سنڌ منهنجي امان

مظهرعلي

سينيئر رڪن
سنڌ منهنجي امان،
توتان صدقو ٿيان،
توکي لٽندو ڏسي،
پيو اندر ۾ پچان۔
توکي جن آ لٽيو،
جنگ تن سان ڪيان،
ٻڌ اي منهنجي امان،
مان اهو ٿو گهران۔
جي مان وڙهندي مران
تنهنجي هنج ۾ رهان۔
پنهنجي وڏڙن جيان،
ٿي امر مان وڃان۔
پر اسد آس آ،
پنهنجي جيئري توکي،
هُوند آجو ڏسان۔
سنڌ منهنجي امان،
توتان صدقو ٿيان۔


مظهر علي وگهيو
 
جواب: سنڌ منهنجي امان

تمام سهڻن جذبن سان سرشار ، قومي ڳالهه انتهائي پراثر نموني ٿيل آهي ۔۔۔
پر اسد آس آ،
پنهنجي جيئري توکي،
هُوند آجو ڏسان۔
سنڌ منهنجي امان،
توتان صدقو ٿيان۔
شاعر جي آس، اسان سڀني جي آس آهي ۔۔۔ ۽ اها ئي آس انشاء الله پوري ضرور ٿيندي ۔۔۔

دوست مظهر، ڇا هي اوهانجو چيل نظم آهي ۔۔۔؟؟؟
 
Back
Top