ڳِچيءَ پَايَو ٻَانهَن، وَيٺِي رَوءِ وَڇُن سِين
لَايَان لَالَ لِڱنِ سِين، ائِين جي چَرَو ڪَانهَن
آئون اَوَهَان جي دَانهَن، سَدَا ڀُڻَان سَنَرِي
سُرُ سُهڻي
لَالَ = ڳاڙهي - هتي معنى ٿيندي ميندي
اَئين = اوهان، توهان
ڪَانهَن = ڍنڍن، ڍورن ۽ واهه جي ڪپن تي ڄمندڙ گاهه. سَر جي ڀيٽ ۾ ڪانهَن جا تِيلا نرم ٿيندا آهن جنهن کي مَينهُون شوق سان کائينديون آهن ۽ سندن کير به مٺو ٿيندو آهي. ڪانهَن جي ڪانن يا تيليءَ مان ڪلڪون به ٺاهبيون آهن.
دَانهَن = رَنڀَ، سڏ، رڙ، واڪو، آواز
ڀُڻَان = سُڻان، ٻڌان
سَنَري = خوشيءَ سان، مسرت سان، سرهائيءَ سان
بيت جو پس منظر
سهڻي ميهار جي وَڇن کي ڳچيءَ ۾ ڳراٽي پايو ويٺي روئي ۽ لڙڪ لاڙي. چَئَين پئي ته اوهين منهنجي ميهار جون وَڇون آهيو تنهنڪري جيڪو ڪانهَن جو گاه ٿيون چرو سو جيڪر ميندي ڪري پنهنجي لڱن کي لايان.
توهان جڏهن جهنگ چرڻ وينديون آهيو ته توهان جون رَنڀُون مان پري کان سڃاڻيندي آهيان ۽ مون کي ڏاڍي فرحت، خوشي ۽ سُڪُونُ ملندو آهي.
سمجهاڻي
ڀٽائيءَ جو هي مشاهداتي بيت پنهنجي منظرنگاري ۽ فوٽوگرافيءَ جي لحاظ کان انتهائي شاهڪار آهي. ايئن پيو لڳي ڄڻ ڀٽائي سهڻي ۽ ميهار سان گڏ گذاريو آهي. جڏهن محبوب سان پيار ٿيندو آهي ته سندس دڳن، پيچرن، شهر ۽ ڳوٺ جي ماڻهن، جانورن، پکين، ٻوٽن، وليُن، وڻن ۽ هر شئي سان به پيار ٿي ويندو آهي.تڏهن ته سهڻيءَ جي ميهار سان پيار، محبت ۽ عشق جيڪري سندس وَڇُن سان به پيار ٿو ڏسجي. سهڻي ميهار جي وَڇن کي ڪَنڌ ۾ ڀاڪر هنيون ويٺي هنجُون هاري. وَڇون جيڪو گاهُه ٿيون چرن تنهن کي مينديءَ جيان پنهنجي لڱن تي لائڻ لاءِ بيتاب ٿي ڏسجي. سهڻي نه رڳو ميهار جي مينهُن ۽ وَڇن سان پيار ٿي ڪري پر سندن آوازَ به سڃاڻي خوشيءَ ۾ ٻهڪي پئي ٿي.
___
محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل