• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سامونڊي کَارَي کَيڙائُو، مِٺَي مَوٽِي آئِيَا

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
10355721_10204706700245609_5182970573538392144_n.jpg


کَارَي کَيڙائُو، مِٺَي مَوٽِي آئِيَا
سَودَو ڪَنِ نه سَونَ جَو، وَڏَا وِهَائُو
مَوتِي جَي مِهرَاڻَ جَا، تَنِ جَا طَامَائُو
سَامُونڊِي سَائُو، لَنڪَا لُوپَي آئِيَا


سُرُ سَامُونڊي

کَارَي = کارو، لوڻاٺيو پاڻي - سمنڊ جو کارو پاڻي
کَيڙائُو = سمنڊ تي سفر ڪندڙ، سمنڊ جهاڳيندڙ، سمنڊ کي چيري اڳتي وڌندڙ، سمنڊ ذريعي واپار ڪندڙ
مٺَي = سنڌو نديءَ جي مٺي پاڻيءَ ڏانهُن
وِهَائُو = ڳولائو، تاڪائو، طمع رکندڙ، طلبيندڙ
سَائُو = شاهوڪار، آسودا، سکيا ستابا
لَنڪَا = سيلون، نئون نالو سريلنڪا - هندستان جي ڏکڻ ۾ هڪ مشهور ٻيٽ آهي. اڳئين دور جو وڏو واپاري مرڪز، خاص ڪري سون ۽ موتين جو واپار
لُوپَي = لٽي، ڦري، مات ڏئي

بيت جو پس منظر

سمنڊ ذريعي واپار ڪندڙ سنڌ جا سوداگر سنڌو نديءَ ذريعي ڏيهه واپس آيا آهن.
تمام وڏا سوداگر جيڪي صرف سون جو واپار نٿا ڪن پر هي ته مهراڻ جي موتين جا به گهرجائوآهن.
هي سامونڊي واپاري نهايت شاهوڪار ۽ ذهين آهن جو لنڪا جي واپارين کي مات ڏئي آيا آهن.

سمجهاڻي

ڀٽائيءَ جو هي بيت گهڻ رُخو، گهڻ پاسائون ۽ تاريخي آهي. ڀٽائي دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي واپارين کي وڏو واپاري ٿو سمجهي. سنڌ جا واپاري دنيا جي وڏين وڏين واپاري منڊين سان واپار ڪن ٿا. هي نه رڳو سون پر هيرن، موتين، لعل جواهرن جو به واپار ڪن ٿا. هي ايڏا ذهين، چالاڪ ۽ هوشيار آهن جو ٻين ملڪن جي واپارين کي ڦريو، لٽيو ۽ مات ڏيو اچن.محترم انور پيرزادو صاحب پنهنجي ڪتاب " ڀٽائي" ۾ لکيو هو ته سنڌ جي تاريخ جيڪا بد قسمتيءَ سان اڃان تائين نه لکي وئي آهي، ان لاءِ سنڌ جي عالمن، دانشورن، ڏاهن ۽ تاريخدانن تي مشتمل بورڊ جوڙيو وڃي ۽ سنڌ جي تاريخ ڀٽائيءَ جي رسالي مان ترتيب ڏئي لکيوڃي. افسوس آهي ته سنڌ جا موجوده حڪمران شايد ان قابل ئي ناهن جو هو جيجل سنڌ لاءِ ڪو عملي قدم کڻن. ته پوءِ هن سون جهري سنڌ جيڪا هينئر لاوارث ۽ ننڌڻڪي آهي ان جو ڪو والي وارث ٿيندو به يا نه...!!؟

_____
محترم مظفر منگي صاحب جي ٿورن سان سندس فيسبوڪ وال تان ورتل
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top