ڪاڪي آچارڪراچيءَ کان واپسيءَ تي پنهنجي شهر ۾ هڪ ڪلينڪ کولي.. توڙي جو کيس ڪجهه اچي نه پيو پر ڪجهه ڏينهن ئي ۾ ٻنهي هٿن سان پئسا ميڙڻ لڳو ڪاڪي آچار پنهنجي ڪلينڪ تي بورڊ هڻايو، هر مرض جو علاج صرف 300 رپين ۾، جيڪڏهن علاج ۾ فائدو نه ٿئي ته 300 رپين جي بدران 1000 رپيا مون کان کڻي وڃو.. هڪ ٺڳ سوچيو ته اڄ ڀلو موقعو آهي، ڪاڪي آچار کان هزار رپيا ٺڳي اچان. ڪاڪي آچار پڇا ڪئي : ادا ڇا مسئلوآهي ڪهڙي تڪليف آهي؟ ٺڳ: ڪاڪا، مون سان مسئلو اهو آهي جو منهنجي زبان جو ذائقو ختم ٿي ويو آهي!. ڪاڪو آچار: ”بس ايتري ڳالهه..هاڻ ئي تنهنجو علاج ڪريون ٿا“ ڪاڪي آچار پپنوءَ کي چيو : ”پپنو وڃ دٻي نمبر 22 مان شيشي کڻي هن همراهه کي ٽي قطرا پيار“ پپنو شيشِي کڻي آيو۽ همراهه کي اچي پياريائين... پيئڻ ساڻ همراهه دانهن ڪئي. ابا هي ته پئٽرول پياريو اٿئي..“ ڪاڪي آچار چيو: ”ادا مبارڪ هجئي، تنهنجي ذائقي جي سگهه واپس اچي وئي... ڪڍ منهنجا 300 رپيا“ ٺڳ چيو مان ته هن کي ٺڳڻ آيو هئس پاڻ ٺڳجي ويس.. 300 رپيا ڪڍي ڪاڪي آچار جي هٿ تي رکيائين.. هڪ مهيني بعد ساڳيو ٺڳ ڪاڪي آچار کان 1000 رپيو ڪڍڻ جي لالچ ۽ بدلي جي باهه ۾ پهرئين کان وڌيڪ تياري ڪري ڪلينڪ تي اچي پهتو ڪاڪو آچار:”ها ڀائو ڪر خبر طبيعت ته صحيح آهي؟“ ٺڳ: ”ڪاڪا ڪهڙي ٿو طبيعت پڇين، منهنجي ته ياداشت جواب ڏئي وئي آهي. ڪلهوڪي ڳالهه ياد نه ٿي بيهي، ايتري قدر جو تنهنجو نالو ياد نه هو، بورڊ تي پڙهي خبر پئي ته تون ڪاڪو آچار آهين“ ڪاڪي آچار پپنوءَ کي سڏ ڪري چيو: ”پپنو، هن سائين کي ڊٻي نمبر 22 مان شيشي کڻي ان جا 3 قطرا پيار“ ٺڳ دانهن ڪندي چيو: ”ڊٻي نمبر 22 ۾ ته پئٽرول جي شيشي آهي“ ڪاڪي آچار چيو:”توهان بلڪل صحيح چيو.... توهان کي مبارڪ هجئي سائين. اوهان جي ياداشت واپس اچي وئي ڪڍو منهنجا 300 رپيا“ ڪاڪا راڪس، ٺڳ شاڪس
ههههههههههه اهو لطيفو اڳ ۾ به شايد ڪنهن دوست موڪليو هو، پر اهو ڪاڪي آچار جي نالي سان نه ”انجنيئر کولي ڪلينڪ“ جي نالي سان هو.