هڪ ڪانوء ڪنهن جهنگ ۾ رهندو هو ۽ مطمئن زندگي گذاري رهيو هو.. پر هڪ ڏينهن هن هڪ ٻگهه ڏٺو... ڀُورو ۽ بگو ٻگهه ڏسي ڪانوء سوچڻ لڳو .. “مان ڪيڏو نه ڪارو آهيان... ۽ هي کير جهڙو اڇو ٻگهه.. يقينن هي مون کان وڌيڪ خوش ۽ مطمئن زندگي گذاريندو هوندو... ” اها ڳالهه جڏهن هُن ٻگهه سان ڪئي ته ٻگهه کيس جواب ڏنو.. “بلڪل مان تيسين پاڻ کي سڀ کان وڌيڪ سهڻو ۽ خوبصورت سمجهندي مطمئن زندگي گذاريندو هيس جيسين مون هڪ طوطو نه ڏٺو... طوطو ٻه رنگو ۽ خوبصورت ٿي لڳو.. تڏهن مون سوچيو ته مون کان وڌيڪ خوش ۽ مطمئن زندگي طوطو گذاريندو هوندو..” طوطي جو پتو معلوم ڪري ڪانوء طوطي سان اچي مليو... ۽ کيس دنيا جو خوبصورت ۽ مطمئن زندگي گذاريندڙ جيوت سمجهندي مبارڪون ڏنائين... طوطي کيس چيو... “ واقعي به مان ڏاڍو مطمئين ۽ خوش زندگي گذاريندو هيم.. جيسين مون هڪ مور نه ڏٺو ... مان ته رڳو ٻه رنگو آهيان.. جڏهن ته مور گهڻ رنگي ۽ انتهائي خوبصورت آهي... يقينن هو مون کان وڌيڪ خوش ۽ مطمئن زندگي گذاريندو هوندو..” ڪانوء مور جو ٻڌو ته کيس وڌيڪ اشتياق ٿيو ۽ هُو پتو ڪندو هڪ چڙيا گهر اچي پهتو... جتي هُن ڏٺو ته سوين ماڻهون مور کي ڏسڻ آيا هئا... جڏهن ماڻهون گهٽ ٿيا ته ڪانوء مور وٽ پهتو ۽ کيس چيائين.. “پيارا.. ڪيڏو نه سهڻو آهين تون.. روزانو توکي ڏسڻ هزارين انسان ايندا آهن.. پر جڏهن ڪو انسان مون کي ڏسندو آهي ته جهڻڪي ڇڏيندو آهي.. ان ڪري مون کي پڪ آهي ته تون دنيا جو خوبصورت پکي آهين ۽ ان ڪري تون پنهنجي زندگي مطمئين گذاريندو هوندي..” مور هڪ ٿڌو ساهه کنيو ۽ وراڻيو.. “مان هميشه اهو ئي سمجهندو هيس ته مان دنيا جو خوبصورت ۽ مطمئن پکي آهيان.. پر جلد مون محسوس ڪيو ته هيءَ خوبصورتي ته مون لاءِ وڏو ڏچو آهي.. جو ان خوبصورتيءَ جي ڪري ئي مون کي چڙيا گهر ۾ قيد ڪري رکيو پيو وڃي.. اهو ئي سبب آهي جو هتي مون ٻين پکين کي ڏسڻ شروع ڪيو ۽ آخرڪار مون ڄاتو ته رڳو ڪانوء ئي اهڙو پکي آهي جنهن کي قيد نه ٿو ڪيو وڃي.. ان ڪري گذريل ڪجهه ڏينهن کان مان دعا گهرندو رهيو آهيان ته اي ڪاش جيڪر مان ڪانوء هجا ها.. هن قيد مان آزاد ٿي کليل هوا ۾ هيڏانهن کان هوڏانهن اڏرندو رهان ها.. ڪوبه مون کي پڪڙي قيد نه ڪري ها... ۽ مان خوش خوش ۽ مطمئن زندگي گذاريان ها....” سبق: اسان جو مسئلو به ساڳيو ئي آهي.. اسان پاڻ کي ٻين سان غير ضروري طور ڀيٽا ڪندي افسوس ڪندا رهندا آهيون.. جڏهن ته اسان اهو بلڪل ناهيون ڏسندا ته الله تعالى اسان کي ڪهڙيون خوبيون ڏنيون آهن..
ادا ذيشان رشيد السلام عليڪم! انسان کي الله پاڪ اهڙي مٽي مان ٺاهيو آهي جو هوڪنهن حال ۾ به خوش نه هوندو آهي، خوب کان خوب تر جي تلاش ۾ پنهنجي سڄي زندگي تباه ڪري ڇڏيندو آهي۽ پنهنجي اصلي مقصد جنهن جي لاء هن کي دنيا ۾ موڪليو ويو هوان کي وساري ويهندو آهي. توهان جي مختصر ڪهاڻي ۾ لڪل پيغام دل ۾ جاء ٺاهي ورتو. توهانجون مهربانيون.