گوگل جمعي واري ڏينهن ائنڊرائيد جو نئون ورزن لولي پوپ 5،0 متعارف ڪرايو آهي. لولي پوپ ۾ گوگل جو نئون ”مٽيريل ڊزائين “استعمال ڪيو ويو آهي.جڏهن ته هن ۾ ملٽي ثاسڪنگ بهتر بڻايو ويو آهي .ائنڊرائيد لولي پوپ ۾ نوٽيفڪيشن جي نظام کي بهتر بڻايو ويو آهي.جنهن ذريعي توهان پيغام،اي ميلز جو جواب لاڪ اسڪرين ذريعي به ڏئي سگهو ٿا.ان کان علاوه هن ۾ هڪ بهترين فيچر به شامل ڪيو ويو آهي ،جيڪڏهن توهان ڪو به اپليڪيشن يا گيم کيڏي رهيا هجو ته توهان ڏي ڪا ڪال يا ايس ايم ايس اچي ته سسٽم هڪ فيچر ڏيندو جنهن سان توهان اها گيم کيڏو يا ڪال ٻڌو گوگل جي مطابق هن ۾ بيٽري جو خاص ديان رکيو ويو آهي.هن ۾ بيٽري سيونگ جو فيچر شامل ڪيو ويو آهي.جنهن سان توهان جي فون جو چارج ختم ٿيڻ تي اضافي چارجنگ جو بيڪ اپ ڏيندو.جيڪو پراڻين ورزن کان بهتر استعمال ڪندو ان کان علاوه ٻيا به کوڙ سارا فيچر شامل ڪيا ويا آهن ائنڊرائيد لولي پوپ جلد ٽن مهينن ۾ مارڪيٽ ۾ اچي ويندو.
نئين ورجن ۾ گوگل دعوى ته گهڻا ڪيا آهن جن مان ٽاپ پنج هي آهن.. ميٽيريل ڊيزائين پاپ اپ نوٽيفيڪيشن بيٽري لائيف وائيز شيئر بهتر سيڪيورٽي جن جي وضاحت هن وڊيو ۾ موجود آهي... هاڻي اهو وقت ٻڌائيندو ته گوگل وارن جو لالي پاپ واقعي ئي مقبوليت ماڻي ٿو يا اهو سندن طرفان لالي پاپ ئي هوندو...
بيٽري ۾ وائيس ڪمپني جا سيٽ سٺا آهن خاص طور تي وائيس وِي 10. جيڪو اينڊرائيڊ 4.2 جيلي بين آهي.. مون وٽ ڪافي ڏينهن اڳ اهو سيٽ هو ۽ هاڻي ناهي. هينئر جيڪو مون وٽ سيٽ آهي ان جي بيٽري لائيف تمام سٺي پئي هلي گهٽ ۾ گهٽ 2 ڏينهن ته بيٽري هلائي ٿو
ائنڊرائڊ شروع ۾ 1.0 ۽ 1.1 ورجن جا نالا الفا بيٽا ڏِنا. پر پوءِ ٽيون نمبر ڪپ ڪيڪ جي نالي سان ڏيئي جيڪا کاڌن جي نالي سان نالا رکڻ جي روايت وِڌي سا اڃان جاري آهي. Donut) 1.6) Eclair) 2.0–2.1) Froyo) 2.2–2.2.3) Gingerbread) 2.3–2.3.7) Honeycomb) 3.0–3.2.6) Ice Cream Sandwich) 4.0–4.0.4) Jelly Bean) 4.1–4.3.1) KitKat) 4.4–4.4.4) Lollipop) 5.0) هاڻي هن جو اپڊيٽ يا نئون ورجن M سان هوندو. ۽ يقينن ڪنهن کاڌي جو نالو. ڪو اندازو ڪري ڀلا ته ڇا هوندو؟ اوهان جي آساني لاءِ ڪُجهه نالا ڏجن ٿا. M سان انگريزي کاڌن جا نالا ڪُجهه هن ريت آهن. macaroni mango margarine milkshake mushrooms ذيشان رشيد جهڙا خوش نصيب ته رليز کان اڳ ئي پنجون ورجن استعمال ڪري رهيا آهن. اسان جڏهن ورتو ته ڏِسبو ٻيو نه ته گهٽ ۾ گهٽ بئٽري جو بچاءُ آهي يا واقعي لالي پاپ آهي.
جي ها بيٽري ۾ وائيس سيٽ ڀلا آهن مون وائيس v 14 ورتو آهي.اهو به بهترين آ.بيٽري به زبردست آهي.ٿري جي سپورٽيڊ آهي
سائين توهان ڌڪو صحيح هنيو. لولي پوپ کان پوء ائنڊرائيڊ جو نئون ورزن M يعني Marshmallow جي نالي سان ايندو.