيوا ۾ آباد ٿيا هئا، روسو جو پيءُ اصل ۾ هڪ گهڙي ساز هو، هن جو پنهنجي مالڪ سان هميشه تڪرار رهندو هو. نيٺ بيزار ٿي، اها نوڪري ڇڏي. اچي ناچ گاني جي سکيا جو ڌنڌو اختيار ڪيائين روسو جي ماءُ جو تعلق جنيوا سان هو. روسو کي ماءُ جي محروميءَ جو شديد احساس هو، ڇاڪاڻ ته جڏهن هو سندس عمر اڃان چند ڏينهن هئي، ته سندس ماءُ جو انتقال ٿي ويو هو. انهيءَ محرومي جي احساس جو اظهار هن پنهنجي ڪتاب ”Confessions“ ۾ ڪندي، چيو آهي ته ماءُ کان محرومي منهنجي پهرين بدقسمتي هئي، جيڪا پيدا ٿيڻ سان ئي آئي ۽ منهنجي ماءُ، منهنجي قيمت پنهنجي جان جي شڪل ۾ ڏني. ماءُ کان محرومي ۽ پيءُ جي عدم توجهيءَ ڪري، روسو نه ته اسڪول ۾ داخلا وٺي سگهيو ۽ نه ئي وري ان جي صحيح نموني ۾ تربيت ٿي سگهي. سندس پيءُ جيڪي ڪجهه گهر ۾ هن کي پڙهائيندو هو، اهوئي سندس تعليم جو دائرو هو، سندس پيءُ هن کي رات جو گهڻي وقت تائين جاڳائي کيس آکاڻين جا ڪتاب پڙهي ٻڌائيندو هو، هڪ وقت اهڙو به آيو، جڏهن روسو پاڻ به پنهنجي پيءُ کي اهي آکاڻيون پڙهي ٻڌائيندو هو. روسو ۾ احساس ته پيدا ٿيو، پر هو انهن آکاڻين جي اصل مقصد کان اڻ ڄاڻ هو، هو گهڻو ڪري اوڙي پاڙي وارن سان وڙهندو رهندو هو. نيٺ ڏهن سالن جي عمر ۾ هن کي هڪ اسڪول ۾ داخلا ملي، پر پنجن سالن کان پوءِ هو جنيوا هليو ويو انهيءَ ننڍپڻ ۾ هن تي تڪليفن جا جبل ٽٽي پيا، هڪ ڀيري سندس ملاقات هڪ راهب سان ٿي، جنهن روسو جي حالتن جي پيش نظر هن کي هڪ نيڪ خاتون جي حوالي ڪيو.
    ميڊم وارنس، هڪ باشعور ۽ پڙهيل خاتون هئي، هن روسو جي تمام سهڻي نموني ۾ تربيت ڪئي، ۽ کيس ماءُ جهڙي محبت ڏني، روسو ان کان متاثر ٿي پنهنجي سڀني خراب عيبن کي ترڪ ڪري ڇڏيو. 1741ع ۾ هن پئرس ۾ شادي ڪئي ۽ کيس 5 ٻار ڄاوا، پر هن انهن سڀني ٻارن کي يتيم ظاهر ڪري، انهن کي يتيم خاني ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو. اڳتي هلي هن کي پنهنجي انهيءَ فعل ٿي ڏاڍي پشيماني ٿي.
    1749ع ۾ ڊيجون اڪيڊمي طرفان ”علم ۽ فن جو، اخلاق جي سڌارڻ يا بگاڙڻ ۾ ڪيترو حصو آهي“. جي موضوع تي مضمون نويسي جو مقابلو منعقد ڪيو ويوس روسو به ان ۾ حصو ورتو، هن علوم ۽ فنون جي ترقيءَ کي انساني اخلاق لاءِ بهرِحال سم قاتل قرار ڏنو، ۽ چيو ته اها ترقي انسان کي بزدل بنايو ڇڏي. هن پنهنجي دور جي تهذيب تي به ڇوهه ڇنڊيا. انهيءَ اڪيڊمي هن کي انعام جو مستحق قرار ڏنو. انهيءَ مضمون، روسو جي شهرت کي تقويت ڏني، پر تهذيب جي ٺيڪيدارن، روسو جي خلاف هڪ ڀرپور مهم هلائي، پر انهيءَ مهم جي ڪري روسو جي صف اول ۾ اچڻ جي شروعات ٿي.
    1756ع کان 1762ع تائين روسو پئرس جي ويجهو هڪ جهنگ ۾ رهيو، اهڙيءَ طرح هن قدرتي زماني جي مشاهدن جي ڪوشش ڪئي. انهن 6 سالن ۾ پوري بني نوع انسان ۽ دنيا لاءِ نظريات انقلاب کي ڇهن تاريخي سالن جو نالو ڏيئي سگهجي ٿو.
    روسو ٻن قسمن جي عدم مساوات جي باري ۾ خيالن جو اظهار ڪري ٿو. سندس خيال ۾ قدرتي زماني جو انسان نهايت معصوم ۽ خوشحال هو، پر اڪيلي سر هو، قدرتي زماني ۾ عدم مساوات جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. اها ملڪيت ئي هئي جنهن انهيءَ فرق کي ظاهر ڪيو. روسو جي لکيل ڪتابن هلچل مچائي ڇڏي، ۽ جنهن ڪري نظرين ۾ انقلاب پيدا ٿيو.
    هن افلاطون لاڪ، مانٽيسڪيو ۽ هابس وغيره جي نظرين جو چڱيءَ طرح اڀياس ڪيو هو، جنهن مان هو مانٽيسڪيو جي نظرين کان گهڻو متاثر ٿيو. پنهنجي ابتدائي تحريرن ۾ روسو بلڪل منفرد نظر اچي ٿو. ۽ فطري حقن تي گهڻو زور ڏي ٿو.
    The Man and his Works
    روسو جون تصنيفون
    عمراني معاهدي کان سواءِ روسو جن تصنيفن ۽ تاليفن جي ذريعي معاشري ۽ سياست تي حرف زني ڪئي آهي، انهن ۾ هيٺيان ٽي ڪتاب مشهور آهن:
    1. The Nouvella Helosie (1761ع ۾)
    2. The Social.
    3. The Emile (1762ع ۾ )
    هنن ٽنهي ڪتابن مفڪرن ۾ هلچل مچائي ڏني ۽ انهن جي نظرين ۾ انقلاب پيدا ڪري ڇڏيو، روسو جي ٻين صفه اول جي نظرين ۾ انقلاب پيدا ڪري ڇڏيو، روسو جي ٻين صفه اول جي تصنيفن مان هڪ هيءَ آهي.
    1. Disconrses on the origion of Inequality
    روسو جو مخصوص انداز تحرير، جذباتي ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جيڪڏهن ڏسبو ته معلوم ٿيندو، ته هن جون تحريرون محض جذباتي نه هيون، بلڪه انهن جو هڪ مقصد اهو به هو، ته براين جي اصلاح ڪئي وڃي، جنهن ڪري فرانس جي سياست ۾ غلاظت اچي ويئي هئي. روسو جي تحريرن، ماڻهن ۾ جذبو پيدا ڪيو، جنهن ڪري سماجي اوچ نيچ ختم ٿيڻ لڳي ۽ ماڻهن ۾ برابري جو احساس پيدا ٿيڻ لڳو.
    روسو پنهنجين شروعاتي تصنيفن ۾ هڪ منفرد انداز پيش ڪيو آهي. هن فطري حقن تي گهڻو زور ڏنو آهي، ان کان پوءِ هڪ پختي ذهن، معاشرتي معاهدي ۽ اجتماعيت تي روسو جا ڀرپور خيال ملن ٿا، روسو جي تصنيف ”ابتدائي عدم مساوات“ ۾ قدرتي زماني جي باري ۾ سندس خيال ۽ نظريا ذري گهٽ هڪجهڙا آهن، پر سندس سڀني تحريرن ۾ انهيءَ سلسله ۾ مستحڪم خيال نٿا ڏسڻ ۾ اچن.


    Jean Jacques Rousseau as Great Philosopher
    جين جيڪ روسو، هڪ عظيم مفڪر
    جين جيڪ روسو، ارڙهين صدي عيسويءَ جو هڪ عظيم سياسي مفڪر هو. عمراني معاهدي جو خيال هن کان اڳ ٻن فيلسوفن پيش ڪيو، پر جنهن تفصيل سان روسو انهيءَ موضوع کي نڀايو آهي، ان جو مثال نٿو ملي، سندس قول آهي، ته سياست، سماج جي محتاج آهي، جيڪڏهن سماجي معاهدا وجود ۾ نه اچن ها، ته سياست جو ايترو قدر ۽ قيمت نه ٿئي ها! هن معاشري تي شديد نڪته چيني ڪئي ۽ انسان کي سندس اصلي مقام ۽ دنياوي مقام ۾ فرق ٻڌايو. هن پنهنجي تحرير اعترافات ۾ پاڻ کي احمق قرار ڏنو آهي، جو پنهنجن ٻارن سان انصاف نه ڪيو هو.
    روسو جو ذهن معاشرت ۽ سياست جي هڪ بهترين ڪسوٽي هو. هن تجربي سان گڏ تعليم حاصل ڪئي، ۽ علوم فنون جو عملي طور مظاهرو ڪيو. هن کي سندس هڪ زبردست مقالي ”Mass the progress of Science and the Arts contributed to corrupt or Purify the Morality"
    اڪيڊمي پاران پهريون انعام مليو. هن مقالي سندس ساک کي عالمي شهرت بخشي.
    تعليم ۽ تدريس جي باري ۾ روسو جي خيالن جو انداز منفرد آهي. هن پنهنجي خيالن کي ”المائل“ ۾ بيان ڪيو آهي، جنهن ۾ هو چوي ٿو، ته هڪ پيءُ، پوءِ اُهو اڻ پڙهه کڻي سهي دنيا جي بهترين استادن کان بهتر آهي، هو ان حقيقت کي تسيلم ڪري ٿو، ته فرد جي انفراديت تعليم سان سڃاڻي سگهجي ٿي.
    روسو پنهنجن پهرين فيلسوفن جو چڱيءَ طرح اڀياس ڪيو هو، جن ۾ افلاطون، ٽامس هابز، جان لاڪ، مانٽيسڪيو، ۽ گروئيٽس جا نالا قابل ذڪر آهن. عمراني معاهدي جي نظريي ۾ هو ٽامس هابز سان متفق آهي. انساني آزادي جي مسئلي کي هن پنهنجي ڪتاب عمراني معاهدي، يعني ”Social Contract“ ۾ وضاحت سان بيان ڪيو آهي، هو هن ڪتاب جي شروع ۾ لکي ٿو ته:
    ” Man is Born free but everywhere he is in chains“ يعني ”انسان فطري طور تي آزاد پيدا ٿيو آهي، پر هو هر جاءِ تي زنجيرن ۾ جڪڙيل آهي“.
    روسو، پنهنجي فلسفيانه نظرين سان فرانس کي آگاهه ڪرڻ لاءِ پنهنجي تصنيفن کي عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ته جيئن عوام ۾ نئون فڪر پيدا ٿئي، ته جيئن انهن کي درپيش سياسي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ نون اصولن کي آزمائڻ جو موقعو ملي.
    روسو، فطري طور تي جمهوريت پسند هو ۽ جمهوريت جي حاصل ڪرڻ واسطي ئي درس ڏيندو رهيو. روسو جن مجموعي موضوعن تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو آهي. اُهي هيٺيان آهن:
    1. قدرتي زمانو (Natural State)، 2. اراده عام (General Will)، 3. حڪومت جي ورهاست (Classification of Government)، 4. نظريه تعليم (Concept of Education)، 5. آزادي ۽ فردن جا حقوق (Liberty and Rights of Individuals)، 6. معاهده عبراني (Social Contract)، 8. مذهب (Religion).
    روسو جي نظرين نه فقط فرانس ۾ هلچل مچائي ڏني، بلڪ سندس اهميت کان پوءِ ڪيترن ملڪن ۾ ان جو اثر پيو. فرانس ۾ 1789ع ۾ انقلاب آيو، ان جو بنياد روسو جي نظرين تي هو. اوڻيهين صدي عيسويءَ ۾ آمريڪا ۾ جيفرسن جي جمهوري تحريڪ روسو جي نظرين جو اثر ڏسڻ ۾ اچي ٿو. وڏي ڳالهه اها آهي ته سندس نظرين کان آمريڪا جو آئين به متاثر ٿيڻ کان سواءِ رهي نه سگهيو. روسو جي نظرين، جرمني جي فيلسوف ”Kant“ ۽ برطانيه جي ”Hegel“ کي تمام گهڻو متاثر ڪيو.
    روسو، سياسي اقتصاديات جي باري ۾ نجي ملڪيت تي روشني وجهندي چوي ٿو، ته ”قدرتي زماني بهرحال سول رياست کان بهتر هو، ان ۾ انسان پاڻ کي هميشه آزاد محسوس ڪندو هو.“ هو چوي ٿو، ته ”معاشرتي نظم ۽ ضبط هڪ مقدس حق آهي، ۽ عوام کي اقتدار اعليٰ تي نڪته چيني ڪرڻ کان ڪير به روڪي نٿو سگهي“.
    Theory of the state nature
    روسو، قدرتي زماني واري زندگيءَ جي باري ۾ پنهنجي ڪتاب ”عدمِ مساوات“ جي شروع ۾ تفصيل سان روشني وڌي آهي، هو ڏک سان بيان ڪري ٿو ، ته اڄ جي معاشري کان اهو قدرتي زمانو ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ بهتر هو، جنهن ۾ نڪي معاشرت جو تصور هو، ۽ نه وري ٻئي مسئلي جوئي فڪر هو. سياسي ۽ سماجي مونجهارا تڏهن پيدا ٿيا، جڏهن انسان گڏجي زندگي گذارڻ جو فيصلو ڪيو.
    قدرتي زماني ۾ ماڻهو تنها، خوش، صحتمند، آزاد ۽ بيباڪ زندگي گذاريندو هو.، هن جا مسئلا گهٽ هئا، ۽ هن جي زندگيءَ جون ضرورتون به گهٽ هيون، هن جي رهڻي ڪرڻي بلڪل سادي ۽ قدرتي هئي، کيس سڀاڻي جو فڪر نه هو ۽ نڪي ملڪيت جي ڳڻتي هئي. هن ۾ فريب، ريا ڪاري، لالچ، خوف ۽ خوشامند جو ڪو به عنصر موجود نه هو. هن کي قدرتي غذائون ملنديون هيون، ۽ ان جي حفاظت به قدرت ئي ڪندي هئي.
    روسو جي خيال ۾ اهو زمانو نهايت سٺو هو. پوءِ جيئن جيئن هن سماجي ارتقا ۾ قدم کنيو، پاڻ لاءِ ڪيترائي مسئلا کڙا ڪيا. اهڙن مسئلن جنم ورتو، جن جو نه واضع حل ملي سگهيو ۽ نه ئي ان لاءِ ڪا فائديمند ڪوشش ڪئي ويئي.
    ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي، ته مهذب دنيا جتي انسان جي ٻين ضرورتن جي تڪميل ڪئي، اتي ان جي مصروفيات ۽ غمن ۾ تمام گهڻو واڌارو ٿيندو رهيو.
    انسان جيئن ته سياسي ماحول کان اڳ واري دور ۾ هڪ وحشي هو ۽ وحشين وانگر زندگي گذاريندو هو ۽ حيوانن ۽ جانورن ۽ انسانن جي وچ ۾ ايترو فرق هو، جو حيوان خوفناڪ وحشي هئا، ۽ انسان هڪ شريف وحشي هو، جنهن کي روسو، پنهنجي زبان ۾ (Noble Savage) قرار ڏي ٿو. جڏهن انهيءَ انسان جي آباديءَ ۾ اضافو ٿيو ۽ هن گروهن جي شڪل اختيار ڪئي، ته پوءِ ضرورتن جنم ورتو . ملڪيت بابت نظريو پيدا ٿيو. تنازعا شروع ٿيا، عدم مساوات منهن ڪڍيو، مطلب پرستيءَ جنم ورتو، تخريبڪاري شروع ٿي، دنيا جي آبادي وڌندي رهي ۽ مسئلن ۾ اضافو ٿيندو رهيو.
    Social Contract Theory
    معاشري کان پوءِ برابري، آزادي ۽ انفراديت جو سوال پيدا ٿيو. انهيءَ سوال کي حل ڪرڻ لاءِ معاشري جي سياسي تشڪيل ڪئي ويئي ۽ ان جو بنياد سماجي معاهدي تي رکيو ويو. هيءُ اهو معاهدو هو، جنهن ۾ سماج جي سڀني ماڻهن جي رضامندي شامل هئي، جيسيتائين ان تشڪيل ۾ ماڻهن جي رضامندي شامل نه هوندي، انهيءَ وقت تائين اختيارن جو جواز پيدا ٿي نٿي سگهيو، ته آزادي کي به قائم رکڻ ناممڪن هو. اهوئي سبب هو، جو سماج جي تشڪيل ٿي. اهي سڀئي ماڻهو، جن هڪ ٿي ڪري، هڪ سماج کي ترتيب ڏنو، انهي گڏجي، پنهنجن حقن کي گڏي، ”اراده عامه“ جي حوالي ڪيو. هنن جي اها راءِ هڪ مقتدر شڪل اختيار ڪري ٿي. اصل معاهدي جي وقت اختيار ڪنهن هڪ فرد يا جماعت جي حوالي نه ڪيا ويندا آهن، پر اُهي گڏيل شڪل ۾ پاڻ جي حوالي ئي ڪيا ويندا آهن، پنهنجي اطاعت پاڻ ڪندا آهن. اهڙيءَ طرح عوام کي ئي اقتدار حاصل هوندو آهي. ملڪي انتظام، عوام جي منشا مطابق هلندو آهي، اهڙيءَ ريت هر فرد پنهنجا پنهنجا اختيار ”راده عامه“ جي حوالي ڪندا آهن. هن سماجي معاهدي کان پوءِ رياست جو وجود عمل ۾ ايندو آهي. اهڙيءَ طرح سماجي معاهدي جا رڪن فرد، رياست جا شهري بنجي ويندا آهن.
    روسو چوي ٿو ته: ”هن سماجي معاهدي سان ماڻهن جو اخلاقي ڪردار وڌي ٿو، ۽ امن عامه ۾ استحڪام پيدا ٿئي ٿو. ان سان فطري آزادي، شهري آزادي ۾ پاڻيهي تبديل ٿئي ويندي آهي، ۽ رياست ۽ حڪومت ۾ خوشگوار تعلقات پيدا ٿيندا آهن.“ روسو انهيءَ ڳالهه جي تلقين ڪري ٿو، ته ”معاهدي جو مقصد فقط آزادي، شهري آزادي ۾ پاڻيهي تبديل ٿي ويندي آهي، ۽ رياست ۽ حڪومت ۾ خوشگوار تعلقات پيدا ٿيندا آهن.“ روسو انهيءَ ڳالهه جي تلقين ڪري ٿو، ته ”معاهدي جو مقصد فقط عوام جي اطاعت تي ئي مبني ناهي ۽ نه فقط اقتدار اعليٰ کي پنهنجو پاڻ تي ٿاڦڻ آهي، بلڪ ٻنهي جي مفادن ۽ حقن جو تحفظ ان معاهدي جي جان هوندا آهن.
    روسو جو عوام جي اقتدار جو گهڻو ڪري ان حالت ۾ حامي آهي، جڏهن مقتدرِ اعليٰ معاهدي تحت سندن عمومي بهبود لاءِ عمل پيرا هجي.
    Theory of General Will
    اراده عامه جو نظريو
    روسو جي فلسفي جو بنياد ”اراده عامه“ تي رکيل آهي. ”راءِ عامه کي هو هن طرح بيان ڪري ٿو، جڏهن انسان قدرتي دور مان نڪري، معاشرتي دور ۾ داخل ٿيو، ته ان ڪيترن مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو. وقت گذرڻ کان پوءِ فردن جي تعداد ۾ واڌ ٿيندي ويئي. ان حالت ۾ داخل ٿيو، ته ان ڪيترن مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو. وقت گذرڻ کان پوءِ فردن جي تعداد ۾ واڌ ٿيني ويئي. ان حالت ۾ انهن ماڻهن پاڻ مان ڪن ماڻهن کي منتخب ڪري، انتظام جي سنڀال واسطي انهن کي مقرر ڪيو. زماني جي ارتقا سان گڏوگڏ اها انتظاميه ايتريقدر وسيع ۽ مستحڪم ٿي ويئي، جو هن معاشري جي حفاظت جي ڪم کي ايترو اهم سمجهيو، جو اها ماڻهن کي پنهنجو غلام سمجهڻ لڳي، نتيجي طور اهو معاشرو طبقاتي زندگيءَ ۾ ورهائجي ويو. هڪ دور اهڙو به آيو، جو سڄي معاشري کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو: 1. مزدور، پيشه ور ۽ فنڪار وغيره. 2. فوجي طبقو. 3. حڪمران طبقو.
    ان ۾ ڪو به شڪ ناهي، ته طبقاتي زندگي انساني معاشري لاءِ اڻ ٽر آهي، پر انهيءَ ۾ به شڪ ناهي، ته ڪو به فرد اهو نه چاهيندو آهي، ته هن جي فطري مرضيءَ جي خلاف مٿس ڪا حدبندي عائد ڪئي وڃي، ۽ هن کي پنهنجن فطري حقن کان محروم ڪيو وڃي، روسو انهيءَ نتيجي تي پهتو آهي ته هر فرد کي پنهنجي مرضيءَ کي ظاهر ڪرڻ جو حق هجي. روسو پنهنجي نظريه اراده عامه (General will) کي ئي حاڪم اعليٰ قرار ڏي ٿو، اهي ٻن قسمن جا آهن: 1. اراده حقيقي (Actual Will) 2. اراده اصلي (Real will).
    1. اراده حقيقي جي باري ۾ روسو جو چوڻ آهي، ته ان جي وابستگي فقط هڪ فرد سان هوندي آهي، ۽ فرد جي سامهون فقط پنهنجو مفاد هوندو آهي، تنهنڪري ارده حقيقي جو تعلق سڄي معاشري جي مفاد سان نه هوندو آهي، اراده حقيقي نصب العين کان سواءِ هوندو آهي، ۽ متصادم پڻ هوندو آهي.
    2. اراده اصلي، هڪ معقول ۽ معتدل ارادو هوندو آهي ۽ ان جو نصب العين معاشري جي عام فلاح ۽ بهبود لاءِ هوندو آهي. اهو انسان جي دل جي گهراين ۾ هوندو آهي. صحيح آزاديءَ جي مفهوم جي نمائندگي ڪندو آهي، جيڪي سڄي معاشري جي مفادن لاءِ نقصانڪار ثابت ٿينديون آهن، روسو مطابق، اراده عامه بهرحال سڀني ارادن جو هڪ تناسب هوندو آهي ۽ اهو فردن جي ذاتي مفادن سان تعلق رکندو آهي. اهو اِرادو اقتدارِ اعليٰ کي عوام جي حوالي ڪندو آهي، ڇاڪاڻ ته ان استقلال هوندو آهي، ان کان سواءِ فرد پنهنجو پاڻ قانونساز هوندو آهي ۽ پاڻ ئي ان جي اطاعت ڪندو آهي، اراده عامه سڌو سنئون جمهوريت جو بنياد رکندو آهي.
    Critical Review on General Will
    اراده عامه جو تنقيدي جائزو
    روسو جو اراده عامه بابت نظريو نامڪمل سمجيو وڃي ٿو. هن نظريي ۾ رياضيءَ وانگر توازن پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، پر اها ڳالهه وساريو ڇڏي، قوم جي مجموعي خيالن ۽ راءِ ۾ قدرتي طور تي ڪڏهن به توازن يا تناسب پيدا نٿو ڪري سگهجي. ڇو ته اهو مختلف طرفن کان مختلف قوتن جي ڪشش تي مبني هوندو آهي.
    1. اراده عامه ۽ مجموعي ارادي جي تخصيص ان ڪري مشڪل ٿي ويندي آهي، جو اراده عامه سڀني ماڻهن جو متفقه ارادو نه هوندو آهي ۽ نه ئي وري راءِ عامه، اڪثريت ۽ اقليت جو ارادو هوندو آهي. مجموعي ارادو ته اهو ئي هوندو آهي، جيڪو متفقه ارادو هجي.
    2. روسو جو اهو چوڻ به غلط آهي، ته فرد ۾ هڪ ئي وقت تي اراده حقيقي به هوندو آهي، ته اراده معتبر به. ان ڪري ارادو حقيقي، هڪ مڪمل مجموعو ۽ ناقابل تقسيم آهي، تنهن ڪري اهو فقط فرد جو ارادو ئي آهي.
    3. روسو جو اهو چوڻ به غلط آهي، ته اراده عامه، انصاف جو معيار ۽ منصفانه عمل آهي، پر روسو اخلاقي قانون جي قوت کي نظرانداز ڪري ڇڏي.
    4. عام مفاد ۽ انفرادي مفاد ۾، انهيءَ نظريي کان تصادم پيدا ٿيڻ جو امڪان رهي ٿو. اراده عامه رياست کي نهايت اعليٰ مقام ڏئي ٿو ته اراده عامه کي وري رياست جي مفاد خاطر پنهنجي مفاد جي قرباني ڏيڻي پوندي آهي.
    5. روسو جو اهو نظريو ڪجهه محدود ۽ مبهم آهي، جيڪڏهن هن جو مطلب اڪثريت جو ارادو ناهي، ته پوءِ عملي طور تي اُهو ڪجهه به ناهي.
    6. جيڪو شخص اراده عامه جي اطاعت کان انڪار ڪري ٿو، ته پوءِ ان کي طاقت جي ذريعي اطاعت واسطي مجبور ڪيو وڃي ٿو. جيڪو آزادي جي سراسر خلاف آهي، تنهن ڪري روسو، انفرادي آزاديءَ کي، اراده عامه جي اختيار سان وابسته نه ڪري سگهيو.
    7. هن نظريي سان رياست کي بالادستي حاصل ٿئي ٿي. ان جو نتيجو اهو نڪري سگهي ٿو، جو حڪومت، عوام جي ارادن جي سانچي ۾ خود سمائڻ جي ڪوشش ڪندي، اهڙي حالت ۾ حڪومت وٽ قوت ۽ پروپئگنڊا جي مشنري به آهي.
    8. هيءُ نظريو وڌيڪ آبادي، ۽ وسيع رياست جي لاٰءِ نامناسب آهي ۽ نمائنده حڪومت جو قيام مشڪل ٿيو پوي.
    Classification of Government
    حڪومت جي ورهاست
    اقتدار اعليٰ (Soverinety)
    روسو جي مطابق اقتدار اعليٰ انهيءَ منظم اداري وٽ هوندو آهي، جيڪو معاشرتي معاهدي جي ڪري وجود ۾ ايندو آهي ۽ اهو اراده عامه ۾ ڪارفرما هوندو آهي، اراده عامه، عوام جي گهربل مفادن جو اظهار آهي، تنهن ڪري انهيءَ اراده عامه ناقابل انتقال، ناقابل ورهاست، ۽ لامحدود آهي، تنهن ڪري اهو تصور منطقي طور تي مطلقيت جي طرف وڃي ٿو، پر بادشاهه جي تصور ڏانهن نه. هو رياست جي فردن کي آزاد قرار ڏي ٿو، ڇاڪاڻ جو اهي سڀ پابنديون پاڻ تي عائد ڪندا آهن، انهن جي آزادي ئي ان لاءِ اقتدار اعليٰ جو مظهر هوندي آهي. روسو انهيءَ نظريي سان اتفاق نٿو ڪري، ته آزادي، برابري ۽ ملڪيت، انسانن جي فطري حقن مان آهن، هو اهي حق فرد کي فطري آزادي جو يقين ناهي، ۽ فقط شهري آبادي کي ئي تسليم ڪري ٿو، ۽ ڪنهن به فرد کي قانون کان برتر نٿو سمجهي.
    حڪومت (Government)
    روسو حڪومت جي ورهاست ۾ پنهنجي اڳئين مفڪرن سان متفق آهي. هو ٽن قسمن جي حڪومت کي تسليم ڪري ٿو: 1. بادشاهت (Monarchy)، 2. اشرافيه (Aristocracy)، 3. جمهوريت (Democracy).
    بادشاهت ۾ هو جنهن قسم جي حڪومت کي پسند ڪري ٿو، ان ۾ عوام کي نظرانداز نٿو ڪري، هن جي خيال ۾ بادشاهه جو هجڻ جيتوڻيڪ ضروري آهي، ليڪن انهيءَ مقتدر اعليٰ کي ڪنهن به قسم جو ڪو به قانون ٺاهڻ وقت عوام جي نظرين خواهشن ۽ احساسن جو ضرور خيال رکڻ گهرجي. روسو جي خيال ۾ جنهن ملڪ ۾ آبادي گهڻي هجي، بادشاهت کان وڌيڪ بهتر ڪو به نظام ٿي نٿو سگهي، البته ننڍي ننڍي ايراضي وارن ملڪن ۾ جمهوريت جو اُسرڻ ٿي سگهي ٿو. ان جو وڏو سبب اهو آهي، ته وڏين رياستن ۾ عوام جي راءِ ۾ ايتريقدر اختلاف هوندا آهن، جو انهن کي مجموعي طور تي ختم ڪرڻ سولي ڳالهه ڪانهي. جيڪڏهن انهن سمورن اختلافن تي مبني حڪومت جي تشڪيل ڪئي وڃي، ته هم آهنگيءَ ۽ يڪجهتي جو بحال ٿيڻ ناممڪن ڳالهه ٿي پوندي ان کانسواءِ فقط ڪنهن هڪ گروه جي راءِ کي ئي اٽل سمجهي، ان تي عمل ڪرڻ سان ئي امن عامه ۾ خطرو پيدا ٿي سگهيٿو. انهيءَ ڪري اُتي فرد واحد جو حڪم تي هلڻ گهرجي ته جيئن ماڻهو هڪ مرڪز هيٺ رهن.
    روسو جو خيال آهي، ته قومن جي ترقيءَ سان گڏوگڏ معاشري جو ماڻهو به تبديل هئڻ جو امڪان ٿيندو آهي. ان ڪري ضروري آهي، ته عوام، بادشاهت جي ڀيٽ ۾ اشرافيه کي پسند ڪرڻ لڳن هو اشرافيه کي بهترين نظام حڪومت تصور ڪندا آهن. اهڙي قسم جي تبديلين لاءِ عوام کي هڪ ٻئي سان هر وقت رابطو رکڻ گهرجي ته جيئن معاشي مسئلن سان گڏ سياسي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ٻين اهم مسئلن ڏانهن ڌيان ڏبو آهي، پنهنجي لاءِ بهترين نظام حڪومت کي پسند ڪرڻ ۾ عوام کي مڪمل اختيار هئڻ گهرجن. ته جيئن اُهي پنهنجن نمائندن کي مقرر ڪرڻ ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار اعلانيه ڪري سگهن. روسو جي خيال مطابق عملي طور تي ”جمهوريت“ ۾ ”اڪثريت“ اراده عامه جي نمائندگي ڪري ٿي ۽ اقليت کي اراده عامه جي پيروي ڪرڻ جي آزادي هوندي آهي، ان ڪري روسو چوي ٿو، ته جڏهن قانون ٺاهيو ويندو آهي، ته اهو نٿو پڇيو وڃي ته اقليت ان قانون، اراده عامه سان مطابقت رکن ٿا يا نه؟
    روسو، آفيسر جي چونڊ جو ڪم به عوام جي سپرد ڪريو ڇڏي. انهيءَ نظريي تحت اڄ به سوئزرلينڊ ۾ سڌوسنئون جمهوريت جا ادارا استصواب راءِ جي ذريعي نون آفيسرن جي چونڊ ڪندا آهن.
    Theory of Individual Liberty
    انفرادي آزادي بابت نظريو
    جيسيتائين روسو جي آزادي بابت نظريي ۽ فردن جي حقن جو تعلق آهي، ته ان سلسلي ۾ هو ان حقيقت جو قائل آهي، رياست ته فردن جي سهولت لاءِ وجود پذير هوندي آهي. ان ڪري هر شهري آزادي جو فطري طور تي حقدار ۽ طلبگار هوندو آهي، هو شهري آزادي (Civil Liberty) جو قائل آهي، اهو صحيح آهي، ته هر شهريءَ کي رائج الوقت قانون جو احترام ڪرڻو آهي، البته مقننه کي اها ڳالهه خاص ڪري مدنظر رکڻي آهي، ته اهڙو ڪو به قانون نه ٺهي، جنهن مان انفرادي آزاديءَ ۾ رڪاوٽ پوندي هجي يا وري انفرادي آزادي کي نقصان رسندو هجي. عمراني معاهدي تحت جڏهن هڪ اداري کي قانونسازيءَ جو حق ڏنو ويندو آهي ته پوءِ ان جي ٺاهيل قانون جي تعميل ۽ اطاعت ڪرڻ معاشري جي هر فرد لاءِ ضروري هوندو آهي، هتي ڳالهه قابل غور آهي، ته روسو پنهنجي پونيئن مفڪرن جي خلاف هڪ فرد کي مقتدر اعليٰ تسليم ڪيو آهي. جڏهن مقتدر اعليٰ رضاءِ عامه هجي، ته پوءِ ان وقت اهڙي قانون جي ٺهڻ جو ڪو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، جيڪو عوام جي مفاد جي خلاف هجي. ۽ عوام جي مرضيءَ مطابق نه هجي. اهڙي ٺهيل قانون کي معاشري جو هر فرد قبول ڪندو، ماڻهو پاڻ کي خوشحال تصور ڪندا.
    روسو فردن جي حقن جي آزاديءَ جو ذڪر هن طرح ڪري ٿو، جيڪو هن پنهنجي ڪتاب ”اعترافات“ (Confesion) ۾ ڪيو آهي. هو لکي ٿو ته رياست ۽ افراد بلڪل آزاد هوندا آهن، ڇاڪاڻ ته حقن حاصل ڪرڻ ۾ اُهي ڪڏهن به هڪٻئي جي خلاف نه هوندا آهن. هن معاشري جا ماڻهو پنهنجي حقن لاءِ ٻي مخصوص ماڻهو جي حقن ۾ دست اندازي نه ڪندا آهن. اهي پنهنجا حق، رياست جي حوالي ڪندا آهن، جيڪڏهن ذاتي آزاديءَ تي ڪا پابندي عائد ڪئي ويندي ته پوءِ اهي ماڻهو معاشري جي خلاف ٿي ويندا. اهڙا قانون مرتب ڪرڻ گهرجن. جيڪي مجموعي طور فردن لاءِ فلاح ۽ بهبود جو ڪم ڏيئي سگهن.

    Educational Philosophy
    روسو جي تعليمي فلسفو
    روسو جي تعليم جي فلسفي کي پيش ڪرڻ وقت افلاطون ۽ ارسطو جي تعليم ۽ تدريس جي خاڪي کي قطعي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هن پنهنجو اهو فلسفو ٻنهي کان مختلف انداز ۾ پيش ڪيو آهي، هو ٻئي چون ٿا، ته ٻار جي تعليم جي شروعات ڪهاڻين سان ڪئي وڃي، جنهن ۾ کين اخلاق همت ۽ جرئت منديءَ جو درس ملي، پوءِ جڏهن ٻار بلوغت کي پهچي، ته پوءِ ان کي اصلي تعليم ڏانهن راغب ڪرڻ کپي. انهيءَ تعليم ۾ سائنسي ادب ۽ معاشرتي علمن کان واقف ڪرايو وڃي.
    روسو انهن ٻنهي جي خلاف آهي، هو چوي ٿو ته ٻار کي ننڍي هوندي کان ئي تعليم ملڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته هن جو ذهن تازو هوندو آهي، هو هر ڪنهن شيءَ کي سولائيءَ سان سمجهي سگهندو آهي. ذهن تيز هئڻ جي ڪري هن جي لاڙي کي جيڏانهن بدلائبو، اوڏانهن بدلجي سگهبو، ننڍي ٽهيءَ ۾ فڪر گهٽ هوندو آهي، تنهن ڪري هن جو ذهن سواءِ تعليم حاصل ڪرڻ جي ٻئي طرف نه هوندو آهي، ان ڪري ٻار لاءِ تعليم جو سلسلو آهستي آهستي سندس ننڍپڻ کان ئي شروع ڪري ڇڏجي.
    روسو جو خيال آهي، ته ٻار کي تعليم اهڙي قسم جي ڏيڻ گهرجي، جيئن هو معاشري ۾ نيڪي ۽ سادگيءَ جي شمع روشن ڪري سگهي، هو چوي ٿو ته ”رياست کان سواءِ والدين تي به اهو فرض عائد ٿئي ٿو ته اهي پاڻ به ٻار جي تعليم ۽ تربيت هٿ سان ڪن، دراصل روسو جو اهو فلسفو انهيءَ سنگدلانه قدم جو رد عمل آهي، جيڪو هن پنهنجي اولاد لاءِ کنيو هو. هڪ زبردست مفڪر هئڻ جي باوجود هن ذاتي جذباتيات ۽ ضد جي ڪري پنهنجو خانو خراب ڪيو، جنهن لاءِ بعد ۾ هن گهڻو پڇتايو.
    روسو معاشري جي فردن لاءِ تعليم جي باري ۾ هيٺيون خاڪو ڏي ٿو:
    1. پنجن سالن کان ڏهن سالن تائين ٻار کي ابتدائي آکاڻين جي تعليم ڏني وڃي، جنهن سان ٻار ۾ اخوت ۽ مساوات ۽ تنظيم پيدا ٿيندي ۽ سندس صلاحيتون اجاگر ٿينديون.
    2. ڏهن کان پندرنهن سالن تائين ٻار کي ملڪ جي سماجي ۽ سياسي تعليم کان واقف ڪيو وڃي.
    3. پندرنهن سالن جي عمر ۾ هن کي تاريخ کان واقف ڪيو وڃي.
    4. سورهن سالن جي عمر ۾ قانوني تعليم ڏجيس.
    قانون جي تعليم سال ٻه سال ڏيڻ کان پوءِ، ٻار کان هڪ اهڙو امتحان وٺڻ گهرجي، جنهن سان هن ۾ قدرتي صلاحيتون اجاگر ٿين. انهن قدرتي صلاحيتن کي پرکي ان مطابق تعليم ڏيئي کيس معاشري ۽ رياست لاءِ ڪارگر بنايو وڃي
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: تاريخ

    لاجواب

    بهترين انفارميشن آهي سنڌ سلامت فورم جي دوستن لا۽

    ادا توهان جي اهڙي ٻئي پوسٽ جو انتظار رهندو

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو