آباد وارو دڙو

جبار آزاد منگي

سينيئر رڪن
ماڳ جو نالو: آباد وارو دڙو
ماڳ جو قسم: دڙو
ماڳ جو هنڌ: ڳوٺ آباد تعلقو روهڙي ضلعو سکر
هي ماڳ دڙي جي صورت ۾ ڳوٺ سهتيجو کان ڏيڍ ڪلوميٽر اتر ۾ ڳوٺ هتري کان 2 ڪلوميٽر اتر اولھ ۾ ۽ 35 ڪلوميٽر روهڙي جي اوڀر ۾ آهي.دڙو 590 ميٽر ڊگهو ۽ 150 ميٽر ويڪرو آهي.ٺڪر جي وٿن ۾ هڪ ٺڪر تي اُٺَ جي خوبصورت شڪل کان سوا ٻين جانورن جي شڪل جو ٺڪراٺو مليو آهي.پٿر جون وٿون ٽامي ۽ ڪنجهي جي وٿن سان گڏ ملن ٿيون.ان کان سوا سِرُن جا ٽوٽڪا.چلمن جا ٽڪرا،ڀڳل چوڙيون،ڪنن جون واليون وغيره ملن ٿيون.
(سنڌ جي قديم آثارن جر ڊائريڪٽري مان ورتل)
 
Back
Top